4.24 جدوجھد - منظور ڪوهيار

4.24 جدوجھد

منظور ڪوهيار | 1 منٽ

ڪاليج ۾ شاگرد تنظيم جي اڳواڻ، پنهنجي يونٽ جي ساٿين کي ليڪچر ڏئي رهيو هيو. هُن ليڪچر جي پڇاڙيءَ ۾ انقلاب ۽ آزاديءَ جي نعمتن جو ذڪر، درياهه کي ڪوزي ۾ بند ڪندي فرمايو:
‘جڏهن انقلاب ايندو ۽ آزادي ملندي ته هن ڏتڙيل سماج ۾ هڪ اهڙو نظام ايندو جو اهي ٽڪي ٽڪي جا سرڪاري ملازم اسان جي گھرن جو دروازو کڙڪائي، پئسا هٿن ۾ کڻي، باادب ٿي چوندا:
‘ڪامريڊ! هي وٺو ، پنهنجي منٿلي ... پنهنجو ڀتو ...’
يونٽ جي ميمبرن زوردار تاڙيون وڄايون ۽ نعرا هنيا.
پر يونٽ جو هڪ ميمبر جيڪو حد کان وڌيڪ جذباتي هيو، تنهن اٿي سوال ڪيو: ‘ڪامريڊ ! اسان کي اهو ٻڌاءِ ته جيستائين، اهڙو عظيم انقلاب برپا ٿئي، تيستائين اسان ڇا ڪيون ...؟ ڇا تيستائين اسان ڪتاب آڏو رکي پڙهندا رهون!؟’
شاگرد اڳواڻ وراڻيو:
‘نه ...! تيستائين، اوهان ڪلاسن جو بائڪاٽ ڪرائي، جدوجھد کي جاري رکو.’