ڀروسو تعويذ تي يا الله تي؟
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ
هڪ بزرگ سفر تي نڪتل هو. هڪ گڏهہ بہ ساڻ هو. سفر ڪندي هو هڪ ڳوٺ ۾ پهتو، پر رات ٿي چڪي هئي. سياري جا ڏينهن هئا، تنهنڪري رهڻ لاءِ ڪنهن جاءِ جي ڳولا ڪرڻ لڳو.
هنق ڪيترن ئي ڳوٺاڻن کان رات گذارڻ لاءِ جاءِ گهري، پر ڪو بہ کين رهڻ لاءِ تيار نہ ٿيو. آخرڪار هڪ گهر جو در کڙڪايو.
گهر مالڪ چيو:
"منهنجي زال ويم جي تڪليف ۾ آهي، پر ٻار پيدا نٿو ٿئي. جيڪڏهن اوهان دعا ڪريو تہ مان اوهان کي رهڻ جي جاءِ ڏيندس."
بزرگ راضي ٿيو. کيس هڪ ڪمرو ڏنو ويو. پوءِ هن ڪاغذ جي هڪ ٽڪري تي ڪجهہ لکي گهر مالڪ کي ڏنو ۽ چيائين:
"هي ڪاغذ پنهنجي زال جي دُن تي ٻڌي ڇڏ."
جيئن ئي اهو ڪاغذ ٻڌو ويو، الله تعاليٰ جي فضل سان ٻار پيدا ٿي ويو.
ٻئي ڏينهن صبح جو بزرگ پنهنجي سفر تي روانو ٿي ويو، پر ڳوٺ وارن اهو ڪاغذ وڏي احتياط سان سنڀالي رکيو. پوءِ جڏهن بہ ڳوٺ ۾ ڪنهن عورت کي ويم جي تڪليف ٿيندي هئي، هو اهوئي ڪاغذ کڻي وڃي ٻڌندا هئا ۽ الله تعاليٰ جي مهربانيءَ سان تڪليف ختم ٿي ويندي هئي.
ڳوٺ جي مولوي کي اها ڳالهہ بلڪل نہ وڻي. هن سوچيو ضرور ڪاغذ تي ڪا خاص آيت يا دعا لکيل هوندي. جيڪڏهن اها خبر پئجي وڃي تہ پاڻ بہ کي بہ وڏو فائدو ٿيندو.
هڪ ڏينهن هن ڪوڙو بھانو بڻائي اهو ڪاغذ گهري ورتو. جڏهن ان کي کولي پڙهيائين تہ حيران رهجي ويو، ڇو تہ ان تي لکيل هو:
"يا الله! هاڻي مان ۽ منھنجو گڏھ آرام سان آهيون. رهڻ لاءِ جاءِ ملي وئي آهي. باقي سڀ تنهنجي حوالي."
سبق:
اسان کي وسيلا يا سبب اختيار ڪرڻ گهرجن، پر ڀروسو هميشہ رڳو الله تعاليٰ تي رکڻ گهرجي، ڇو تہ شفاء، آساني ۽ ڪاميابي صرف سندس ئي حڪم سان ملندي آهي.