اڻاوا پنڌ، اڻاوا لاڙا : حميد سنڌي
”سيمي“ ۽ ”اداس واديون“ کان پوءِ ”ويريون“ منهنجي حياتي جا ويهه سال. حياتي به اها جنهن ۾ انهن ڪهاڻين جي ڪردارن سان گڏ گهاريو اٿم. سندن ڏکن مون کي ماريو آهي، سندن خوشين مون کي جياريو آهي. سندن حياتي منهنجي حياتي کان ڪنهن به طرح مختلف نه آهي، ڇاڪاڻ ته منهنجي هر ڪهاڻي سنڌ جي ڪهاڻي آهي ۽ ان جو هر ڪردار سنڌ جي معاشري سان واسطو رکندڙ آهي ۽ مان به انهن وانگر هن معاشري جو اهڙو فرد آهيان، جيڪو ڪڏهن ڀريءَ ۾ ته ڪڏهن ڀاڪر ۾. جتي به منهنجي ڪن ڪردارن بغاوت ڪئي آهي، ڪوڙ ۽ ڪپت جون ڪڙيون ٽوڙيون آهن يا بنهه مايوس ٿي لنگر لاهي ويهي رهيا آهن، اتي مان به پٺتي نه رهيو آهيان ۽ وک وک سان ملايو کنيون اچان. ڇاڪاڻ ته سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۽ مٽيءَ ۾ هڪ عجيب پر وڏي مڻيا آهي. اسان جو ماڻهو ٽپي ته درياهه به ٽپي وڃي، نه ته اڏ تي بيهيو رهي. تنهن هوندي به ”ٺوٺ ڌرتي“ جو مينهاڻي مست اهو چيو ڏئي ته مستن ۾ وڏي مڻيا آهي ۽ مست ٿيڻ لاءِ ڌرتي سان اڻ ميو پيار هئڻ تمام ضروري آهي.
هونئن ته مون کي سڀ ڪهاڻيون ۽ ان جا ڪردار پيارا آهن، پر اهڙيون ڪهاڻيون وڌيڪ پياريون اٿم جن کي جنم ڏيندي ڪي علامتون ۽ اهڃاڻ منهنجي آڏو هئا ۽ ان جي ڪري ذهني عذاب به ڀوڳيو اٿم. انهن ۾ خاص طور ”ويريون“، ” ڌوپار“، روشن اوندهه“، ” جنت“، ” دربان“، ”هڪ هرڻي جي ڳالهه“ ۽ ”ٺوٺ ڌرتي“ اچي وڃن ٿيون. شايد انهيءَ ذهني تڪليف ڪري اڃان تائين ٻه نيون علامتي ڪهاڻيون ” ميل جو پٿر“ ۽ ” جنهن دل پيتا عشق دا جام“ مڪمل ڪري نه سگهيو آهيان. شايد اهي ڏک ۽ ذهني عذاب ايترو ته پيارا اٿم جو جدا ڪرڻ تي دل نه ٿي چوي ۽ سمجهان به اهوئي ٿو ته هاڻ منهنجي ڪهاڻين جا رخ لاڙا ۽ پنڌ اهڙا ئي اڻاوا هوندا.
مان انهن پيارن جو ٿورائتو آهيان، جن منهنجي ڪهاڻين جو پنڌ سڃاڻي ٻولاچاري لائق سمجهيو آهي. رايا سڀ ته هٿ نه اچي سگهيا اٿم پر جيڪو پراڻن توڙي نون ڪاڳرن ۾ داخل مليو اٿم اهو هن ڪتاب ۾ شامل آهي.
مان هتي پنهجي هڪ ساٿيءَ جو، جيڪو سڏ ۾ ساڻي رهيو اٿم، ٿورو ضرور مڃيندس، ڇاڪاڻ ته هن کان سواءِ هيءُ ڪتاب جيڪو ٻه ورهيه پريس فارمن جي صورت ۾ سڙندو رهيو ۽ نڪري نه سگهي ها. ها، مان پياري نانڪ جو تمام گهڻو ٿورائتو آهيان.
شال جيئن منهنجا ساٿيئڙا ۽ سانگيئڙا جن مون کي وَرُ وَرُ پي جياريو آهي. اڳتي به هئڙن اڻاون پنڌن ۽ لاڙن ۾ اڻائو واءُ ڏسي به منهن نه موڙيندا.
[b]حميد سنڌي[/b]