حيثيت
منظور ڪوهيار | 1 منٽ
هڪ خود پسند شخص جبل سان دوستي رکي، پاڻ کي ڪوهيار‘ سڏائڻ لڳو. جڏهن به جبل جي چوٽيءَ تي چڙهندو هو، ته جبل سان پنهنجي دوستيءَ جو دم ڀريندي مٿائنس احسان جتائيندو هو:
”جبل، مون کي شابس ڏي، جو مان تنهنجي چوٽيءَ تي چڙهي، توسان دوستيءَ جو دم ڀريان ٿو.“
جبل ٻڌي ٻُڌي نيٺ تنگ ٿي پيو ته هڪ ڏينهن چيائينس :
”ڪوهيار جي تون چاهين ته مان تنهنجي ان احسان جو بدلو چڪائي ڇڏيان.“
”ڪيئن احسان چڪائيندين؟“ڪوهيار تجسس وچان پڇيس.
جبل وراڻيو، ”جيئن تون منهنجي چوٽي تي چڙهي احسان ڪرين ٿو، تيئن آءٌ تنهنجي مٿان چڙهي احسان چڪائي سگهان ٿو.“
اِهو ٻڌي ڪوهيار وراڻيو،
”جبل، تون پنهنجي جاءِ تي بيٺو رهه، مون کي منهنجي حيثيت جي خبر پئجي وئي.“