App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

بحريہ ٽائون

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ

مان معافي جو طلبگار آهيان روماسا.
مونکي ايترا ڏينهن بنا ٻڌائڻ جي تو کان پري رهڻ نہ گهربو هو. تون درست ٿي چوين گهٽ ۾ گهٽ توکي اطلاع تہ ڪريان ها، پر خبر اٿئي نہ مان ڪيڏو نہ لاپرواھ آهيان. ڪيترا ڀيرا چيو اٿئي تہ ڪيڏانهن بہ وڃين ۽ ڪال ڪري نہ سگهين تہ گهٽ ۾ گهٽ ايس ايم ايس ڪري ڇڏيندو ڪر.
پئيڪيج بہ هيم، ڪال بہ ڪري پئي سگهيم. پر روماسا منهنجا حواس
باختہ ٿي ويا پنهنجي پيرن هيٺان سنڌ ڪالين جيان کسڪندي ڀانيم.
وڏا وڏا ويڪرا روڊ، ڪشادا پارڪ، لگزريس سيمنگ پول، اسپورٽس گالا، ولايتي وڻ ٽڻ، پکي پکڻ، شاندار محل نما بنگلا، ڪاٽيجز، فيملي اپارٽمينٽس، شاپنگ سينٽر، اسپتالون، اسڪول، ڪاليجون، مسجدون......، ڇا ڇا نہ ڏٺم. هر ماڊل جون نيون نڪور گاڏيون، ٻهڪندڙ چهڪندڙ پر ڪشش چهرا، جن جا مک مرڪندڙ، سڊول صحتمند جسم، تن تي وري پهريل ولايتي ويس وڳا، امن، سک.....، اصل گهڻو ڪجهہ ڏٺم روماسا!
ڇا تہ خوشحاليءَ جا نظارا آهن اُتي، خبر اٿئي جڏهن سج لٿو ۽ ڪاريءَ رات ٻاڪاريو تہ چوءُ طرف رنگن، روشني ۽ نورَ جي برسات وسي پئي ۽ اهڙي چهل پهل شروع ٿي وئي جو ويساھ نہ پئي آيم روماسا.
چتائي ڇو ٿي ڏسين، ڪڏهن گمان ۾ بہ سو چيو اٿئي تہ توسان ڪوڙ ڳالهائيندس. ائين نہ ڏس هن نورَ مٺي جو قسم آ روماسا ڀانيم تہ لنڊن، ٽيڪساس ۽ دبئي ۾ تہ نہ آهيان. هي خو شيون، ٽهڪ، مرڪون، وندرَ جا سامان، ابهوا، ماحول منهنجي دماغ کي کيرو ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا!
روماسا پاڻ کي جنجهوڙيم، اصل ڦٿوڙيم تہ مان ڪٿي آهيان؟ سنڌ ۾ يا سنڌ کان ٻاهر! منهنجو دماغ سالم اٿئي روماسا....، هڪدم چيائين سنڌ ۾، پر الائي ڇو يقين نہ پئي آيم. دماغ تي اجايو شڪ ڪيم، چيو مانس پنهنجي ميمري کي ريڪال ڪر. سنڌ ۾ تہ بک واڪا پئي ڪري، غربت جي ٻوڏ آيل آهي. اڻهوند واسو ڪري ويٺل آهي، خوشيون رُسي ويون آهن. امن، سک، سلامتي، شانتي موڪلائي ويون آهن. مان پنهنجي ماڻهن جا چهرا سڃاڻيندو آهيان. اکين تي چشمو ضرور اٿم پر ديدَ اڃان صفا انڌي نہ ٿي آهي! سنڌين جا چهرا 1971ع کان اڳ جي بنگالين جهڙا بڻجي پيا آهن. سُڪل، هڙٻاٽيون نڪتل ۽ ٽي بي ۾ ورتل آهن. هيءَ ڪهڙي سنڌ آهي جنهن جي واسين جا مان چهرا سڃاڻي نہ ٿو سگهان؟!
اوچتو ان ئي ويل هڪ سهڻو سيبتو قدآور خوش اخلاق نوجوان منهنجي سامهون اچي بيٺو، چيائين اچو تہ مان اوهان کي ”بحريہ ٽائون“ جو سير ڪرايان. توهان کي پنهنجي پسندديدھ هنڌَ ۽ خوابن
جي تعبير جهڙو جنت نما گهر ڏيکاريان. اُهو نوجوان راولپنڊيءَ جو هو. جنهن جو لفظ لفظ منهنجي دماغ تي هٿوڙي جيان وسندو رهيو. اڌ ڪلاڪ ۾ هن منهنجي وجود کي الائي ڪيترا دفعا ڊاهي وري ٺاهي وري ڊاهي ڇڏيو. منهنجون پٽيل اکيون ۽ ڦاٽل وات ڏسي شهريار جو حيران ۽ پريشان ٿيڻ فطري عمل هو ۽ منهنجو حيران ۽ پريشان ٿيڻ قومي عمل هو.
