هڪ نظر: ”ڪاريگر ڪهاڻيڪار“
سنڌي ادبي سنگت جيڪب آباد جي ڪارڪردگي رپورٽ (ڇپيل ڪتابچو) ملي ته مون ان کي پڙهيو ته مون کي شيخ اياز جي سرجيل هڪ سٽ ذهن تي تري آئي ته اڃا رڃ مان رڙ اچي ٿي رڙ اچي ٿي...........
سڀني دوستن کي جس هجي جيڪي پنهنجي مصروفيتن جي باوجود ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان سنڌي ادب جي خدمت کي به پنهنجو فرض سمجهي نڀائي رهيا آهن، ڪارڪردگي رپورٽ ۾ ساٿي عباس سارنگ جي ڪهاڻي ”فرشتو“ هڪ مڪمل ڪهاڻي آهي، جيڪا هڪ ڪهاڻي جي سڀني گهرجن کي پورو ڪري ٿي. ليکڪ پاڻ کي هڪ انسان سمجهي ٿو جيڪو فطري طور تي لالچي به آهي. لفظ انسان کي جيڪڏهن اسان لغت ۾ ڏسنداسي ته ان جي معنيٰ آهي خطادار ۽ خطادار لالچ ۾ اچي غلطيون ڪري ٿو. اهڙي لالچ جيڪا سڪون کي تباهه ڪري ٿي. ليکڪ جون ڇپيل ڪهاڻيون هڪ ڪتابي صورت ۾ پڙهڻ جو پڻ موقعو مليو. جيڪي سڀ ڪهاڻيون مڪمل هيون ۽ اهي سڀ مون هڪ ساهي ۾ پڙهيون هيون ۽ ڪجهه وقت کان پوءِ انهن کي ٻيهر پڙهيو.
اهڙيون ڪهاڻيون دل ۾ درد رکندڙ ئي سرجي سگهي ٿو. هڪ اهڙو درد جيڪو جيئڻ لاءِ اتساهي ٿو. جيڪو درد زندگي ۾ هڪ نئون جذبو ۽ نئون موڙ بخشي ٿو. ليکڪ جون ڪهاڻيون مختصر پر جامع آهن. اها سندس ئي ڪاريگيري آهي ته اهڙا موضوع جن تي ناول لکجي سگهجن، انهن کي جامع انداز ۾ مختصر ڪري لکجي. موضوع عام رواجي ۽ اهڙا جيڪي اسان جي ماحول جي عڪاسي ڪندڙ هجن، اهو سندس جو ڪمال آهي.
مشتاق ڪلوڙ
لاڙڪاڻو