App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

جڏهن هڪ در بند ٿئي ٿو...

ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

هڪ گهاٽي ٻيلي اندر هڪ پوڙهي عورت رهندي هئي.
ڳوٺ جا ماڻهو هن کان ڊڄندا هئا ۽ هميشه کانئس پري رهندا هئا. ماڻهن ۾ اهو مشهور هو تہ هوءَ جادو ڪري سگهي ٿي يا جيڪو بہ سندس رستي ۾ اچي، تنهن کي بددعا ڏئي سگهي ٿي. پر جڏهن بہ ڳوٺ وارا ڪنهن وڏي مصيبت ۾ ڦاسندا هئا، تڏهن مدد لاءِ آخرڪار انهيءَ پوڙهي عورت وٽ ئي ويندا هئا.
انهيءَ ئي ڳوٺ ۾ هڪ نوجوان رهندو هو، جيڪو پنهنجي خراب قسمت سبب مشهور هو. بدقسمتي ڄڻ سندس پاڇي وانگر هر وقت ساڻس گڏ رهندي هئي. آخرڪار هو پنهنجي زندگيءَ کان ايترو تہ بيزار ٿي ويو، جو هڪ ڏينهن سڀني ڳالهين کي نظرانداز ڪري انهيءَ پوڙهي عورت وٽ وڃڻ جو فيصلو ڪيائين.
اونهاري جي هڪ صبح هو پوڙهي عورت جي در تي پهتو. عورت پڇيس:
"ڇو آيو آهين؟"
نوجوان وراڻيو:
"امڙ! خدا جي واسطي منهنجي مدد ڪريو. بدقسمتي منهنجو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي. منهنجي زال مون کي ڇڏي ڪنهن ٻئي سان هلي وئي. منهنجو گهر سڙي رک ٿي ويو، تنهنڪري هاڻي مان پنهنجي ماسيءَ جي گهر ۾ رهندو آهيان. منهنجو گهوڙو بہ مري ويو آهي، جنهن ڪري هاڻي مان پنهنجا ٻني ٻارا بہ نہ ٿو سنڀالي سگهان. مان بلڪل لاچار ٿي ويو آهيان."
پوڙهي عورت ڪجهه دير کيس ڏٺو، پوءِ چيائين:
"ٺيڪ آهي، مان تنهنجي مدد ڪنديس. منهنجي پٺيان اچ."
هوءَ کيس ٻيلي جي سڀ کان گهاٽي حصي ۾ وٺي وئي ۽ هڪ ويران هنڌ تي ڇڏي پاڻ اوچتو غائب ٿي وئي.
نوجوان ڪلاڪن تائين ٻيلي ۾ رلندو رهيو. هو ٻاهر نڪرڻ جو رستو ڳوليندو رهيو، پر کيس ڪجهه بہ سمجهه ۾ نہ آيو. آهستي آهستي مايوسي سندس دل تي ڇانئجي وئي. هن سوچيو ته شايد اڄ رات هو بگهيڙن جو شڪار بڻجي ويندو.
پر آخرڪار قسمت ساڻس مهربان ٿي. شام جو اوندهہ ٿيڻ کان ٿورو اڳ هو ڪنهن نہ ڪنهن ريت ٻيلي مان ٻاهر نڪري آيو.
هن هڪ ڊگهو ساهہ کنيو. کيس رڳو زندهہ بچي وڃڻ جي خوشي هئي. هاڻي هو پنهنجي ڳوٺ ڏانهن موٽي رهيو هو، جتي سندس ماسي شايد رات جو ماني تيار ڪري سندس انتظار ڪري رهي هوندي.
جڏهن پري کان کيس پنهنجو ڳوٺ نظر آيو ته سندس دل ۾ هڪ عجيب سڪون ۽ پنهنجائپ جا احساس جاڳي پيا. ننڍڙا گهر، چمنين مان نڪرندڙ دونهون، اڱڻن ۾ کيڏندڙ ٻارن جي کل، ۽ شام جو مال جو سڃاتل آواز.. اهي سڀ شيون کيس بيحد پياريون لڳيون.
هو ڪجهه پل لاءِ بيهي رهيو ۽ پاڻ سان ڳالهائڻ لڳو:
"مان آخر ڇو هار مڃان؟ مان ته اڃا زندهہ آهيان، جوان آهيان ۽ صحتمند بہ آهيان. منهنجي اڳيان سڄي زندگي پيل آهي. مان وري محبت حاصل ڪندس، پنهنجو نئون گهر ۽ خاندان آباد ڪندس. محنت ڪري ايترا پئسا ڪمائيندس جو نئون گهوڙو بہ وٺندس. مان هن ڏکئي وقت کي ضرور منهن ڏيندس. مان ته بنا سبب ئي ايترو پريشان ٿي رهيو هوس."
هاڻي سندس دل ۾ نئين اميد ۽ همت پيدا ٿي چڪي هئي.
هو ڳوٺ جي ڪچي رستي تي اڳتي وڌيو تہ اوچتو ڏٺائين، ساڳي پوڙهي عورت سندس انتظار ۾ بيٺي هئي.
هوءَ مرڪي چيائين:
"اميد اٿم ته اڄ تو پنهنجو سبق سکي ورتو هوندو. جڏهن هڪ در بند ٿيندو آهي تہ ٻيو در ضرور کلندو آهي. شرط رڳو اهو آهي تہ تون بند ٿيل در کي ڏسندو نہ رهين، پر پنهنجي چوڌاري نظر ڦيرائين ۽ نئون رستو ڳولين.
تون آخرڪار ٻيلي مان ٻاهر نڪري آئين نہ؟
زندگي به بلڪل اهڙي ئي آهي. اڳتي وڌندو رهہ، نوان رستا ۽ کليل در ڳوليندو رهہ. جيڪي در بند ٿي ويا آهن، انهن جي اڳيان ويهي روئڻ سان ڪجهه بہ حاصل نه ٿيندو."
سبق:
زندگي ۾ هر نقصان يا ناڪامي پڄاڻي نہ هوندي آهي. جڏهن هڪ رستو بند ٿئي ٿو ته الله تعاليٰ اسان لاءِ ڪو نہ ڪو ٻيو رستو ضرور کولي ڇڏيندو آهي. ضرورت رڳو صبر، همت ۽ اڳتي وڌڻ جي آهي.

(ترجمو ڪيل)