App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

مڙس ماڻهو!

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 13 منٽ

سيشن ڪورٽ جي اوڀر پاسي ۾ ٺهيل پرزن شيڊ ۾ اڄ صبح سان ئي جيل مان آندل ڪچن پڪن قيدين جي اهڙي تہ رش هئي جهڙي اڄ جي قهري گرمي هئي. شيڊ ۾ لڳل ڇت وارا پکا جون پير جون پير هلي رهيا هئا. ڪافي قيدي ٺهي ٺڪي، اهرجي پهرجي آيا هئا. قيدين کي مٿن تي پاتل ڪاون جون ٽوپيون، وڏيون سلوارون، شهپرن جا تاوَ، ڪن ڪن جي هٿن تي تہ وري ڪن ڪن جي هٿن پيرن تي لڳل مينديون. ٻانهن جي ڪراين ۾ ٻڌل واچون ۽ ڪيترن قيدين کي بوسڪي جي پهريل وڳن کي ڏسندي ”باک“ ۽ سندس ٽي ٻار گرميءَ وچان پگهر ۾ شرابور ٿي رهيا هئا. شيڊ جي اتر پاسي واري ڪنڊ ۾ خالي پيل زمين جي ٽڪري تي رون رون ڪري هلندڙ ڇت واري پکي جي هوا بہ نہ لڳڻ جهڙي لڳي رهي هئي. باک ڪپڙي جي رومال ۾ ٻڌل ديڳڙي ۽ فروٽ جي ٺهيل ٿيهلي وڌيڪ پاڻ ڏانهن سوريندي تيزيءَ سان ٻارن کي ونجڻو هڻندي وري قيدين ڏي نهارڻ لڳي. شيڊ جي اندر قيدين ۽ ملاقاتين جي اهڙي ڀيڙ لڳل هئي جهڙي جانورن جي پڙيءَ ۾ لڳل هوندي آهي. سپاهين جا تہ قيدين جي رش ڪري اڄ رڄ ٿي ويا هئا.
ملاقات تي ٻہ ٻہ ٽي ٽي سوءَ، سگريٽن جا پاڪيٽ، فروٽ جون ٿيلهيون، موبائيل جا ڪارڊ وٺڻ ۽ ٻئي ونڊ وٺڻ تي ٻہ سپاهي ۽ هڪ جمعدار معمور ٿيل ڏٺائين. باقي شيڊ جي ٻنهي پاسي ۽ سامهون سپاهين کي خبردار بيٺل ڏٺائين. قيدي گهر جي مانين کي اتي شيڊ ۾ ئي ٻرو ڏئي رهيا هئا تہ ڪي موبائيل فون تي گهروارن، مائٽن ۽ دوستن سان زور زور سان ڳالهائي رهيا هئا، ڪي کلي رهيا هئا تہ ڪي گارين جا ڌوڙيا لايون ويٺا هئا. ڪن جا چهرا ٻهڪي رهيا هئا تہ ڪي ملول لڳا ويٺا هئا. ڪجھ قيدي اڌوراڻن ڪپڙن ۾ ڏاڍا ميرا ۽ گدلا ڏٺائين، وري ڪجھ قيدي اهڙا بہ نظر آيس جن جو ڪو بہ ملاقاتي نہ آيو هو. اهي پنهنجون نظرون اجايون هيڏانهن هوڏانهن ڦيرائي گهيرائي ويڳاڻا لڳا ويٺا هئا.
شيڊ جي اندر کٻي پاسي هڪ ننڍڙي هوٽل هئي جتان چانھ، بوتلون، ٿڌو پاڻي……،ملي رهيو هو ۽ ان ننڍڙي هوٽل سان لڳ ئي سگريٽن جي مانڊڙي هئي جتان قيدين جا ملاقاتي سگريٽ ماچس، بسڪيٽ ۽ ڪيڪ پيس وٺي رهيا هئا.
شيڊ اندر اڌڙوٽ گهورڙيو مٺن کارن کپائڻ جا هوڪا ڏيندي ڦيرا ڏئي رهيو هو تہ باک جي ننڍڙي ڌيءُ، ماءُ کي قيدين ڏانهن حيرت وچان واجهائيندي ڏسي چولي کان ڇڪ ڏيندي چيس،
آئي…، او آئي…… مٺو ”بڪوٽ“ وٺي ڏي.
باک ننڍڙي صابل کي رهڙ ڏيندي چيو،
بس ڪر، ماٺڙي ڪري ويھ، ڏوڪڙ ڪونهن!
ننڍڙي صابل ماءُ جي غضبناڪ لهجي۽ بگڙيل منهن ۾ گهوريندي
چٻ ڪڍي اڃان رُني ئي مس تہ باک منهن وارا ٻہ ٺاهوڪا چمنبا هڻي ڪڍيس.
