App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ابابيل

ليکڪ: خواجه احمد عباس | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ

هُن جو نالو رحيم خان هو پر هُن جھڙو ظالم ۽ پٿر دل انسان شايد ئي ڪو ٻيو هجي. سندس نانءَ کڻڻ کان سڄو ڳوٺ لنوائيندو ۽ ڊڄندو هيو. هُو نه ماڻهن تي رحم کائيندو هو نه ئي وري جانورن تي کيس ڪا ڪهل ايندي هئي. هڪڙي ڏيهاڙي رامو لوهار جي پُٽ هُن جي ڏاندن جي پُڇ ۾ ڪک ٻڌي ڇڏيا. بس! پوءِ ته کيس ماري ماري صفا اڌ مئو ڪري رکيائين. ٻيءَ ڀيري وري ائين ٿيو جو زميندار جي گهوڙي سندس ٻنيءَ منجهه ڪاهي هن جي فصل جي ڀيل ڪئي ته اُن کي به هُن لٺ سان ايترو ڪُٽيو جو گهوڙي رت ۾ وهنجي پئي. تڏهن ئي ته هن لئه هرڪو ئي چوندو هو.
”ظالم کي ڪو خدا جو ذرو به خوف ناهي....“
معصوم ٻارڙن ۽ بي زبان ڍورن کي به معاف نٿو ڪري.“
هي سڀ هن جي غير موجودگيءَ ۾ چيو ويندو هو ان ڪري جو سامهون ٿي ڳالهائڻ جي همت ڪنهن منجهه به ڪانه هئي. هڪ ڀيري بندوءَ کي کُٽيءَ کنيو جنهن منهن تي چئي ڏنو هئائينس.
”ڀاءُ رحيم! ٻارڙن کي ڇو ماريندو آهين؟!“
بس! پوءِ ته هن جي اهڙي حالت ڪيائين جو هر ڪنهن توبهه ڪندي ساڻس ڳالهائڻ ته پري پر خير جو سلام ڪرڻ به ڇڏي ڏنو هو. هڪ جو هي خيال هيو ته ”رحيمو جو دماغ خراب آهي، جنهن ڪري هن کي جلد کان جلد پاگل خاني داخل ڪرايو وڃي.“ ڪنهن ٻئي وري جوش ۾ ڀڙڪو ڏيندي چئي ڏنو هو ”جي هاڻي هن ڪنهن سان به اڳرائي ڪئي ته پوءِ ٿاڻي تي رپورٽ ڪبي.“ پر اهو ممڪن نه هو جو هن خلاف شاهدي ڏئي ڪو ئي به مفت ۾ پاڻ سان دشمني ڪري.“
آهستي آهستي هڪ هڪ ٿي ڳوٺ جو هرهڪ ماڻهوءَ هن کان پري ٿيندو ويو پر رحيمو تي انهيءَ جو ڪوبه اثر نه ٿيو ايتري قدر جو هُو هڪ ڳوٺ ۾ رهندي به ڳوٺ وارن لاءِ ڄڻ ڌاريو بڻجي پيو پوءِ به پنهنجي معمول مطابق زندگي گذاريندو رهيو. پرهه ڦٽيءَ ويل هر ڪلهي تي رکي جڏهن ٻنيءَ طرف نڪرندو هو ته دڳ ۾ نه ڪنهن سان ڳالهائيندو هو نه ڪنهن طرف اک کڻي تڪيندو هو. ٻنيءَ ۾ پهچي پنهنجي ڏاندن جوڙي سان سڄو ڏينهن ڪم ڪندي ائين ڳالهائيندو رهندو هو، جھڙوڪ کي ڪنهن سان ڪچهري ڪندو هجي. هن ڏاندن جا نانءَ به رکيا هئا. هڪ کي نٿو ته وري ٻئي کي ڇدُو سڏيندو هو.
