ڪجهه ڏينهن کان پوءِ مان سفر تي روانو ٿيندس. منهنجو سفر، فقط جسم جو سفر هوندو، روح جو سفر نه هوندو. مان پنهنجو روح پنهنجي ملڪ جي مٽيءَ ۾ ڇڏي ويندس. مان اڪيلو هليو ويندس. مون جهڙا وياڪل انسان جڏهن به سف ...
جيجل امڙ،
هن هفتي تنهنجو فقط هڪ خط مليو اٿم، سو به ننڍڙو ۽ مختصر، تنهنجو خط پڙهي، ويهاڻي هيٺان رکي، مان ڪجهه ڏينهن لاءِ سمنڊ ڏانهن هليو ويو هوس. سمنڊ ڏانهن وڃڻ لاءِ مون وٽ ظاهري طرح ڪو خاص سبب به نه ه ...
منهنجي امان،
مان زندگيءَ جي رڻ ۾ رڃ پٺيان ڊوڙندي جڏهن ٿڪجي پوندو آهيان، تڏهن توکي ياد ڪندو آهيان، توکي خط لکي، اندر جو حال اوريندو آهيان. مڃان ٿو، منهنجي اها روش خود غرضيءَ تي ٻڌل آهي. پر تون منهنجي م ...
”امان!“
”جيءُ منهنجا لعل.“
”اڄ مون کي پشتو جي قديم شاعر خوشحال خان خٽڪ جي هڪ ڪلام ۾ ماءُ جي پٽ لاءِ دعا ياد ٿي اچي.“
”ڪهڙي دعا؟“
”اول واعدو ڪر، ته تون به مون کي اهڙي دعا ڪندينءَ.“
”اول ٻڌاءِ ته سهي اه ...