App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ٻہ تاڪيو در..

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 22 منٽ

آسمان تي ڪڪرن جي گجگوڙ آهي.
”جانڻ، او جانڻ... اُٿ تہ ٻاهر قهر ٿي ويو.“
پيءُ اٿارڻ جي ڪيس. پر جانڻ پاسو ورائي سمهي پيو.
”جانڻ او جانڻ.“ هاڻي وڪيو سٽي اٿارڻ لڳس.
”جانو او جانو. اُٿ حرامي.“ وڪئي رڙ ڪئي.
گهر جي صُفي ۾ ستل ڀاتي وڪئي جي رڙين تي سجاڳ ٿي پيا. پر پوءِ بہ جانڻ اٿڻ جو نالو نہ پئي ورتو.
”ڇا ٿيو آهي؟ خير تہ آهي جانڻ جا پيءُ!“
” قهر ٿي ويو عجيبان، اصل پڇ ئي نہ!“
” آخر ڇا ٿيو آهي مئا! هاڻي کڻي ڦاٽ بہ.“
ٻاهر تيز برسات هڪ دفعو وري شروع ٿي وئي.
”اي! ٻاهر مينهن ٿو وسي.“ عجيبان برسات جو آواز ٻڌندي چيو.
” يڪو پيو هلي، اسان کي گهل وٺي وئي، چُورَ پنهنجون ٽئي مينهون، ڀوري، گهنج، ۽ ڪُنڌي ڪاهي ويا عجيبان!“
” ڇا پيو چوين. اِي مُٺيس.“ عجيبان جون حيرت وچان اکيون ڦوٽارجي ويون.
” ها عجيبان ظلم ٿي ويو. ظالم ڀٽاريون ڦرن سميت ڪاهي ويا.“
” ابوءِ...، اِ ئيلي...، گهوڙا ڙي...، يا حسين.“ عجيبان پنهنجي لڱن مان ساھ نڪرندي بہ ٻاڪارڻ شروع ڪيو.
” اُٿ مئا هن ڇُوري کي.“ چوندي جانڻ کي پاڻ ئي پٽي کڻي اُٿاريائنيس.
” پاڙن پٽيا، نشو ڪري سمهيو آهين ڇا؟ اُٿ بغداد ٿيو ويو! چُورَ پنهنجون مينهون ڪاهي ويا.“ عجيبان رڙيون ڪري جانڻ کي ڌونڌاڙڻ لڳي.
” ڇا چئي آئي، چُورَ مينهون ڪاهي ويا؟“ جانڻ اکيون مهٽيندي پٽ تي بيهي صُفي مان نڪري ورانڊي مان ٿيندو اڳڻ ۾ آيو تہ تيز برسات پير روڪي ورتس ۽ وري اچي ورانڊي ۾ بيٺو.
پنهنجي زال جنت کي چيائين،
” اليٽري کڻي آءُ.“ پٺيان سندس ٻيو پرڻيل ڀاءُ اوشاق سندس زال ٻيا ٻہ ڀائر ۽ ڀينر ڪڍ لڳا آيس.
” ڏاڍو زورائتو مينهن پيو آهي.“ وڪئي چيو.
” ڇڏ پچرَ مينهن جي مُئا، ڪو چُورن جو بِلو ڪر.“ عجيبان رڙيون ڪرڻ لڳي.
” اَ ڙي رَن، چُور مينهن واچ ڪندي الائي ڪاٿي وڃي پهتا. تون وات بند ڪر.“ وڪئي اُلر ڪندي چيس.
جانڻ زال کان ٽارچ وٺي اڱڻ ۾ آيو تہ پٺيان سمورا گهر ڀاتي بہ ڪڍ آيس. ٽارچ در ۽ لوڙهي طرف هڻي مال جي مَنھن ۾ ڪاهي پيو. جتي چار ٻڪريون ۽ ٻہ ڇيلا بيٺا هئا. باقي ڪاريءَ وارا ڪک نظر آيس. ٽيئي مينهون غائب هيون. وري بہ ٽارچ لوڙهي ۾ هنيائين.
”چُورَ موريز وٽان لوڙهو ٽپي اندر آيا آهن، پوءِ وڏو در کولي مينهون ڇُوڙي روانا ٿيا آهن.“
” هائو ٻيلي! سچ ٿو چوين، ائين ئي ظالمن ڪيو آهي“.
” هاڻي مئا، قبر ڪٽيا! ويٺو هائو ٻيلي، هائو ٻيلي ڪر. واھ جو چوڪيداري ڪيئي؟ وڏو
خاشو راکو ٿيو آهين؟ سُتو تہ ورانڊي ۾ پيو هئين پوءِ اڄ ڪهڙي گهل وٺي ويئي جو اَڇ ڪرائي ڇڏيئي. اڇي ڏاڙهيءَ ۾ اٽو خراب. روز روز کٽ تان ڪريو پيو آ!! جهل تہ اکيون ڦوٽاري وڙهڻ ڪان ڀڳو ٿو اچي.“ عجيبان مڙس تي ڪاوڙ ڍاريندي رهي.
” هون هون، دهيجان اهو ڇا ٿي چوين؟ سوچي سمجهي تہ ڳالهاءِ، نياڻيون سياڻيون بيٺيون آهن، ڪجھ تہ خيال ڪر. مون تي تہ ڇتي ڪتي وانگر ڀڳين ٿي اچين، پٽن تي تہ ورئين ئي ڪو نہ ٿي.“ وڪئي مينهن ۾ پُسندي ۽ سيءَ ۾ چڪندي وراڻيو.