”اڙي نٿو! تون سنئو ٿي ڇو نٿو هلين.... ٻڌاءِ هيءَ ٻني جو هَرُ تنهنجو پيءُ پورو ڪندو... ڇدو! تنهنجي به شامت آئي آهي ڇا؟!!....“
جڏهن کيس ڪاوڙ اچي ويندي هئي ته پوءِ سچ ۾ نٿو ۽ ڇدو مٿان هُن جي ڪاوڙ ڏمر بڻجي ڪرندي هئي. کين هٿ ۾ جهليل رسي سان ڪٽي ڪٽي ڦٽ وجهي ڇڏيندو هو. باقي رهي سهي ڪاوڙ شام جو گهر ايندي ئي ٻارن ۽ زال تي ڪڍي پوري ڪندو هو. ساڳ يا دال ۾ لوڻ مرچ گهٽ هجڻ جو بهانو ڪري زال کي اڍيڙي وجهندو هيو. ٻار کيڏندي گوڙ ڪندا ته کين ڏاندن واري رسي سان ماري ساڻو ڪري وجهندو هو. هر نئين سج سان گهر ۾ نئون ڊرامون رچائيندو هو. اوڙي پاڙي وارو هرڪو ئي اهو سڀ ڏسندي به چپ رهندا هئا، جو اهو سڀ هاڻ روز جو معمول بڻيل هيو، جيڪڏهن ڪو اڳتي وڌي وچ ۾ پوندو هيو ته پوءِ ان جو خير نه هوندو هيو. روز روز جي مار کائي سندس گهر واريءَ جي اِها حالت ٿي هئي جو هوءَ چاليهن جي هوندي به سٺ سالن جي نظر اچڻ لڳي. هڪ ڏينهن هن وڏي پٽ کي ايتري مار ڏني جو هو پيءَ کان ڪاوڙجي سندس پري جي هڪ مِٽ وٽ ڀر واري ڳوٺ ۾ وڃي رهيو، جنهن جي سِڪ ۾ سڙندي پڄرندي جوڻس هڪ ڏينهن ڊڄي چيو هو.
”جي هلاس پور وڃڻ ٿئي ته پوءِ نورو کي واپس گهر وٺي اچو... ڏاڍا ڏينهن ٿي ويا هن هاڻ هن بنا رهي نٿي سگهان.“
”ڇا ٿي چوين رن!... مان ۽ وري ان حراميءَ کي وٺي اچان، جيڪو پاڻ ويو آهي. ڪن کولي ٻڌ جي هُو هاڻ هن گهر ۾ موٽيو به ته هُن جون ٽنگون ڀڃي رکندس.“
انهن ئي ڏينهن ۾ هن جو ننڍو پٽ به سندس روز جي مار ڪُٽ کان پاڻ آجو ڪرائي گهران ڀڄي وڃي ڀاءُ سان گڏ رهڻ لڳو. سندس زال تي به هاڻ هن جي مار جو رتيءَ برابر به اثر نه رهيو هو پوءِ به هن اهڙي سيکت ڏني هئس جو هوءَ برداشت نه ڪري سگهي ۽ هن جي غير موجودگي منجهه هميشه هميشه لاءِ گهر ڇڏي ڀاءُ سان وڃي ماءُ جي گهر رهڻ لڳي... سج لٿي جڏهن رحيمو گهر موٽيو ۽ خالي گهر ڏسي پل لئه حيرت ۾ آيو ته پاڙي واريءَ ڊڄندي هي سڀ ٻڌايو هيس.
”ادا رحيم خان! تنهنجي زال ماءُ جي گهر وئي آهي... ويندي چيائين پئي ته ٻن ٽن ڏينهن اندر موٽي ايندس.“
پر رحيمو کي اها پڪ ٿي چڪي هئي ته هوءَ هاڻ ڪانه ورندي شايد تنهن سبب ڪري ئي هو اهو سڀ ماٺ ڪري ٻڌندو رهيو پوءِ ڏاندن جوڙي کي ڪلن سان ٻڌي گهر اندر هليو ويو. جيئن ئي ڪوٺي ۾ گهڙيو بکاري ٻليءَ مياؤن مياؤن ڪندي اچي پيرن منجهه پيس ته هن ڪاوڙ مان پڇ مان جهليندي در کان ٻاهر زور جي اڇل ڏئي ڇڏي هئي ۽ پوءِ چُلهه ۾ ڏٺائين ته صبح واري ٻريل باهه جي خاڪ ٺري چڪي هئي. گهر ۾ هاڻ ڪو اهڙو موجود ڪونه هيو جو هن جي لئه باهه ٻاري ماني پچائي رکي هان. هُو پوءِ کٽ تي ڊگهو ٿي چادر پائي سمهي پيو هو.
صبح جو جنهن مهل رحيمو جي اک کلي ته سج ٻه ڪانا مٿي چڙهي بيٺو هو. هن کي به ڪا تڪڙ ڪانه هئي. هُو ٻڪريءَ جو کير پي، حقو ٺاهي کٽ تي ٺهي جڙي ويٺو ۽ مزي سان گُڙ... گُڙ ڪندي حقو پيئڻ لڳو. جڏهن سج جو پاڇو لڙي جهوپڙي اندر لڙيو ته هن پهريون ڀيرو پنهنجي گهر جو جائزو وٺندي نهاريو کيس ڀتين تي ڄارو جهجهو نظر آيو هو.
