شادي کان اڳ : - تبسم ماهتاب قريشي - پروين موسيٰ ميمڻ

شادي کان اڳ : - تبسم ماهتاب قريشي

پروين موسيٰ ميمڻ | 1 منٽ

”جانِ من تون منهنجي پيار جي منزل آهين، توکان سواءِ منهنجو جيئڻ اجايو آهي“
”عورت فقط هڪڙو دفعو پيار ڪندي آهي منهنجا مٺا ۽ منهنجو پيار تون آهين“
”جاني تون منهنجي مَنَ مندر جي ديوي آهين، آءٌ تنهنجي پوڄا ڪيان ٿو“
ائين نه چئو پيارا-تون منهنجو معبود آهين... تنهنجي محبت منهنجي عبادت آهي“
”اسين هڪ آهيون هڪ رهنداسين... تولاءِ آءٌ دنيا، سماج، قانون، هر ڪنهن سان مٿو هڻي سگهان ٿو“
”جانم پنهنجو پيار پائڻ لاءِ آءٌ سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏينديس“
”هاءِ مٺڙي.... تون منهنجي نه ٿي سگهين ته آءٌ مري ويندس“
”من ! ايئن نه چئو، تون شل سلامت هجين... منهنجي حياتي شل توکي ملي.... آءٌ توکان سواءِ ڪنهن ٻي جي نه ٿينديس“.