روماسا چيائين بحريہ ٽائون 25 هزار ايڪڙن تي مشتمل آهي. جنهن ۾ هن وقت تائين ساڍا ست سوءُ ڪلوميٽر روڊ جُڙي راس ٿيا آهن. ان پنجاھ هزار جريبن تي لکين گهر اڏجڻ جي آخري مرحلي ۾ آهن جن ۾ ڪروڙين .......آباد ٿيندا. دنيا جهان جا واسي هاڻي بحريہ جا واسي بڻجي چڪا آهن. يورپ، امريڪا، مڊل ايسٽ .....، جي هتي يلغار آهي. اوهان بہ دير نہ ڪيو، هي بنگلا ڏسو ٿا اوهان جهڙن ايسٿيسٽڪ سينس وارن ماڻهن لاءِ زبردست آهن. ساڍن ٽن ڪروڙن ۾ هينئر وڪامجن پيا، سال کان پوءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج يا ساڍا پنج ڪروڙ ڪاڏي نہ ويا.
هتي سنڌي ڪيترا رهن ٿا؟ منهنجو مطلب آ سنڌين هتي ڪيتري بڪنگ ڪرائي آهي؟!
روماسا خبر اٿئي جواب ڪهڙو ڏنائين،
چيائين سنڌين جو هتي ڇا وڃي!!
اکين ۾ اکيون ملائي ڇڏيون مانس تہ سوال ڪيائين اوهان جي گاڏي ڪٿي پارڪ ٿيل آهي؟ اها بليڪ ويگو اوهان جي آهي نہ! ڊرائيور کي ڪال ڪيو تہ مان اوهان کي ڀرسان وارو سيڪٽر بہ وزٽ ڪرائي اچان اُها اڃان وڌيڪ پرائيم لوڪيشن آهي.
مون کي گاڏي نہ آهي.......، مان پيدل آهيان ۽ مان سنڌي آهيان.
روماسا مون کان پري ٿي بيٺو ائين جئين مون کي خدڪش جيڪيٽ پاتل هجي ۽ مان لمحن ۾ بارود سان اُڏڻ وارو هجان.
توهان مون کي اڳم ڇو نہ ٻڌايو تہ اوهان...... آهيو ۽ هوائي چڪر ڏيڻ آيا آهيو! منهنجو اوهان قيمتي وقت برباد ڪيو. اوهان جهڙن جي انٽري بند ٿيڻ گهرجي، چوندو مون کان پري هليو ويو! ٻڌايانءِ ٿو روماسا، پليز ناراض نہ ٿي. مان پاڻ تي انتهائي ضبط رکي پوءِ توکي ڪجھ ٻڌائي رهيو آهيان.
روماسا اُتان مان سڌو وڏي هوٽل ۾ هلندڙ ادبي ميلي ۾ هليو ويس. سڄي سنڌ جا اديب، شاعر، دانشور....... هڪ وڏي مهان اديب کي وڏي غورَ سان ٻڌي رهيا هئا. مان بہ ٻڌندڙن ۾ شامل ٿي ويس. هُو ڳالهائيندو رهيو ۽ مان بحريہ ۽ ڊفينس سٽي ۾ اڏجندڙ ازداهن ۾ ڀٽڪندو رهيس. مان ويٺل تہ لٽريچر فيسٽول ۾ هئس پر منهنجو دماغ مستقبل ۾ انهن ازداهن ۾ رهندڙ ڀانت ڀانت ڪروڙن......جي جهنگ ۾ پنهنجي وجود جي ڳولا ۾ سرگردان هو. شهريار جو جملو” سنڌين جو هتي ڇا وڃي!! منهنجي دماغ ۾ واڪا ڪرڻ لڳو. اديب صاحب جو ليڪچر، ڌمچر ڀانيم. ليڪچر کان پوءِ سوال شروع ٿيا.روماسا مان بہ اُٿي بيهي ان وڏي اديب کان سوال ڪيو، اوهان بحريہ ڊفينس سٽي ڏٺو آهي جي نہ تہ پوءِ هلو تہ اڄ ئي ڏسي اچون تہ مستقبل اسان لاءِ اقليت جي سولي ڪئين تيار ڪري رکي آهي. روماسا مون کان مائيڪ ڦري ورتائون. هال ۾ خاموشي ڇائنجي وئي. منتظمين جا چهرا شهريار جي چهري جيان بڻجي پيا. اسٽيج تان چيائون موضوع ادب ۽ تنقيد آهي. اوهان جو سوال موضوع جي مناسبت سان نہ آهي. روماسا مان بنا مائيڪ جي ڳالهائڻ لڳس تہ اوهان منهنجو مڪمل سوال ٻڌو ئي نہ، جتي وجود جي بقا سواليہ نشان تي هجي اُتي اسان ادبي تنقيد