خوشين ڀري عيد - خادم گهراڻو

خوشين ڀري عيد

خادم گهراڻو | 3 منٽ

رمضان جو مهينو هلي رهيو هو هرڪو روزا رکي عيد جون تياريون ڪري رهيو هو هر ڪنهن جي تمنا هئي ته سٺا سهڻا ڪپڙا پايون پر اوچتو اٺين آڪٽوبر تي زلزلو آيو جنهن هر ڪنهن جو جيءُ جھوري وڌو هرڪو توبه تائب ٿيڻ لڳوزلزلي کان پوءِ اڪبر جو جيءُ جھري پيو هو هن جي من ۾ عيد جي تياري جي ڪابه تمنا نه هئي هڪ ڏينهن هي ٽي وي تي ويٺو هو ته هن هڪ منظر ڏٺو هڪ معصوم ٻار جيڪو سال جو به نه هو پنهنجي ماءُ کي جھنجھوڙي رهيو هو ڄڻ هن کان کير طلبي رهيو هو پر هن جي ماءُ هڪ وڏي پٿر جي هيٺ ستل هئي اهڙي ننڊ ۾ ستل هئي جنهن مان هن کي ڪير به اٿاري نٿي سگھيو هن فلم اڪبر جي ذهن کي اهڙو قابو ڪيو جو هي سڄي رات ان منظر بابت سوچيندو رهيو ته هاڻ هن معصوم ٻارجو ڇا ٿيندو هن کي ڪير سهارو ڏيندو هن کي ممتا جو پيار ڪير ڏيندو هن جو ڇانورو ڪير ٿيندو هن جو مستقبل ڪيئن ٿيندو . هن فيصلو ڪيو ته هنن جي مدد ڪرڻ اسان جو فرض آهي صبح جو هي هر اسڪول ۾ ويو هن هر گھر جي دروازي تي صدا هئي ته هنن جي مدد ڪريو هي پنهنجا آهن هن وقت پنهنجي سهاري جا طلبگا ر آهن هن پنهنجي شھر ۽ آس پاس ڳوٺ مان امداد گڏ ڪري رليف ڪئمپ ۾ جمع ڪرائي رات جو جڏهن هي گھر آيو ته هن جي گھر وار عيد جي خريداري بابت ڳالهيون ڪري رهيا هئا هرڪو پنهنجي پسند ٻڌائي رهيو جڏهن هن جي پيءَ جي نظر هن تي پئي ته هنکي اداس ڏٺو ۽ پريشان ٿي ويو هن جي پيءَ هن کي چيو ته پٽ عيد تي توکي ڇا کپي ٻڌائي جيڪي چوندي اها شيءَ توکي وٺي ڏيندس جنهن تي هن چيو ته جيڪڏهن توهان ناراض نه ٿيو ته هڪ ڳالھه چوان هن جي ماءُ چيو ته پٽ ٻڌائي ڇا ڳالهه آهي جنهن تي اڪبر چيو ته هن عيد تي پاڻ ڪوبه سامان نه وٺنداسين پر سادي نموني عيد جي خوشي ملهائي عيد ۾ عيد ملهائينداسين . بابا توهان کي خبر آهي ته هن وقت اسان جي ملڪ ۾ زلزلو آيو آهي ڪيترا ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن اڃا به ڪيترا مٽيءَ اندر دٻيل آهن جيڪي زخمي ٿيا آهن يا بي گھر ٿيا آهن انهن کي هن وقت اسان جي مدد جي ضرورت آهي جيڪڏهن اسان انهن جي ڏک ۾ هنن جو ساٿ ڏنو ته اسان کي اصل عيد جو مزو ملي ويندو اهي به اسان جا پنهنجا آهن هن ملڪ جا رهاڪو آهن پر هن وقت بي يارو مددگا ر آهن انهن جو علاج ڪرائڻ انهن جي لاءِ اجھو ٺاهڻ اسان جو فرض آهي نون ڪپڙن وٺڻ بدران انهن جي مدد ڪجي اڪبر جي ڳالهه هن جي پيءَ کي ڏاڍي وڻي هن کي ڀاڪر ۾ ڀري چيائين ته پٽ اصل زندگي جو مقصد به اهو آهي ته پنهنجي لاءِ سڀڪو جيئي ٿو پر مزو تڏهن آهي جڏهن ٻين جي لاءِ جيئجي . اڪبر جي ڳالهه کي سڀني پسند ڪيو اهو فيصلو ڪيو ته هن سال عيد تي ڪابه خريداري نه ڪبي جيڪي به عيد جي لاءِ پئسا رکيل آهن اهي رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائبا ٻي ڏينهن اڪبر پنهنجي پيءُ سان گڏ سڀ رقم رليف فنڊ ۾ جمع ڪرائي ڇڏي . جڏهن عيد آئي ته هنن نون ڪپڙن بنا عيد ملهائي پر سڀني کان خوش هئا هنن کي خوشين ڀري عيد جو مزو ملي ويو هو .