روبوٽ
ڪجهه گهڙيون اڳ: جڏھن گوشت پوشت، رت وھندڙ وھڪ ۽ سائڪيءَ وارو انسان ھو، حواس ۽ احساس ھئس. سوچ ۽ لوچ ھيس. اُمنگن ۽ اتساھن جا ڀريل آتما، سوچيندي، محسوس ڪندي ته: ڪٿي، ڪافڪا جي مسٽر ڪي واري ميٽامورفاسس واري حالت ۾ ته نه وڃي رھيو آھي. پر سرت سنڀاليندي، ان تي ويچاريندي نتيجو ڪڍيائين ته: ھيءَ، ھا ڪايا پلٽ ڪانه آھي. ڇاڪاڻ ته مسٽر ڪي، جي ھڪ ڪيڙي (Insect) ۾ تبديلي، ھڪ ساھ واري جي، ٻئي ساھ وري روپ ۾ تبديلي ھئي، جنھن جي پٽاڙ ۾ انساني، مسٽر ڪي جي اندروني سونجھه موجود ھئي. جسماني روپ جي تبديليءَ جي باوجود! ۽ سندس ويچار وھڪ جاري ھئي، جو ھن ان تبديليءَ کي سمجهيو پئي، ويچاريندي ( بي وسيءَ جيان) محسوس ڪندي ڀوڳيو پئي، بي وسيءَ جيان –
۽ انھن چند انساني گهڙين جي ويچارو ھڪ وري سرت سونجھه ۽ احساس کان پوءِ، ستت ڪايا پلٽ:
روبوٽ Robot.
پورو ھڏائون پڃرو، رڪ جو ٺھيل: تنھن مٿان پلاسٽڪ/ رٻڙ جو ماس چڙھيل، تنتون/رڳون نيلون جون جڙيل. دماغ جي ميڄالي مان سوچ جي تخليقي صلاحيت، گڻ گم ٿيل، ان جي جاءِ تي ڄڻڪ ڪمپيوٽرائيزد، سونپيل، ڀريل ۽ سرانجام ڪم ڏيندڙن جو مشيني سرشتو، روٽين جي ڪمن ڪرڻ لاءِ حسابن جي ڪٿ سان. انساني فزيالاجيڪل فنڪشن، مڪينائيزڊ فنڪشن جي ڪٿ ٿيل. سواءِ انساني گڻن: احساسن، امنگن اتساھ، ڪاوڙ، خوشي، جذبن، سرت، انساني موٽ جي!
آڱريون، ٻانھون، ٽنگون، ڪرنگھي جي ھڏي، مشيني پرزن ۾ تبديل ٿيل، مشيني انداز ۾ سونپيل ڪم ڪندڙ، وقت ۽ وڇوٽيءَ جي ادارڪ۽ سرت کان سواءِ مقرر ڪيل، سونپيل نيمن پٽاندڙ، صبح، منجهند، شام ۽ رات جي وجود جي احساس کان سواءِ. روٽين ۾، روبوٽ کي سونپيل ڪم:
صبح: ڀاڄي آڻڻ، شيو ڪرڻ، بس ۾ چڙھڻ، آفيس ۾ آڱريون مشيني انداز ۾ ھلڻ، منجهند: موٽ، مڪينڪلي ڪپڙا بدلائڻ، کاڌو چٻاڙڻ، شام: رڪ جو ٺھيل، آڱريون ٽائيپ جي اکرن تي پوندڙ، ٽڪ ٽڪ ٽڪ . . .
ٻه مشينون گڏ ھلندڙ. ٽائيپ رائيٽر ۽ روبوٽ.
صبح لاءِ بيضا آڻڻ، اکين جا مڻڪا ٽي وي ۾ کتل ھر ڏينھن، ھر ڏينھن جھڙو. ھر شام جھڙي، وقت ۽ وڇوٽيءَ جي سرت ۽ احساس کان خالي. انساني حياتيءَ جي وجود ھجڻ کان بي سرتو، اڻ ڄاڻ، چرندڙ، پرندڙ حرڪت ڪندڙ مشيني انسان!