” انهن کي بہ ڪيچ جون..... هي نہ ٿو ڏسين بلائون لڳل اٿن. سمهن ٿا تہ اٿڻ جو نالو ئي نہ ٿا وٺن. گهر جا ڪتا ڀاڙي ٿيا آهن، نہ تہ ڪچو ۽ چوري.... هئي ڙي قسمت ڪاري.“ عجيبان پارَ ڪڍي روئڻ لڳي.
” اوشاق اندران بندوق کڻي آءُ.“ جانڻ چيس.
” جمن، رجب، ابا اچو تہ ڳوٺ وارن کي سڏي پيرا کڻون.“ جانڻ چيو.
” اڙي هن غضب جي مينهن ۾ ڪهڙا پيرا بچيا هوندا؟ وڪئي رڙ ڪئي.
” شل ڪاني لڳئي تون وڃ تہ سهي. گهر کان ٻاهر نڪر تہ، جانڻ سهي ٿو چوي.“ عجيبان وري ڪاوڙ ڏيکاري.
وڪئي جانڻ کي ڏٺو. جانڻ پيءُ سميت سڀني کي ڏٺو ۽ پوءِ سڀني گڏجي عجيبان کي ڏٺو جيڪا غضبناڪ نظرن سان کين ڏسي منهن مٿو پٽي روڄ راڙو ڪري رهي هئي.
هاڻي جانڻ کي وڪئي جيان يقين ٿيو تہ تيز بارش ڪري پيرن جو صحيح سلامت ملڻ ممڪن نہ هو. پر عجيبان جي دل رکڻ خاطر تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندا ٻاهر چورن جي تلاش لاءِ نڪري پيا.
********
” شهمير ڀٽاري مون کان ڇڏايون پئي وڃئي. مان نہ ٿو جهلي سگهانس.“ الهڏني واڪو ڪيو.
ڏنا زنجير مان هٿ نہ ڪڍجاءِ، جهٻي ڏيس، پنهنجا پير مضبوط ڪر. ڦر آڏو ڪرينس.“ شهمير وڏي آواز ۾ ڏني کي چيو.
آسمان اڄ اُٿلي پيو هو. کنوڻ جا ڇمڪاٽ ۽ گاج جي ڪڙڪن اڄ انهن جون دليون دهلائي ڇڏيون هيون. مٿان وري سيءَ سندن سنڌُ سنڌُ ڏڪائي ڇڏيو هو.
” شهمير مون مان طاقت ڇڏائي وئي اٿئي. مون کان هلڻ نہ ٿو پڄئي. وارو ڪر واهر ڪر. ڏني وري رڙندي چيو.
” ڏنا مڙس ٿي. مون ڏس اڪيلي سر ٻہ ڀٽاريون ڪاهيون پيو هلان.“
برسات وري تيز ٿي وئي. آسمان ۾ ڪڙڪاٽ پئجي ويا. اک نہ ڏسي گوڏو. شهمير هنيانء جي سڌائي تي پنهنجي منزل طرف هلي رهيو هو.
” شهمير منهنجو سڄو پاسو سُن ٿي ويو آهي، مون کان هاڻي هلڻ نہ ٿو پڄي. ٿورو بيھ تہ ساهي پٽيون، پوءِ هلون ٿا. هونئن بہ پاڻ ديهون لتاڙي آيا آهيون. ڀاڳيا جي اچن ها تہ ڪڏهن جو اچي وڃن ها، انهن جو تہ نانءُ نشان ئي ڪونهي.“ ڏني سهڪندي چيو
” چريو نہ ٿي ڏنا، همت ڪر پاڻ ويجها اچي پهتا آهيون. ڀاڳيو ٿي سوچ، چور ٿي هلندو رھ! پنڌ پري نہ آهي، اجهو پهتاسين.“
” پر شهمير....،“ ڏنو ڪنجهيو.
” ماٺ ڪر ڏنا نہ تہ ڏيانءِ ٿو سڌي...، صفا ڪو ڀاڙيو آهين. دلنواز توکي مون سان ڪئين موڪليو؟ “ شهمير جي رڙ ۽ دڙڪي تي ڏنو نانگ واري ڇَپ هنئي. ڪُنڍيءَ جي رفتار سان گهلجندي سهڪندي پڄڻ لڳو.
ٿوري وقت کان پوءِ برسات بند ٿي وئي، تيز هوا گهلڻ لڳي. وڄن واڄٽ پئي ڪيا. شهمير ڀٽارين تي وري لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو. ڏني جي ساھ ۾ ستُ نہ رهيو. پر شهمير جي کُھري ڳالهائڻ ميس ماري ڇڏي هيس. ان ڪري بنا ڪُڇڻ ۽ ڪنجهڻ جي شهمير جي پويان هلي رهيو هو.
وري برسات بهيرون لائي ڏنيون، مٿان وري طوفاني هوا! وڄ جي کجڪن ۽ گاج جي ڪڙڪاٽن تہ هاڻي شهمير کي بہ ڏڪائي ڇڏيو. دل ۾ سلامتيءَ سان پهچڻ جون دعائون گهرڻ لڳو. پر ڏني کي لکا پوڻ نہ ڏنائين، پر اڃان خوف کي ٽارڻ لاءِ ڏني سان مٺي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ لڳو. برسات انهن جي رفتار ڍري ڪري ڇڏي، ڀٽاريون بيهجي ويون. شهمير پنهنجي آلي لوئي لاهي ڏني کي اوڍائي ڇڏي. وڄ جي روشنيءَ ۾ شهمير کي سامهون جهلو نظر آيو. رڙ ڪندي ٽارچ کي سامهون سڌي رخ ۾ روشن ڪيائين ۽ کلندي ڏني کي چيائين،
” ڏنا مبارڪون هجنئي، پاڻ پنهنجي منزل تي پهچي وياسين.“
**************
دلنواز شهمير جي هڪ ئي سڏ تي گهر کان ٻاهر نڪري آيو. انهن کان مينهون وٺي شهمير ۽ ڏني کي گهر جي پوئين پاسي کان ٺهيل اوطاق طرف اچڻ جو چيائين. پاڻ مينهون گهر اندر ٻڌي اوطاق ۾ اڳ ئي تياريءَ تحت باھ جي مچ کي مچائڻ لڳو.
