ڪهاڻي گهر بابت
سنڌي ڪهاڻين ۽ ادبي ورثي کي ڊجيٽل روپ ۾ محفوظ ڪرڻ جو هڪ علمي ۽ ادبي پروجيڪٽ
ڪهاڻي گهر
سنڌي ڪھاڻين ۽ ادبي ورثي جو ڊجيٽل گهر
سنڌي ڪهاڻيءَ جي تاريخ هڪ صديءَ کان بہ وڌيڪ پراڻي آهي. سنڌ جي لوڪ ادب ۾ هزارين سالن کان قصا، ڏند ڪٿائون، لوڪ آکاڻيون، حڪايتون ۽ رزميہ داستان زباني روايتن وسيلي نسل در نسل منتقل ٿيندا رهيا. ويهين صديءَ جي شروعات ۾ جڏهن سنڌي صحافت ۽ رسالن جو دور شروع ٿيو تہ جديد سنڌي ڪھاڻي هڪ نئين ادبي صنف طور سامهون آئي. مرزا قليچ بيگ، امر جليل، غلام نبي مغل، جمال ابڙو، نسيم کرل، علي بابا، طارق عالم ابڙو، نورالھديٰ شاهہ ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن سنڌي ڪهاڻيءَ کي نوان فڪري ۽ فني لاڙا ڏنا. وقت سان گڏ هزارين ڪھاڻيون مختلف ڪتابن، رسالن ۽ اخبارن ۾ شايع ٿينديون رهيون، پر انهن مان وڏي انگ تائين اڄ بہ عام پڙهندڙ جي پھچ محدود آهي. ڪيترائي ڪتاب ناياب ٿي چڪا آهن، جڏهن تہ نئين نسل جو وڏو حصو ڊجيٽل ذريعن وسيلي مطالعو ڪرڻ کي ترجيح ڏئي ٿو.
اهڙين حالتن ۾ سنڌي ڪھاڻين کي ڊجيٽل صورت ۾ محفوظ ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آھي.
ڪهاڻي گهر جو قيام
ڪهاڻي گهر انهيءَ ضرورت کي محسوس ڪندي قائم ڪيو ويو، تہ جيئن سنڌي ادب جو هي قيمتي سرمايو محفوظ بہ رهي ۽ هر عمر جي پڙهندڙ تائين آسانيءَ سان پھچي بہ سگهي. هي پروجيڪٽ سنڌ سلامت جي اُن مشن جو تسلسل آهي، جيڪو 2008ع کان سنڌي ٻولي، ادب، تاريخ، تحقيق ۽ علمي ورثي کي انٽرنيٽ تي محفوظ ڪرڻ لاءِ جاري آهي. ڪهاڻي گهر صرف ڪهاڻين جو مجموعو نہ پر سنڌي ادب لاءِ هڪ جديد، منظم ۽ مستقل ڊجيٽل مرڪز بڻجڻ جي ڪوشش آهي.
منصوبي جا مقصد
اسان جا بنيادي مقصد هي آهن:
- ✓ سنڌي ڪهاڻين کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ.
- ✓ ناياب ۽ وسرندڙ ادبي مواد کي ڊجيٽل صورت ۾ محفوظ ڪرڻ.
- ✓ نوجوان نسل ۾ مطالعي جو شوق پيدا ڪرڻ.
- ✓ ليکڪن جي ادبي خدمتن کي محفوظ رکڻ.
- ✓ سنڌي ادب کي عالمي سطح تي پھچ فراهم ڪرڻ.
- ✓ جديد ٽيڪنالاجي وسيلي پڙهڻ جو بهترين تجربو مهيا ڪرڻ.
موجوده خصوصيتون
ڪهاڻي گهر ۾ هن وقت هي سهولتون موجود آهن:
- ⚡ مختلف ادبي صنفن موجب مواد جي درجابندي.
- ⚡ ليکڪن موجب ڪهاڻين جي فهرست.
- ⚡ تيز رفتار ڳولا (Search).
- ⚡ هر ڪهاڻي لاءِ پڙهڻ جي اندازي وقت جي ڄاڻ.
- ⚡ موبائل، ٽيبليٽ ۽ ڪمپيوٽر لاءِ موزون ڊيزائن.
- ⚡ آسان، صاف ۽ پڙهڻ دوست ماحول.
مستقبل جو ويزن
اسان جو خواب آهي تہ ڪهاڻي گهر صرف هڪ ويب سائيٽ نہ رهي، پر سنڌي ادب لاءِ هڪ جديد ۽ ذهين مطالعي جو مرڪز بڻجي.
مستقبل ۾ هيٺيون سهولتون شامل ڪرڻ جو ارادو آهي:
اسان سان گڏ هلو
سنڌي ادب اسان سڀني جو گڏيل ورثو آهي. جيڪڏهن اوهان وٽ ناياب ڪهاڻيون، ڪتاب، رسالا يا ٻيو ادبي مواد موجود هجي، تہ اسان سان رابطو ڪريو تہ جيئن انهن کي ڊجيٽل صورت ۾ محفوظ ڪري ايندڙ نسلن تائين پھچائي سگهجي. ڪهاڻي گهر صرف هڪ ويب سائيٽ نہ پر سنڌي ادب سان محبت ڪندڙ هر دل جو گهر آهي، جتي لفظ زندھہ آهن، ڪهاڻيون ساهہ کڻن ٿيون ۽ سنڌ جي ادبي سڃاڻپ ايندڙ نسلن لاءِ محفوظ ٿي رهي آهي.
"ڪهاڻي گهر" جي پويان اسان جي پياري ساٿي محترم سجاد چنا جن جي ڏينهن رات جي محنت، تخليقي سوچ ۽ فني مهارت شامل آهي. سندن اڻٿڪ ڪوششن هن خواب کي حقيقت جو روپ ڏنو، جنهن لاءِ اسين سندن بيحد ٿورائتا آهيون.
اسان کي پورو يقين آهي تہ "ڪهاڻي گهر" سنڌ سلامت جي ٻين ڪامياب منصوبن وانگر پڙهندڙن جي دلين ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهيندو، سنڌي ادب سان محبت ڪندڙن لاءِ هڪ معتبر مرڪز بڻجندو ۽ ايندڙ نسلن تائين اسان جي ادبي ورثي کي محفوظ رکڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.