”ڇو نه اڄ گهر جي صفائي ڪجي.“
پوءِ بانس جو لڪڙو کڻي، ان ۾ لٽو ٻڌي هُو ڀتين ۽ ڇت مٿان ڄميل ڄارو لاهڻ لڳو. اوچتو هن جي نظر ڪانن جي ڇت مٿان رکيل شهتير جي ڪنڊ وٽ بيهي رهي، جتي ابابيلن جو ٺاهيل آکيرو نظر آيو هيس ۽ جوڙي ابابيلن جي انهيءَ آکيري اندر ايندي ويندي پڻ ڏٺائين.
”هي آکيرو ڊاهي ٿو ڇڏيان.“ هن دل ئي دل ۾ سوچيو پر پوءِ ارادو مٽي گهڙا منجي سوري ان تي بيهي آکيري ۾ اندر نهاريائين ته گوشت جي ڳاڙهين ٻوٽين جھڙا ٻه ننڍڙا ابابيل ٻچا نظر آيا هُيس جن جي چُون چُون جي آواز تي خوش ٿيندي هن سڄو هٿ جيئن آکيري اندر وجهڻ جي ڪئي ته نر ابابيل هن کي ٺونگا هڻندي ٻچن جو بچاءُ ڪرڻ لڳو.
”اڙي... اڙي کونچرا! اک ڪڍندين ڇا؟!!“ هي وڏا وڏا ٽهڪ ڏئي چوڻ لڳو. ائين پهريون ڀيرو هن جي هٿان ڪو بچي ويو هيو ته اهو هي ابابيلن جو آکيرو هو.
ٻئي ڏينهن کان هن معمول مطابق ٻنيءَ تي وڃڻ شروع ڪيو. ڳوٺ جا ماڻهو اڃا تائين هن کان پري هيا. ٻنيءَ ۾ سڄو ڏينهن هر هلائيندي... پاڻي ڏيندي... گاهه ڪرڻ تائين پنهنجي ڪِرت ۾ جنبيل رهندو هيو پر سج لهڻ مهل ٿيندي ئي پويان پير ڪندي اچي گهر پهچندو. ڏاندن کي ٻڌي کين گاهه ڏئي پوءِ حقو ٺاهي پلنگ تي ويهي حقي جي نڙ مان گُڻِ... گُڻِ جا آواز ڪڍندي ابابيلن جي آکيري طرف تڪيندو رهندو.... ائين وقت گذرڻ لڳو گوشت جي ٻن ٻوٽين جھڙا ابابيلن جا ٻچا اڏامڻ جھڙا ٿي پيا، جن مٿان هن پنهنجي ٻن پٽن جا نالا نورو ۽ بندو رکيا ۽ پوءِ اهي چارئي ابابيل پکي هن جا دوست بڻجي پيا. ته هن جي سڀاءُ ۾ به تبديلي پيدا ٿيڻ لڳي، جنهن کي محسوس ڪندي ڳوٺ وارن کي اچرج وڪوڙي ويو. هاڻ هن جي ڏاندن جوڙو نٿو ۽ ڇدو به خوش هيا جن کي هن مار ڪُٽ ڪرڻ ڇڏي ڏني هئي ۽ انهن جي ڦٽن جا نشان به مٽجڻ لڳا هئا.
ٻنيءَ تان موٽندي هڪ شام ڌار دڳ ۾ ٻار راند روند ڪندي نظر آيس ۽ اوچتو هن کي ڏسي راند ڇڏي وٺي ڀڳا جن کان پنهنجا پادر به کڻڻ وسري ويا تڏهن هيءُ ٽهڪ ڏيندي کين چوندو رهيو.