ڏني جي جان ۾ ساھ پيو. مچ جي سامهون ويهندي جسم کي سيڪا ڏيڻ لڳو.
دلنواز هٿ وڌائي ٻنهي کي هڪ هڪ انگوشو، شلوار ۽ قميص پائڻ لاءِ ڏني. شهمير هڪدم ڪپڙا مٽائي کٽ کي مچ طرف سوري کٽ تي ويهي رهيو.
ڏنو ڪپڙا تبديل ڪرڻ کان اڳ ڀرسان پيل مٽ مان ٻہ گلاس پاڻيءَ جا ڀري ڳڙت ڳڙت ڪري پنهنجي اندر ۾ اوتي ڇڏيا ۽ وري مچ جي ڀرسان ويهي رهيو تہ شهمير ڇڙٻ ڏيندي چيس،
” چرڪٽ ڪپڙا بدلاءِ تہ ٿيئي نہ اڌ رنگ.“
” يار بيھ جسم کي سيڪو تہ اچي.“
” ڇڏ سيڪي کي، ڪپڙا بدلائي آهلي پوءُ تہ ٿڪُ ڀڄي پونديءِ.“
” شهمير جائي ٿو چوئي ڏنا.“ دلنواز ٻنهي لاءِ چانھ جي ڪٽلي ۽ سچي گيھ مان تيار ڪرايل اوفراٽا کڻي کين اڳيان رکيا. هنن جا آلا ڪپڙا، بوٽ ۽ هٿيار کڻي گهر طرف ويندي چيائين، ” توهان چانھ پي آرام ڪيو. مان مينهون ماڳ تي رسائي صبح جو دير سوير توهان وٽ موٽي ايندس.“
************
دلنواز درياءَ جي ساڄي ڪپ تي ٻڌل سيد پور جو نامي گرامي چور هو، ڪيترائي ڀيرا جيل ڪاٽيو هئائين. پر پوءِ بہ ساڳيا لاٽون ساڳيا چگھ! درياءَ جو بند، ٻيا ڳوٺ ۽ پڪو ڇڏي ڪچي ۾ ڪاهي پيو هو. خوب مال ڪمائي لٽايو هئائين. ذري گهٽ پنجاھ سالن جي عمر کان مٿي چڙهي هليو هو پر شادي نہ ڪري سگهيو هو. بس پنهنجي نفس کي ريجهائڻ لاءِ نوس نوس ڪندو رهيو هو.
هڪ رات پار وڃي رانوتيءَ ۾ سنگت سان گڏجي چوري ڪيائين. ان گهر ۾ ڪونج کي ڏٺائين. ڳوٺ نہ وريو. رانوتيءَ جي آس پاس ۾ سنگت وٽ رهي پيو. سڀ حيلا، وسيلا، زور زبردستيون، دڙڪا دهمان ۽ داٻا هلائي ڪيل چوري واپس ڪرائي لکين روپين ۾ سال ٻہ اڳ ساماڻيل ڪونج سان لائون لهي ڪچي اندر جڳ کان پري پنهنجي اڪيلي گهر تي ڳوٺ ٻڌي ستن سالن کان تاڙ ڪري چوريون ڪرائڻ ۽ پاٿاري هلائڻ لڳو هو.
انهن ستن سالن دوران ڪونج کي ڪڏهن بہ پيڪين ڏانهن وڃڻ جي اجازت نہ ڏنائين. هڪ ٻہ دفعا ماءُ پيءُ ڪونج سان ملڻ آيا پر دلنواز ڪتن سان گڏ کارائي چلتو ڪري ڇڏيو هين. ان ڪري انهن بہ اچڻ وڃڻ ڇڏي ڏنو هو ۽ جئيري ئي پنهنجي ڌيءُ کي مئل سمجهي وساري ويٺا هئا.
شهمير دلنواز کان عمر ۾ ڪافي ننڍو، ٺاهوڪو، منهن مهانڊي وارو ۽ جانٺو جوان هو. هن جو تعلق پڪي سان هو. پر هفتي ٻئي دلنواز جي ديري تي هوندو هو. دلنواز جي تاڙيل شڪار کي پنهنجي دام ۾ ڦاسائي سندس اڳيان پيش ڪندو هو. دلنواز موٽ ۾ جيڪو بہ ڏيندو هوس کلي خوش ٿي رمتو راهي ٿيندو هو.
دلنواز جي گهر ۽ اوطاق ۾ فرلانگ جو فاصلوهو، سندس گهر ۽ اوطاق وڻن جي جهلي نما جهڳٽي ۾ وڪوڙيل هئا. ڪنهن اجنبي لاءِ گهر ۽ اوطاق جو اندازو ڪرڻ آسان نہ هو.
دوسو، دلنواز جو چور يار هو، جيڪو ڪافي سال اڳ ڀاڳين جي گولين جو بک بڻجي مارجي ويو هو. دلنواز ٽي سال اڳ دوسوءَ جي پٽ رانجهڻ کي پاڻ وٽ ڪچي ۾ وٺي آيو هو، جيڪو سندس گهر، اوطاق، مال، ڪاٺين ڪلين، ٻني ٻاري، گاھ پٺي جو ڪم سنڀاليون ويٺو هيس. رانجهڻ ڦوھ جواني ۾ هو. دلنواز اڃان هن کي چورين تي نہ لاٿو هو. پر ارادو هيس تہ هڪ نہ هڪ ڏينهن رانجهڻ کي بہ آزمائيندو.
