• رَضوان گُل ــ ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار - رضوان گل

• رَضوان گُل ــ ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار

رضوان گل | 2 منٽ

رضوان گُل سان ڏيٺ ويٺ لاءِ ڇا چوان؟؟ ڏيٺ فيس بوڪ تي ٿي آهي ۽ ويٺ ڪڏهن ٿي ناهي. آمهون سامهون نه مليا آهيون نه ڪچهري ٿي آهي البت سندس سڃاڻپ يا تعارف سندس ڪهاڻين ذريعي ٿيل آهي. ادبي ڪُٽنب جا ڀاتي آهيُون ۽ ڀاتيءَ جو رشتو مون لاءِ هميشه اُتم رهيو آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهيون اٿم. موضوع جي چونڊ ۾ انتهائي نرالو ۽ منفرد ڪهاڻيڪار آهي. نوان ۽ اَڇُهيا موضوع ڳولي ويهي پنهنجي ڏات ۽ ڏانءَ وسيلي ڪهاڻي جي ڪئنواس تي لفظن جي رنگن سان واقعن جا احساساتي عڪس اُڪيري ٿو. ڪهاڻي ۾ ٻوليءَ جي لحاظ کان پختو نظر اچي ٿو. ٻوليءَ جو تخليقي جوهر به وکيري ٿو. سندس ڪهاڻين ۾ جذبات نگاري ۽ حقيقت نگاري جو پهلو ڏاڍو مضبُوط آهي. پنهنجي ماحول، موجوده وقت ۾ معاشري جي سياسي، سماجي، اخلاقي قدرن سان ٺهڪِي قلم کي جُنبش ۾ آڻي ٿو. اُن ڳالهه جون گواهه سندس ئي ڪهاڻيُون آهن. سندس ڪهاڻين ۾ جدت جي خوشبوءِ به آهي ته خيالن جي نُدرت به آهي. ڪهاڻي جي فن تي کيس مزيد قُدرت حاصل ڪرڻ جي اڃا به گهرج آهي. اُن سلسلي ۾ هرگز مايوس ناهيان ڇو ته رضوان گل وٽ ذهانت، محنت ۽ جُستجُو لاتقنطُو وارو گُڻ سندس ڪهاڻين مان ئي جهلڪندي نظر اچي ٿو ۽ اِهو ئي گُڻ کيس ڪهاڻي جي فني ڪمال يا دسترس ڏانهن آساني سان وٺي ويندو.
سندس ڪهاڻين تي تفصيل سان لکڻ کپندو هو پر مصروفيت ۽ وقت جي قلت سبب اختصار جو سهارو وٺڻو پيو آهي. سندس ڪهاڻيُون ”بُت بڻجي ويل شخص“، ”سپنن جو انت“، ”اجهاڻيل ڏيئو“، ”اسسٽنٽ پروفيسر“، ”روشنيءَ جو سفر“، ”ڏنگيل خوشيون“، ”لڙڪ ۽ مُرڪ“ ۽ ٻيون ڪهاڻيون کيس بهترين ڪهاڻيڪارن جي قطار ۾ شامل ڪن ٿيون. اُن حوالي سان رضوان گُل کي ڪهاڻي کيتر جو کٽڻهار چوان ته وڌاءُ نه ٿيندو. سندس ڪهاڻين ۾ بهترين ڪهاڻيڪار جي خوشبُوءِ موجود آهي. سندس ڪهاڻيون پڙهي ويساهه پُختو ٿيو ته، نه ڪهاڻي کي گولي لڳي آهي ۽ نه ئي ڪهاڻي مُئي آهي. ڪهاڻي اڄ به زندهه آهي. اميد اٿم ته رضوان گل پنهنجو سڦل سفر جاري رکندو ۽ سنڌي ادب جي جهول ۾ انمول ڪهاڻين جو اضافو ڪندي ڪهاڻي کيتر ۾ پنهنجي اڃا به اهم جڳهه جوڙي وٺندو.

عزيز ڪنگراڻي
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج
واهي پانڌي، جوهي.