بيوروڪريٽ - جبار آزاد منگي

بيوروڪريٽ

جبار آزاد منگي | 2 منٽ

کليل جيل جا قيدي پنهنجن پنهنجن ڪمن ۾ مشغول هيا، هڪ نوجوان جيل جو 21 نمبر قيدي، جنهن کي غلامي وراثت ۾ ملي هئي. هُن جي اکين ۾ هر وقت نفرت جي باھ شعلا بنجي ٻرندي رهندي هئي. جيل جو هر قيدي پنهنجي پنهنجي ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي رهيو هو. ان نوجوان 21 نمبر قيدي جي هٿ ۾ تيز ڇُرو هيو، جيل جي وڏي ايوان ۾ هو تيزي سان ڊوڙندو آيو ۽ ويهين نمبر قيدي کي پٽ تي دسي ان جي سيني مٿان ويهي سندس کوپڙي تيز ڇري سان ٻه اڌ ڪري ڇڏي ۽ 20 نمبر قيدي جو ميڄالو پنهنجي هٿ ۾ جهلي، ڀرسان بيٺل ڪتي کي کائڻ لاءِ ڏنو، ڪتي ميڄالي کي سِنگهي منهن ٻي طرف ڪري ڇڏيو. سڀ قيدي پريشاني وچان 21 نمبر قيدي کي ڏسندا رهيا.
تو! هِن 20 نمبر قيدي کي قتل ڇو ڪيو؟ هڪ قيدي هٻڪندي پڇيس.
هي منهنجي وطن جي مٽي کي ڳوهي بڻايو ته ضرور ويو هو، پر هي پنهنجي ذات لاءِ سوچي ملڪيت گڏ ڪرڻ جي ڊوڙ ۾ وطن جي مٽيءَ جي خوشبوءِ کي وساري چڪو هو ۽ جيڪو به مٽيءَ جي خوشبوءِ کي نٿو سڃاڻي اهو منهنجي قانون موجب هن قسم جي سزا جو حقدار آهي. 21 نمبر قيدي 20 نمبر قيدي جي سيني تان اٿندي ٻين قيدين کي مخاطب ٿيندي چيو.
“ تو انهي قيدي جو ميڄالو ڪڍي ڪتي اڳيان ڇو رکيو ۽ اها ڳالھ سمجھ ۾ نه آئي ته ڪتي ميڄالو ڇو نه کاڌو!!؟” جيل جي ٻئي قيدي ڳيتون ڏيندي پنهنجو سوال پڇيو.
“هن 20 نمبر قيدي جي ميڄالي ۾ سازش، منافقي، ڪوڙ ۽ حسد، لالچ ۽ حوس، مفاد پرستي ۽ غداري کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه هو، ۽ اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو ته جانورن ۾ وفادار جانور به انهيءَ غدار جو ميڄالو نه کاڌو ڇو ته هي غدار هو ۽ ڪتو وفادار”. نوجوان فاتحانه انداز ۾ قيدين کي ٻڌايو.
آخر هي هيو ڪير؟ جيل ۾ نئين آيل قيدي پڇيو.
هي قوم دشمن ۽ رشوت خور بيوروڪريٽ هيو. نوجوان ائين چئي تيز ڇُرو هوا ۾ گھمائيندو پنهنجي بيرڪ ڏانهن هليو ويو.