************
ٻنپهرن جو شهمير اٿيو تہ اوطاق ۾ دلنواز کي ويٺل ڏٺائين. هيڏانهن هوڏانهن لوڻا هيائين، پر ڏنو نظر نہ آيس.
رانجهڻ وڃ، گهران وڃي شهمير لاءِ ماني کڻي آ.“ دلنواز رانجهڻ کي چيو.
”اُٿ شهمير هٿ منهن ڌوءُ. ماني ٽڪر کائي پوءِ ڀلي سمهي آرام ڪر. ڏنو ماني کائي پنهنجو حصو وٺيون هليو ويو.“
” هليو ويو....، موڪلايائين بہ نہ.” شهمير حيرت مان چيو.
” ها ڪلاڪ سوا ٿيندس هليو ويو. ساھ پيو نڪريس، چيائين ونڊ ڪراءِ تہ وڃان، پوئتي جي ڏاڍي چنتا آهي.
” دلنواز ڏنو صفا ڊڄڻو آ. رات ڏاڍو تنگ ڪيائين. جڏهن ڌمڪي ڏني مانس تڏهن وڃي چُپڙي ڪيائين. گهڻو ڏنيس حصو؟“ شهمير پڇي ورتس.
”ها ها ڊاڙون تہ وڏيون هڻندو آهي تہ مڙس ماڻهو آهيان.“
” دلنواز آهي ٺاهوڪو ڇپڻو حرامي پر رات تِيڪَ ٿي پيو.”
” شهمير رات هئي بہ غضب جي. ٻاهر نڪري تہ ڏس، برسات راڱا لاهي ڇڏيا آهن.ملڪ ئي جل ٿل ٿي ويو آ. وڻ پاڙون پٽجي ويا آهن. حسين جي کجين تي وڄ ڪري ڏهاڪو کن کجيون ڪوئلو ٿي ويون آهن ۽ ڌرتي ڪاراٽجي ڪرڙي سر جيان پٿر ٿي پئي آهي.“
” ها يار دلنواز مينهن، کنوڻ، گاج هنيانءُ پئي ڏاريو. ڀٽارين جي رنڀ مٿان رنڀ هئي. هڪ تيز طوفاني هوا، ڇوٽ ۾ پوندڙ مينهنَ اسان سميت انهن بي زباننِ جون بہ وايون بتال ڪري ڇڏيون. بس ڀاڳ ڀلا هئا جو هنيانءَ جي سڄائي تي هلندو، ڀٽارين کي سنڀاليندو ۽ ڏني کي دڙڪا ڏيندو اچي ماڳ تي پهتس.“
”سچ ٿو چوين شهمير، توهان جي وڃڻ کان پوءِ مون بہ سڄي رات فڪرات ۾ گذاري، پل لاءِ بہ اک ناهي لڳي. جڏهن آيوءَ تڏهن سامت ٿي اٿم.“
رانجهڻ ماني کڻي آيو.
” مال وڻي؟“ شهمير پڇيس
” ڳالھ ٿو ڪرين. مينهون ناهن ماڻهو آهن. وڪئي شونق مان پالي تاتي جوان ڪيون. ٽن مهينن کان وٺي ديھ لتاڙي جانچون جونچون ۽ پڪ پڪايون ڪري پوءِ تہ توهان کي موڪليم.“
” ها اهو تہ نہ ٻڌائي تہ ڏني کي ڇا ڏنئي؟“ شهمير وري پڇيس.
” يار شهمير، ڏنو مولائي مڙس آهي، ٻيو مائي جو ماريل اٿئي. ايلاز منٿون ڪري پنجيتاليھ هزار وٺي ويو.“
” راضي ٿيو دلنواز؟“
” اهڙو تهڙو، اصل پيرن ۾ ٿئي ڪريو! پئسا وٺي رات جي مينهن واچ جيان اڏامي هليو ويو.“
” ڇڳو ڪيئي. اڃان نہ هڪ ٻن چورين تي هليو تہ پاڻهي ٽائيٽ ٿي ويندو.“
” ها سچ ٿو چوين شهمير جوانڙو ڪم جو آهي.“
رانجهڻ شهمير جي کٽ تي ماني رکي مٽ مان وٽو پاڻي جو ڀري کٽ جي اِيسَ تي رکيو.
” شهمير تون رڄ ڪري ماني کاءُ. مان پنهواري ريگيوليٽر تي وڃان ٿو. واپاري سان اڄ ملڻ جو انجام آهي. ڪلھ ڪراچي مان آيو آهي. پنجن ٽرڪن جو مال گڏ ٿي ويو آ. اهو هاڻي ڪڍڻو آهي. رانجهڻ کي بہ وٺيون ٿو وڃان، رستي مان سامان ۽ تو لاءِ سگريٽ وٺي واپس موڪليانس ٿو. مان بہ دير مدار اچي ويندس. پر واپاريءَ سان هڪ هڪاڻي ڪري پوءِ واپس ايندس.“
چوندي کٽ تان اُٿي چيائين،
” اچ رانجهڻ.“
************
ستن سالن ۾ دلنواز حڪيمن، ڊاڪٽرن کان دوائون ۽ پيرن فقيرن جي درگاهن ۽ درن تي باسون باسڻ ۽ دعائن پنڻ کان پوءِ کيس ٽن سالن جو پٽ ۽ ٻن سالن جي ڌيءُ جو اولاد ٿيو هو.
