مينٽل ائپروچ
هوءَ مھمان ٿي آئي هئي، پر لڳي ايئن رهيو هو ته هوءَ پاڻ تي ڪجهه گهڻو نازان آهي، يا وري وڏائيءَ جو شڪار هئي. تعلق ته پڙهائڻ جي شعبي سان هئس پر فيشن، سونھن، گهر گرهستي، ٻارن جي پڙهائڻ جا نوان ڪورس، ان جون داخلائون ۽ انٽري ٽيسٽون، سڀ ته ياد هئس. پنھنجي وڏ گهراڻي جا ڪيترا قصا، آپا... فلاڻي جو پٽ آهي ته ان جي سليڪشن ٿي وئي اٿو ۽ وڏي آپا، وري خوشي ۽ مسرت جو اظھار ڪري انکي ويتر آشير واڌ ڏئي رهي هئي. ڀلا ڏئي به ڇونه. هڪ ئي ڪلاس جون مايون گڏبيون ته غريب غربي تي ته اک ئي ڪونه ٻڏندي نه. اٿن اهو اسٽيٽس، اهي ڳالهيون، گاڏين جي مٽاسٽا، برانڊ ذريعي ڪپڙن جي سيل ماستريءَ جي اها ئي ته ماستري آهي. ڪلاس ۾ ٻارن کي چپ ڪرائڻ ۾ پيرڊ پورو ۽ اسٽاف روم ۾ ڳالهين جون ڳھير، ڪجهه گلا، ڪجهه طنز، ڪجهه ٽوڪ، ڪجهه ٻٽاڪ ۽ ڪجهه مذاق، اصل بس ئي نه ڪن. ڀل ڀر ۾ ويٺل پئي جکائون کائن.
شادي شده هونديون ته ڪنوارين تي ايئن پيون تيرن جا تير اڇلائينديون ڄڻ غير شادي شده هجڻ ڪو جرم آهي. ان مھمان ٿي آيل پنھنجي اپسرائي ۽ جوانيءَ جي جوڀن جي ڪھاڻيءَ کي انهن کي لفظن تي ختم ڪيو آپا ..... توهان ته مون کي پڙهايو آهي، ياد اٿو ته منھنجي فگر ڪيئن هئي، هي ته ٻارن کانپوءِ وڃي هاڻي منھنجو وزن وڌيو آهي. منھنجو مڙس به ايئن ئي چوندو آهي.
آپا فروٽ کائيندينءَ .... ڪنڌ ڌوڻيو، ٿورو مسڪرايو ... پر ڏسو نه اڄوڪين ڪنوارين کي ڏسو نه هينئن لڳيون پيون آهن، ڪجهه ماڻهو پنھنجو خيال رکندو آهي. منھنجي ڀر ۾ ويٺل ٽيچر ٺونٺ هڻي چيو، ”خير ته آهي گهڻا سال ڪنواري ويٺي هئي؟“
”اها اٿئي اڄوڪي ٽيچر جي مينٽل ائپروچ.....“
**