عورتن جي نظر تي هميشہ ڀروسو نہ ڪريو!😂
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ
ابو محمد بن حسن بن محمد روايت ڪن ٿا:
"مان بغداد جي پل تي بيٺو هئس تہ هڪ عورت آئي ۽ مون کي لڳاتار غور سان ڏسڻ لڳي. هن هڪ پل لاءِ بہ مون تان نظر نہ هٽائي.. "
مون پنهنجي نوڪر کي چيو:
"وڃ، کانئس پڇ تہ آخر هوءَ ڇا ٿي چاهي؟"
نوڪر وڃي پڇيس:
"تون هتي ڇو بيٺي آهين؟ ڇا ٿي چاهين؟"
عورت وراڻيو:
"منهنجي اک کان هڪ گناہ ٿي ويو هو، هاڻي مان هن بدصورت ماڻهوءَ کي ڏسي پنهنجي اک کي سزا ڏئي رهي آهيان!" 😅
(التذڪرة الحمدونية)
ڪيتري نه وڻندڙ نموني عورت سچي ڳالهہ ڪري وئي، ۽ ابو محمد بن حسن بہ پنهنجي بي عزتي بنا ڪنهن لڪائڻ جي بيان ڪري ڇڏي.
قديم عالمن جي اها وڏي خوبي هئي تہ هو کليل دل ۽ صاف زبان وارا هوندا هئا. هو بنا بناوٽ ۽ تڪلف جي پنهنجا واقعا بيان ڪندا هئا.
اهڙو ئي هڪ دلچسپ واقعو الجاحظ سان بہ پيش آيو.
هو لکي ٿو:
"هڪ عورت مون وٽ آئي ۽ چيائين: 'مون کي اوهان سان هڪ ڪم آهي، مهرباني ڪري مون سان گڏ هلو.'
مان ساڻس گڏ هليو ويس. هوءَ مون کي هڪ سوناري وٽ وٺي وئي ۽ اتي ڇڏي پاڻ هلي وئي.
مون سوناري کان پڇيو:
'هيءَ عورت مون کي هتي ڪنهن ڪم لاءِ وٺي آئي هئي؟'
سوناري چيو:
'هيءَ عورت مون وٽ آئي هئي ۽ چيائين تہ منهنجا ٻار چون ٿا تہ اسان جن ڏسڻ ٿا چاهيون. پوءِ مون کان گهر ڪيائين تہ جن جي مورتي ٺاهي ڏيان.
مون کيس چيو تہ مون تہ ڪڏهن جن ڏٺو ئي نہ آهي.
تنهن تي هن چيو: "ترسو، مان هينئر کڻي اچان ٿي."
پوءِ هوءَ اوهان کي وٺي آئي ۽ چيائين:
"جن بلڪل اهڙو هوندو آهي!" 😅
سبق:
چوندا آهن تہ عورتن جي حاضر جوابيءَ جو جواب ڏيڻ آسان ناهي هوندو ۽ سندن طنز بہ ڪڏهن ڪڏهن ڏاڍو تيز هوندو آهي.
تنهنڪري جيڪڏهن ڪا اڻڄاتل عورت اوهان کي سڏي، تہ بنا سبب ساڻس گڏ وڃڻ کان پاسو ڪريو. ۽ جيڪڏهن ڪا اوهان کي غور سان ڏسي رهي هجي، تہ فوري خوش نہ ٿي وڃو... ٿي سگهي ٿو هوءَ پنهنجي ڪنهن "گناہ" جو ڪفارو ڪري رهي هجي، يا وري ڪنهن "جن" جي ڳولا ۾ هجي! 😅