اوطاق ڪچي ڪوٺي، ڇن ۽ وڏي پڌر تي مشتمل هيس. گهر ٻن ڪچن ڪمرن ۽ ورانڊي سان ٺهيل هيس. جنهن کي چيڪي مٽي جو راڳو ڏئي سگريٽن جي پاڪيٽن جي چانديءَ جهڙين ڪلين مان گلڪاري ڪري ڪونج پنهنجو ماندو من وندرائيندي هئي.
راتوڪي برسات ڪري اڄ ٽيپهريءَ سان ئي سيءَ واسو ڪيو هو. گهر وڻن جي جهڳٽي ۾ ڍڪيل هئڻ ڪري سج جي هلڪي ميرانجهڙي ڇانءَ ڇانيل هئي. هڪ ڪمري ۾ ٻار ستل هئا تہ ٻئي ڪمري ۾ نئين وڇايل هنڌ ۽ سُرهي تيل جي سرهاڻ ۾ ڪونج ۽ شهمير وَٽَ وٺي گرم هنڌ ۾ کجڪا ڪري رهيا هئا تہ ڪونج چيس،
” شهمير قسم ٿي پنهنجي پرور جو، هاڻي ڪرينس ڪم پورو. آئُٽو نپٽو آ، ڪير اٿس ٻيو؟ هڪڙو ڀاءُ اٿس سو بہ شهر ۾ گڏھ گاڏو ٿو هلائي. سال ٻن ۾ اچي ڀيرو ڪري ويندو آهي. تڏهن بہ دلو سنئين منهن ڪو نہ ڳالهائيندو اٿس.“
شهمير خاموش رهيو. سمهيل هوندي بہ سڄي هٿ سان شهپر وٽڻ لڳو. اکيون ڪانن جي پترن ۽ بانس جي لڪڙن مان ٺهيل ڇت ۾ کتل هيس. ڪونج وَٽَ کان پوءِ مٿي ۾ تيل وجهي مالش ڪيس ۽ هاڻي وري لوڻن کي هٿ جي ترين سان آهستي آهستي مهٽڻ لڳس.
” پوءِ ڇا ٿو چوين شهمير؟“ ڪونج وري پڇيس.
” هُون.“ شهمير هون ان طرح سان ڪئي ڄڻ ستن پارن کان موٽي وري ڪمري ۾ آيو هو.
” ڪيانس ٿو ڪو بندوبست، موقعو مهل ڏسي....“
” اهو تہ تون سالن کان وٺي چوندو پيو اچين.“ ڪونج پاسيري ٿي سرڪي منهن ۽ ڇاتي شهمير جي سيني تي رکي ڇڏي.
” اڙي چري هيءَ ڪا مينهن جي چوري ٿورئي آ.“
” معني تہ ڊڄين ٿو نہ؟“
” ڪو نہ ڊڄان. تدبير بہ ڪا شيءِ ٿيندي آ. دلوءَ کي گهوٽيندس تہ ضرور! پر گهوٽڻ کان پوءِ ائين نہ ٿئي جو تون ۽ مان ٻئي جيل جون هوائون کائون. ڪم اهڙو ڪجي جو دلو بہ نہ رهي ۽ پاڻ بہ موجون ڪيون.“
” دلوءَ کان پوءِ مون سان شادي تہ ڪندينءَ نہ؟“
ڪونج منهن مٿي ڪري اکين ۾ نهاريندي پڇيس.
”اها بہ ڪا پڇڻ جي ڳالھ آهي. مون تي ڀروسو نہ ٿي ڪرين ڇا؟“ ڪنڌ ڌوڻي چهري تي مرڪ سجائي اکين ئي اکين ۾ هائوڪار ڪيائينس.
” چڳو هاڻي اٿ تہ لٽا پايون. سج لهڻ وارو آهي، ڪٿي رانجهون نہ اچي وڃي.“
” سمھ تہ سهي، مس مس تہ آيو آهين.“ ڪونج اٿڻ نہ ڏنس.
” ڇا ڪيان رن ڇڏي ئي نہ پئي. ڪروڌ ڪري سڄو گهر مٿي تي کنيائين. مس مس بهانو ڪري ٽن ڏينهنن لاءِ آيو آهيان. مان پاڻ تو لاءِ سڪان پيو. هوڏانهن دلوءَ جا نياپن مٿان نياپا هئا. ان ڪري ان کي ريهي ريبي تو ڏي هليو آيس.“
” مون ڏي ڪٿي آئين. اهو تہ تون دلوءَ جي شڪار کي شڪار ڪرڻ آئين!“ ڪونج شرارتي انداز ۾ چيس.
” هان ڇا ٿي چوين، توڏي نہ آيس؟“ چوندي پاسو ورائي مٿان اچي ويس.
ڪونج جا ٻن ٻارن جي ماءُ هئي پر اڃان تائين ڪونج جيان هئي. هن جي اندر مان زندگي جو آبشار هاڻي ئي تہ ڦٽي نڪتو هو. هوءَ شهمير جي ٻانهن ۾ ڦٿڪڻ لڳي. شهمير جي پيارَ انگ انگ ٻاري ۽ ٺاري ڇڏيس. ڪمري ۾ ٻنهي جا ٽهوڪا ڦهلجي ويا. کلي کلي کيرا ٿيا تہ خوشيءَ وچان اکين ۾ پاڻي ڀرجي آين.
” لھ مٺا ساھ ٿو نڪري“. هن ٻانھ جي زور سان کيس پنهنجي مٿان پري ڪيو.
