زندگي درياهہ وانگر آهي
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ
هڪ ڏينهن هڪ فقير درياهہ جي ڪناري خاموشيءَ سان ويٺو هو. سندس چهري تي اهڙو سڪون هو، ڄڻ دنيا جي ڪا به پريشاني کيس ڇهي به نه ٿي سگهي.
انهيءَ دوران هڪ امير ماڻهو اتان لنگهيو، پر هو ڏاڍو پريشان ۽ ٿڪل نظر اچي رهيو هو.
هو فقير وٽ آيو ۽ چيائين:
"بابا سائين، مان تمام گهڻو ٿڪجي پيو آهيان. زندگيءَ جا مسئلا ختم ئي نٿا ٿين. هڪ مسئلو ختم ٿئي ٿو ته ٻيو سامهون اچي وڃي ٿو. آخر مون کي سڪون ڪڏهن ملندو؟"
فقير مرڪندي درياهہ ڏانهن اشارو ڪيو ۽ چيائين:
"پٽ، ڇا تون هن درياهہ کي ڏسي رهيو آهين؟"
ماڻهو وراڻيو:
"ها، ڏسي رهيو آهيان."
فقير وري پڇيس:
"جيڪڏهن تون اهو سوچين تہ جڏهن هن درياهہ جو پاڻي وهڻ بند ٿيندو، تڏهن تون ان کي پار ڪندين... تہ ڇا تون ڪڏهن به درياهہ پار ڪري سگهندين؟"
ماڻهو حيرت مان چيائين:
"نه، اهو ته ناممڪن آهي. درياهہ جو پاڻي ته هميشہ وهندو رهندو."
فقير نرميءَ سان چيو:
"بلڪل ائين ئي زندگيءَ جا مسئلا بہ ڪڏهن ختم ناهن ٿيندا. جيڪڏهن تون انهيءَ انتظار ۾ رهندين تہ سڀ مسئلا ختم ٿين، پوءِ آرام سان جيئندين، تہ پوءِ توکي سڪون ڪڏهن به نصيب نه ٿيندو."
پوءِ فقير وڌيڪ چيائين:
"زندگيءَ جو حقيقي سڪون ذميوارين کان ڀڄڻ ۾ ناهي، پر انهن کي خوش دليءَ سان قبول ڪرڻ ۾ آهي. نماز، نيڪ عمل، محنت ۽ ٻين جي خدمت اهي ئي اهڙا رستا آهن، جيڪي انسان جي دل کي سڪون ڏين ٿا."
اهي ڳالهيون ٻڌي امير ماڻهوءَ جي اکين ۾ نئين روشني اچي وئي. هن سمجهي ورتو تہ هو سڄي عمر غلط شيءِ جو انتظار ڪندو رهيو هو.
آخر ۾ فقير چيائين:
"زندگي درياهہ وانگر آهي، جيڪا هميشه وهندي رهندي. عقل انهيءَ ۾ آهي تہ تون انهيءَ وهڪري سان گڏ هلندي پنهنجو رستو ٺاهڻ سکي وڃين."
سبق:
زندگيءَ ۾ مسئلا ختم ٿيڻ جو انتظار نہ ڪريو، پر انهن سان گڏ جيئڻ ۽ اڳتي وڌڻ سکو. سڪون حالتن جي تبديليءَ ۾ نه، پر پنهنجي سوچ، صبر، الله تي ڀروسي ۽ نيڪ عملن ۾ لڪل آهي.