”اڙي بيهو... ٻڌو ته سهي ائين ڪاڏي ٿا ڀڳا وڃو پٺيان... موٽي اچو مان هاڻ ڪنهن کي به مار ناهيان ڏيندو.“
پر هڙئي ٻار کانئس گهڻو پري ڀڄي بيهي رهيا هئا. پوءِ هن هڪ نظر آسمان طرف کڻي نهاري جتي ڪارا ڪارا ڪڪر ڇانئجي ويا هئا. ٿڌڙي گهلندڙ هير ڄڻ مينهن پوڻ جو اعلان ڪري رهي هئي. رحيمو پنهنجي منهن مرڪندو ڏاندن جوڙو هڪليندو تيز وکون ڀريندو اچي گهر پهتو. هن اڃا ڏاندن کي لانڍيءَ ۾ ٻڌو ئي مس ته زور سان وڏ ڦڙي وارو مينهن پوڻ شروع ٿي ويو. هن ڪوٺيءَ اندر اچي در بند ڪيو ۽ ڏيئو ٻاريو ته ڪوٺيءَ اندر زرد سوجهرو ڦهلجي ويو. معمول جيان پاروٿي ماني جا ڀورا ڀورا ڪري وڏي ابابيلن جي آکيري آڏو رکيائين پر اڄ چارئي ابابيل جڏهن ٻاهر ڪونه نڪتا ته هن کي حيرت وڻ ويڙهيءَ جيان وڪوڙي وئي. پوءِ هن وڌي جيئن آکيري اندر نهاريو ته چارئي ابابيل پنهنجو منهن پرن منجهه ڏئي ڊنل نظر آيا هيس ان ڪري جو سندن آکيري مٿان ڇت وٽان هڪ سوراخ ٿيل هو جتان مينهن جو پاڻي پوڻ ڪري آکيرو پوري طرح سان پاڻي منجهه ڀڄي ويو هو.
”ڪجهه وقت مينهن ائين ئي وسندو رهيو ته هي آکيرو ڊهي پوندو ۽ ابابيل بي گهر بڻجي پوندا.“ اهو خيال ايندي ئي هڪ ٻيو خيال به هن ذهن ۾ آندو ”نه نه مان هنن کي بي گهر هرگز به ٿيڻ نه ڏيندس.“
پوءِ طوفاني مينهن ۾ ڪوٺيءَ جو در کولي ڏاڪڻ رکي ڇت تي چڙهي ويو. مٽيءَ سان ڇت ۾ پيل سوراخ کي بند ڪري جڏهن هيٺ لهي ڪوٺيءَ ۾ پهتو ته سندس سمورو وجود مينهن جي پاڻيءَ ۾ ايترو پسي ويو جو پوسل ڪري کيس هر هر زور سان نِڇون اچڻ شروع ٿي ويون هيون. پر هن پرواهه نه ڪندي پنهنجا آلا ڪپڙا نپوڙي پلنگ تي چڙهي ويٺو ۽ چادر ويڙهي سمهي رهيو.
ٻه ڏينهن گذري ويا هئا پر رحيمو کي ڪنهن به گهران ٻاهر نڪرندي ڪونه ڏٺو ۽ نه ئي وري هو ٻنيءَ تي ڪنهن هن کي ڪم ڪندي ڏٺو هو... آهستي آهستي هاڻ ڳوٺ ۾ چؤٻول شروع ٿي ويو هو. هرهڪ کي نه چاهيندي به رحيمو جي ڳڻتي ٿيڻ لڳي هئي. نيٺ ٽئين ڏينهن ڪالو زميندار سان ڪجهه ڳوٺاڻا خيريت معلوم ڪرڻ لاءِ هن جي در وٽ اچي بيٺا هئا ته سندن ڪنن سان هن جو جهيڻو آواز ٽڪرايو هو.
”اڙي بندو... اڙي نورو... ڪاڏي مري ويا آهيو... اڄ توهان کي ماني ڪير کارائيندو....“
ٻه ٽي ابابيل رحيمو آڏو اڏامندي ڏسي ۽ کيس ائين ڳالهائيندو ڏسي، ڪالو زميندار ڏک وچان ڳوٺ وارن ڏي منهن ڪندي چيو هو.
”افسوس! پٽن جي ياد ۾ ويچارو چريو ٿي پيو آهي... سڀاڻي شفا خاني وارن کي اطلاع ڪري هن کي پاگل خاني ڏياري موڪلينداسين.“
صبح جو جڏهن شفا خاني وارا آيا ته سمورو ڳوٺ رحيمو جي در آڏو اچي مڙيو هو ۽ پوءِ جڏهن در کولي هن جي ڪوٺيءَ اندر گهڙيا ته هُو مري چڪو هو ۽ هن جي پلنگ جي چئني پاون کان چارئي ابابيل پنهنجو ڪنڌ نوايو ماٺ ۾ ويٺل هئا.

(اردو مان ترجمو؛ جهانگير عباسي)