” ڪيڏو نہ تنهنجي پيار ۾ مزو آ ۽ هو مئو دلو حڪيمن جون دوائون ڦڪڻ، ملمن مکڻ کانپوءِ ڦانءِ لڳو پيو هوندو آهي. ڀلا اها بہ ڪا زندگي آ؟ مُئي جي ڏاڙهي ۽ مڇن کي لڳل اهو ڪارو خضاب منهنجي منهن کي ئي ڪارو ٿو ڪري ڇڏي. رڳو ٿو سهڪي، هن جي وات مان ڇَٽ ۽ پگهر جي بدبوءِ منهنجي دل ئي کڻائي ٿي ڇڏي. بصريون، ڪٽيون، مکڻ ۽ کيرَ جا جمن ڀري ٿو پئيي پر مجال آ جو مون کي منهن ڏيکارڻ جهڙو ٿي سگهي ۽ تون تہ وري لڱُ لڱُ ساڻو ٿو ڪري ڇڏئين. چيلھ چٻي ٿيو پوي. مٿو ٻڌڻ کانسواءِ سامت ۾ ئي نہ ٿي اچان!!“
شهمير جي منهن تي مرڪ ڦهلجي وئي. اٿڻ جي ڪيائين پر ڪونج اٿڻ نہ ڏنس.
” اڄ ڀلا اٿڻ ئي نہ ٿي ڏئين؟“
” سمھ تہ ٻڌايانءِ“.
”ڇا؟“
دِلو اڳيون ويھ مينهون ويهن لکن ۾ نہ پر ٻائيتاليھ لکن ۾ کپايون هيون ۽ تو کي ويھ ٻڌايا هئائين.“
” ڇا ٿي چوين؟“ شهمير حيرت مان پڇيس.
” ها سچ ٿي چوانءِ. توکي حصو ڏئي رات جو اچي مون کي پئسا رکڻ لاءِ ڏنائين تہ گنج ٿيو. ٻائيتاليھ لکن ۾ واپاريءَ سان سودو ڪري مينهون ٽرڪ تي چاڙهي شهمير ۽ سنگت کي حصو ڏئي باقي پئسا کڻي آيو آهيان. هاڻي بہ چئي ويو آ تہ رات وارين ٽن مينهن کان پوءِ پنجويھ پوريون ٿي ويون آهن . پنج ٽرڪون نڪرنديون، سٺ ستر لک ڪاڏي نہ ويا.“
” وڏو ڪو ونزلائي آ. مون کي ٿو چوي تہ واپاري لهرائي ٿو تہ چوري جو مال آ، ڪڍڻ، نيڻ ۽ رکڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. هاڻي بہ مس مس في مينهن جو لک کن ۾ سودو طئي ٿيو تہ وڏو وس ٿيو.“
” نہ نہ ڪوڙ ٿو هڻئي“. ڪونج چيس
” هاڻي نہ ڇڏيندو مانس. راتين جو جو پراون ماڻهن جي گهرن ۾ اسان گهرون. زندگي تيل اسان جي ٿئي،محنت ۽ ڪشالا اسان ڪڍون ۽ هي هليو آ معتبر اسان سان دوکو ڪرڻ!“
***********
ٻاهران در کي زوردار لت لڳي. شهمير ۽ ڪونج هڪا ٻڪا ٿي ويا.
رانجهڻ دلنواز کي ڪونج ۽ شهمير متعلق ٻڌائي واپس موٽائي وٺي آيو هو.
شهمير کٽ تان لهي گوڏ ٻڌي، قميص پائي ڇڏي. ڪونج جو ساھ سڪي ويو.
” دروازو کول.“ دلنواز اڀ ڦاڙ رڙ ڪئي.
شهمير جو منهن لهي ويو. ڪونج ڏڪڻ لڳي. ڪاٺيءَ جي در تي دلنواز ڌڪن، لتن جو وسڪارو لائي ڏنو.
شهمير پسٽل کڻي چيمبر چاڙهي ڇڏيو. ڪونج کي ڪڙو لاهڻ جو اشارو ڪيائين.
دلنواز جئين ئي اندر آيو. شهمير ٽگر دٻائي ڇڏيو. گولي دلنواز جي کاٻي پاسي ۾ لڳڻ سان ئي رت جو ڦوهارو وهي نڪتو. ٽنگون نڪري ويس. اڌ جسم ڪمري اندر ۽ اڌ چائنٺ ٻاهر پيل رهيس. کرڙيون هڻڻ لڳو. مڇي وانگر ڦٿڙي ڦٿڙي وڏي کرڙي هڻي دم ڏنائين تہ ان ئي ويل ڪمري اندر بندوق جو فائر ٿيو. ايس جي ڪارتوس شهمير جو سينو گيچڻ جي ڄاريءَ جهڙو بڻائي ڇڏيو. ٽنگن تي بيهي نہ سگهيو. اکيون ڪونج ۽ رانجهڻ جي چهري تي اٽڪي پيس. رت ٺينڊيون ڪري وهڻ لڳس. رانجهڻ سٽ ڏئي پسٽل هٿ مان ڦري ورتس. ڌڙ چوري نہ سگهيو. پر ٽنگون ۽ ٻانهون دم گهڙيءَ لاءِ چريس. ڳالهائڻ چاهيائين تہ نڙيءَ مان چچريل آواز نڪتس، وڌيڪ ڳالهائي نہ سگهيو. ساڳئيءَ ويل ٽنگون ٻانهون ڦري ويس. ڍور جيڏي زبان ٻاهر نڪري آيس. اکيون نرڙ تائين نڪتل ۽ وات مانڊول جيڏو کليل رهجي ويس.