جا ڪُشتا ماڻهن کي کارائي ڪهڙي کيپ کٽي رهيا آهيون. روماسا ٻہ چار سوٽيڊ بوٽيڊ ۽ ڪڙتا پهريل سيکڙاٽ شاعر مون کي هال مان هوٽل جي ڪمري ۾ وٺي آيا. منرل واٽر جي اڌ بوتل پياري چانھ، ڪافي، جوس جو پڇي چيائون اوهان کي خبر آهي سيڪريٽري، وزير صاحب ويٺا هئا. سي ايم صاحب اچڻ وارو آهي. اوهان سٺو نہ ڪيو، ڪراچي ۾ اهڙي بدڪلامي، بد مزاجي ۽ بد انتظامي جو تاثر خراب ويندو. اوهان چانھ وغيرھ پئيو، رليڪس ٿيو، فريش ٿي پوءِ اچي سيشن اٽينڊ ڪيو. اڄ فيسٽيول جو آخري ڏينهن آهي. هن سيشن کان پوءِ ڊنر ۽ ميوزڪ نائيٽ آهي. اوهان نوجوان آهيو انجواءِ ڪيو. ٺيڪ آهي نہ ينگ مين. او ڪي اسان هلون ٿا هال ڏانهن اوهان بہ فريش ٿي اچو. فيسٽيول جي هڪ مهندار صحافي اديب مون کي چيو. روماسا مون وڌيڪ انهن جو هڪ ڌُڪ پاڻيءَ جو نہ پيتو. سائرن وڳا، پروٽوڪول الرٽ ٿيو، سڀ اديب، شاعر، دانشور .....هارَ کڻي اُٿي بيٺا، آ ڌر ڀاءُ شروع ٿيو. تاڙيون، ايوارڊ. ڦوٽو سيشن دوءُران مون رڙ ڪندي چيو سنڌ گم ڪيل ماڻهن جو ديس بڻجي پئي آهي!!!
اسان جي ڊيموگرافي تبديل پئي ٿئي. بحريہ ٽائون،ڊفينس سٽي، ذوالفقار آباد .... وارا اسان جي ڌرتي اسان جي پيرن هيٺان کسڪائي اسان کي اقليت ڪري مارڻ چاهين ٿا. اوهان کي ڪا خبر بہ آهي؟ ان متعلق هن فيسٽيول ۾ ڪو سيشن ڪا قراردات......!!!
هال ۾ قبرستان جهڙي خاموشي ڇائنجي وئي، ڪنهن کان اکر نہ اُڪليو. ويتر والنٽئيرس هال ۾ افراتفري مچائي ڇڏي. مون کي گهلي ان ئي ڪمري ۾ کڻي آيا، هڪ ٿلهي متاري اديب ڪمري ۾ داخل ٿي مون کي زوزدار ٿڦ وهائي ڪڍي، پوءِ بہ الائي ڪهڙي بڪ بڪ ڪندو رهيو.
روماسا ڏک تہ اهو آ تہ منهنجي ضمير کي اڌ رنگ ٿي ويو! مون کي ائين نہ ڏس، مون تي ترسُ نہ کاءُ، منهنجا ارادا اٽل آهن. مزاحمت منهنجي ضمير، خمير ۽ نس نس ۾ بارود جيان ڀريل آهي. رڻ مان رڙ ايندي، رڻ گجندو راڙو ٿيندو......!
هال ۾ وري ٻڙڌڪ مچي ويو، نوجوان اُٿيا..... بحريہ ٽائون ....... نامنظور. مزاحمت ۽ بغاوت جو آواز ڪمري تائين آيو. سڀ مون کي ڇڏي هال ڏانهن ڊوڙيا.
منهنجو مٿو چڪرائجڻ لڳو، سرڪاري ۽ درٻاري صدائون منهنجو ساھ سُڪائڻ لڳيون، منهنجو روح ريزا ريزا ٿيو. روماسا مان ڀڄي ڀورا ڀورا ٿي پيم.
ڊاڪٽر صاحب هن سڄي رات اسان جي ننڊ ڦٽائي ناڙ ڪئي آهي. هن جو ڪو بلو ڪر يا اسان کي هن وارڊ مان شفٽ ڪر!!! مريض دانهون ڪرڻ لڳا.
ڊاڪٽر سرمد جي بيڊ تي اچي بيٺو، سرمد نظرون مٿي کڻي ڊاڪٽر ڏانهن نهاريندي چيو،
منهنجي ڌرتيءَ جو گناھ گار نہ بخشيو ويندو
ڪو بہ غاصب ۽ غدار نہ بخشيو ويندو
روپ رهبر جو وٺي سگهندو نہ رهزن ڪوئي
هاڻي بيدار ٿيو آ ڀلارن جو وطن.
ڊاڪٽر سرمد جي مٿي تي هٿ ڦيري پنهنجي سڄي هٿ جي اشد آڳر چپن تي آڻي خاموشي جو اشارو ڪندي چيائينس ويلڊن ڪامريڊ!!!
ختم.
manzoorkalhoro2k16@gmail.com