پنج ڏه اٿئو - ثاقب بلوچ

پنج ڏه اٿئو

ثاقب بلوچ | 1 منٽ

هڪ معصوم خوبصورت, پڌمڙو آواز, ڄڻڪ موسم بهار جو سنڪيت هجي, ڄڻک ڀٽائي جو ڪو ڀيت هجي, اُھو آواز مونکي روز ٻُڌڻ وٽان ملي ٿو مان جڏھن به سوسائيٽي جي هڪ هوٽل تي ماني کائڻ ڪاڻ ويندو آھيان تڏھن هو روز منهجي آڏو اچي بيهندو آھي ۽ چوندو آھي.
”پنج ڏھ اٿئو!
اُهي ٽي شبد ڄڻڪ حواسن کي ھينگ ڪري ڇڏيندا آھن, ڄڻڪ ماحول جي محور ۾ گونجدا آھن, ۽ سنڌ جي قديميت کي پنهجي درد جو سنڪيت ڏيندا آھن, ۽ چوندا آھن او دودا, او هوشو او هيمو.
”پنج ڏھ اٿئو!
تڏھن مان اُن معصوم جي شبدن تي شرمسار ٿي ويندو آھيان ۽ اهو اهڙو پل هوندو آھي جڏھن سنڌھي سڏرائڻ تي فخر ناهي ٿيندو, هڪ دفعي جڏھن هو روز جي معمول تحت مون آڏو آھيو ۽ چيائين...
”پنج ڏھ اٿئو!
مان هن کي ڪجھ پئسا ڏنا ۽ پڇيو...
”پٽ تنهجو بابا ڇا ڪندو آھي؟
هن چيو...”بابا ڪوچ ڪري ويو آهي. يعني فوت ٿي ويو آهي.
مان وياڪل ٿي ويس ڇو ته اُن وقت مون ڀٽائي جي ڀيتن کي يتيم ٿيندي ڏٺو, مون سنڌو جي جل کي کن پل لاءِ بيهندي محسوس ڪيو ۽ مان وياڪل ٿي اُن کي چيو...
”اڇا ته پٽ پوءِ توهان کي ڪير سنڀاريندو آھي؟
اُن چيو... ”مونکي امڙ سنڀاريندي آھي.
مون چيو... ”توهانجي امڙ ڇا ڪندي آھي؟
اُن چيو... ”اها فاٽڪ تي پنندي آھي.
مون چيو... ”اڇا ته توهان ڪير ڪير آھيو گهر منجهه.
اُن چيو...”مان, امان ۽ منهجا ٻه ننڍڙا ڀائر آھن مان هتي روز ايندو آھيان پنڻ ۽ امان فاٽڪ جي هوٽلن تي پنندي آھي اهڙي ريت اسانجي گهر جو گاڏو ھلندو آھي.
مون چيو...”اڇا ٺيڪ بابا, الله خوش ڪندئي.
هو وري ڪنهن ٻئي ٽيبل تي ويو ۽ اهو ئي ساڳيو جملو دُهرايائين.
”پنج ڏھ اٿئو!