*************
دلنواز ۽ شهمير جا لاش رانجهڻ ۽ ڪونج کڻي اوطاق جي پڌر ۾ پرڀرو ڦٽا ڪري ڇڏيا. بندوق جي ٽيگر ۽ گهوڙن تان رانجهڻ پنهنجي اڳرين جا نشان صاف ڪري وڏي چالاڪيءَ سان دلنواز جي آڳرين جا نشان وٺي ڪمري مان رت واري مٽي ڪوري ڪوري سڀ نشان مٽائي کڏ کوٽي پرڀرو اچي اڳواٽ رٿيل رٿ رٿ تحت ڪونج جي چوڻ تي پوليس جي چوڪيءَ تي اطلاع ڏئي آيو تہ ڪونج جي گهر وارن ۽ دلنواز جي ڀاءُ ڏانهن نياپا اماڻڻ جا جوڳا بندوبست ڪري آيو هو.
ڪونج هر هر چئي رهي هيس،
” رانجهڻ مڙس ماڻهو ٿجاءِ. پوليس اسان کي سوگهو ڪرڻ لاءِ وڏا وڪڙ سڪڙ ڏيندي. متان هيڻو ٿيو آهين ۽ دل لاٿي اٿئي. ياد رکجاءِ ائين نہ ڪجاءِ، جي ائين ڪيئي تہ اسان لاءِ ٻئي جهان جهنم ٿي پوندا. پوءِ نہ تہ اسان شادي ڪري سگهنداسين ۽ نہ هي مال ملڪيت بچائي سگهنداسين. مڙس ٿجانءِ، اصل دل نہ لاهجانءِ، بس ڪجھ نہ چئجاءِ. رڳو اهو چئجاءِ تہ مان ٻنيءَ تي ويو هوس. ڪلھ رات شهمير آيو هو پاڻ ۾ ڏند چڪ ڏنا هئائون. پوءِ الائي ڇا ٿيو جو هڪٻئي کي ماري وڌائون.
” تون منهنجو فڪر نہ ڪر، پاڻ پڪي ٿجاءِ. منهنجو هڏ گڏ ڀڄندا تڏهن بہ ٻڙڪ نہ ٻوليندس. وعدو آ توسان، مري ويندس پر اکر نہ اڪلندس“. رانجهڻ پنهنجي سنهڙين مڇن ٿي هٿ ڦيريندي چيو.
”ٻڌ رانجهڻ سونَ ۽ پئسن جو بہ ڪنهن سان ذڪر نہ ڪجاءِ. منهنجي ابي سان بہ نہ ڪجاءِ“.
” چري ٿي آ ڇا ڪونج، مان ڇو ڪندس. باقي ٻڌ هائو مائو ٽري تہ واپاريءَ کي مينهن جون پنجئي ٽرڪون ڀري ٿو ڏيان. پنجاھ سٺ لک پنهنجا ڪاڏي نہ ويا.“
” صبر ڪر رانجهڻ، هن جنجهٽ مان پنهنجي جان ڇڏايون تہ پوءِ ڪري وٺجاءِ. جي مينهون ويون تڏهن بہ پاڻ وٽ گنج آهي.“
” ڇو مينهون وينديون.“ رانجهڻ دهمان ڪيس.
” ٺيڪ آ جئين تنهنجي مرضي رانجهڻ.“
************
ڪارو جمعدار لشڪر وٺي لاش کڻڻ لاءِ پهتو. دلنواز ۽ شهمير جا هٿيار قبضي ۾ ڪري لاشن جو جائزو ورتائين تہ دلنواز جي اندرين صدري ۾ روڪ لک روپيہ ۽ شهمير جي کيسي مان ڏھ هزار مليس تہ پئسا کڻي کيسي ۾ وڌائين. رانجهڻ کيس ڏسندو رهيو. گهر اندر اچي ڪاري جمعدار ٻنهي ڪمرن ۽ ورانڊي جو جائزو ورتو.
ڪونج پارن مٿان پار ڪڍي رهي هئي. پڻهس، ماڻهس، ڀائر ۽ ڀينر بہ اچي پهتس. سالن کان پوءِ ابي امڙ، ڀائرن ۽ ڀينرن جو منهن ڏٺو هئائين. انهن کي چنبڙي اصل رانڀٽ ڪرڻ لڳي. جمعدار ٿورو اندر ترسي ٻاهر آيو تہ دلنواز جو ڀاءُ بہ آڪھ سوڌو اچي پهتو. ڪاري جمعدار ان کي پاسي تي وٺي ڳالهايو ۽ رانجهڻ کي گرفتار ڪري لاش کڻائي روانو ٿيو.
*************
پوليس چوڪيءَ تي پهچي رانجهڻ کي چڳي ڀلي ڦيھ ڪڍيائون. رانجهڻ ڪڇي ڄڻ ڀت ڪڇي! نيٺ هو بہ چورَ جو پٽ هو. پهرين چوري اها بہ مُور چوري. ڪٿي ٿو رانجهڻ باسي ۽ ڪو اکر اڪلي.
وري ٻيهر سٽڪو ڪڍيائونس. ماري ماري ساڻا ٿي پيا پر رانجهڻ جون دانهن ڪوڪن آسمان پئي ڏاريو.
” وڏا ڪٿي ڇورو مري نہ پوي. مون کي نہ ٿو لڳي تہ هن کي وڌيڪ ڪا خبر چار آهي. سپاهي ڪاري جمعدار کي چيو.
” هل شڪ تہ دور ڪيوسين، چڳو وڃي پاڻي ماني ڏيس تہ سامت ۾ اچي تہ پوءِ مون وٽ وٺي اچينس تہ سمجهايانس تہ پئسن واري ڳالھ دل ۾ ئي دفن ڪري ڇڏي. ڪٿي وڏي کي نہ ٻاٻورَ پوي، پوءِ تہ ڏاڍو ذليل ڪندو ۽ روپيو بہ هٿ نہ ايندو.
رانجهڻ کي ڪاري جمعدار سڀ ڪجھ سمجهائي طوطي وانگر پڙهائي اماڻيو.
رانجهڻ دل ئي دل ۾ ڪونج جي چالاڪيءَ تي کيس داد ڏيڻ لڳو تہ ڪئين ڪونج هٿ سان پئسا دلنواز ۽ شهمير جي کيسن ۾ وجهي اڻ سڌي طرح پوليس کي رشوت ڏئي ڇڏي.
صوبيدار رانجهڻ ۽ ڪونج کي ٿاڻي تي کڻائي هفتو ٻہ دڙڪا،داٻا، دهمان ۽ ڪٽڪا سٽڪا ڪرايا پر ڪجھ بہ نہ وريو.
ڪارو جمعدار پئسا ڦٻائڻ ۽ ڦاٽ ڦاٽڻ کان بچڻ لاءِ صوبيدار ۽ وڏي منشي کي روز روز اچي ٻڌائڻ لڳو تہ ”ڇوري جو ڪراڙي ماءُ کان سواءِ ڪو اوهي واهي ڪونهي ڪو. ڪو ارڪان ڪو نہ اٿس جو ٻہ ٻہ خون ڪري ڪري سگهي. ٻُوگهلو آ. سڄو تر ٿو چوي تہ دلنواز ۽ شهمير جو پراڻو جوڙ هو ڪنهن زماني ۾ مينهن ماري آيا هئا. ان جي ڏيتي ليتي تان بگڙيل هئا. ان ڪري هڪٻئي کي ماري وڌائون.مائي ۾ بہ افعال ڪونهي. دلنواز جو ڀاءُ بہ چوي ٿو تہ ٻئي بيڏوهي آهن. ڪلھ بہ مون وٽ دلنواز جو ڀاءُ ۽ مائي جو پيءُ مينهن وڪڻي پهريان لک روپيہ ۽ پوءِ منهنجي چوڻ تي ڏيڍ لک کڻي آيا آهن. وڌيڪ چون ٿا ٽڪو نہ بچيو آهي. مان تہ چوانءِ ٿو وڏا صاحب کي چوءُ تہ ڊن ڪيان.“
”پئسا وٺي کڻي اچ. صاحب سان مون ڳالهائي ڇڏيو آهي. پهريان مائي کي ڇڏينداسين. هفتي کان پوءِ ڇوري مان بہ هٿ ڪڍنداسين.“
***************
ڪونج آزاد ٿي گهر آئي. ٻي مينهن وڪڻي پئسا دلنواز جي ڀاءُ کي خيرات ۽ ٻئي خرچ پکي لاءِ ڏئي کيس روئي روانو ڪيو.
” باقي ٻہ مينهون بچيون آهن،ٻچن جو گذر سفر ڪندس. ڪڏهن ڪڏهن اسان جي سار سنڀال پيو لهجاءِ ڀائو“. دلنواز جي ڀاءُ کي چيائين.
ڪونج پيءُ کي پنهنجو رازدار بڻائي ڇڏيو هو. دلنواز جو سون ۽ پئسن ڏسڻ کان پوءِ پڻهس جون واڇون گودو ٿي ويون هيون.
ڪونج پيءُ سان رانجهڻ جون وڏيون نيڪيون ڪيون هيون. اڄ تہ ڳالهين ڳالهين ۾ ٻڌائي بہ ڇڏيائينس، ”رانجهڻ واڙ ۾ بيٺل پنجويھ ڀٽارين جو سودو ڪرڻ ويو آهي. پئسا وٺي اچي تہ پوءِ شهر هلي رهنداسين. جتي مان رانجهڻ سان پرڻو ڪري اوهان جي ڀرسان رهي پوندس.“
ڌيءُ جون حرفتون ڏسي دائم دنگ رهجي ويو. ڏاڍي حيراني ٿيس. ويتر ششدر ٿيل پنهنجي اکين سان سامهون ايندڙ رانجهڻ کي ڏٺائين.
رومال ۾ ويڙهيل پئسا ڪونج کي هٿ ۾ ڏيندي چيائين،” پورا ويھ لک اٿئي باقي ٽيھ لک ايندڙ مهيني جي ڏهين تاريخ تي ڏيڻ جو انجام ڪيو اٿائين.“
ڪونج جو چهرو ٻهڪي پيو. رومال ۾ لکن روپين کي ڏسي پڻهس جون واڇون ٽڙي پيون ۽ سندس ڦڪي ٻٽيهي چپن مان خوشيءَ وچان ظاهر ٿي پئي.
رانجهڻ پنهنجي سنهڙن شهپرن تي هٿ ڦيري ڪرڙين اکين سان ڪونج کي ڏسي پنهنجو ساڄو هٿ چڏن جي وچم ڏئي ڇڏيائين. ڪونج پئسا کڻي ڪمري ۾ وئي. دائم ٻارڙن کي اوطاق طرف کنيون هليو ويو. رانجهڻ کان اڱڻ ۾ بيهڻ نہ پڳو تڪڙ ۾ ڪمري ۾ وڃي ڪاٺ جو ٻہ تاڪيو در اندران بند ڪري ڇڏيائين.

ختم

Manzoor kalhoro
e-mail: manzoorkalhoro2k16@gmail.com
ماهوار سوجهرو ڪراچي ۾ شايع ٿيل