ننڍڙي صابل کان ڳوڙها ڳڙي پيا، چٻ ڪڍيائين پر ماءُ جي ڪاوڙ ۽ خوف کان زبان مان رڙ نہ نڪتس پر اندر ۾ ڪيهاٽ ڪندي منهن ماءُ جي جهولي ۾ ڏئي سمهي پئي.
باک جون نظرون شيڊ جي سامهون ڪورٽ واري رستي ۾ کتل هيون جتان سپاهي قيدين کي ڪورٽ طرف وٺي اچڻ وڃڻ ۾ پورا هئا. باک جون نظرون نظير کي ڳولي رهيو هيون.
هوءَ جيئن ئي صبح سان شيڊ طرف آئي هئي تہ سپاهي نظير کي ۽ ان سان گڏ هڪ ٻئي قيدي کي ڪورٽ طرف وٺي وڃي رهيا هئا. باک جيئن ئي نظير کي ڏٺو هو تہ خدساختہ هوءَ هن طرف وڌي وئي هئي تہ پوليس جمعدار رهڙ ڏيندي چيو هوس،
هل مائي……، هالي ڇڏينس، ڪورٽ مان ٿي اچي تہ پوءِ……!
نظير ميڇ ڏئي شيڊ طرف هلي انتظار ڪرڻ لاءِ چيو هوس. ٻن ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ٿي ويو هو اڃان ڪورٽ مان وٺي نہ آيا هئس.
باک پٽ ڪريم بخش، وڏي ڌيءُ جمالان ۽ ننڍڙي صابل کي وري تيزيءَ سان تيز ونجڻو هڻڻ لڳي.
ڪافي قيدي ڪورٽ مان واندا ٿي شيڊ طرف اچي رهيا هئا. ملاقاتي ۽ قيدي هڪٻئي کي ٻکين ٿي پئجي ويا. باک اهڙي وائڙي لڳي ويٺي هئي جهڙي واچوڙي جي واءُ!
اندر ئي اندر ۾ سوچيائين هي ماڻهو ڪٿان ٿا ايترا پئسا آڻين جو ايتريون شيون شغليون وٺي اچي ڍڳ ٿا لڳائين؟ ڳاڙها، ساوا ۽ نيرا نوٽ قيدين ۽ پوليس وارن کي ڪڍي ٿا ڏين! امير هوندا نہ؟ اتي جو اتي اندر ۾ پنهنجو پاڻ کي جواب ڏنائين، ۽ مان والا، هار ۽ منڊي ڳاري وڪيل کي ”فهي“ جا پئسا ڏنا. باقي بچيل پئسن مان مهينو اڌ ڀاڄي ڀتي ورتي. اڄ ٻي حاضري آهي ۽ ڏس اسان جا ڪهڙا حال ٿي ويا آهن؟ پنهنجو پاڻ کان سوال ڪيائين؟! جي ٽوپا ٽڳا نہ ڏيان ها ۽ بشيران جي گهر جو ڪم ڪار نہ ڪيان تہ هن ٽن معصومڙن، جيتامڙن جو ڪهڙو حشر ٿئي ها؟! نڙيءَ ۾ ڪڙاڻ ڀرجي آيس، آخ ٿو ڪري ڀرسان ئي ڦٽي ڪري ڍري ٿيل ونجڻي کي وري تيزيءَ سان پنهنجي زندگيءَ جيان هلائڻ لڳي.
”شابش“ آهي ويچاري بشيران کي جو چانورن جو سير کن، ڪڻڪ جو اٽو ڏنائين ۽ هزار بہ اڳواٽ ڏنائين. جنهن مان ٽي سو ڪڪڙ جي ٻوڙ تي، ٻہ سوءَ سپاهي کي حاضري جا ڏيان. ڏيڍ سوءَ جو ميوو ورتم، مئن ظالمن ڏيڍ سوءَ جو ميوو وري ڪيترو ڏنو آهي. پنجاھ چنگچي واري ڪرايو ورتو. سوءَ جا نظير کي ”سنگريٽ“ وٺي ڏيان. پنج سوءَ روڪ نظير کي ڏيان تہ جيل ۾ کڻي وڃي. جيل ۾ ڇا ڇا نہ ٿو گهرجي؟ باقي ٻہ سوءَ بچيا، سوءُ بس جو ڪرايو ڪيان. پنجاھ چنگچي جو ڪرايو ، باقي پنجاھ جي ٻارڙن کي شيءِ شغل وٺي
ڏيان. ائين پندرنهن سوءَ پورا.
نہ نہ ملاقات ڪري ٻارن کي پنڌ وٺي لاري جي اڏي تي وڃان. ٻارن کي شيءِ تي نہ هيرايان اهو پنجاھ بہ بچايان. پورو سوءُ بچندو، ڏکئي وقت ڪم ايندو!
ننڍڙي صابل ماءُ جي جهوليءَ مان منهن مٿي ڪري ماءُ کي چيو،
آئي پاڻي……
صابل جو منهن گرميءَ جي ڪري ڳاڙهو لعل ۽ پگهر ۾ شل ٿي ويو هو. باک رئي سان منهن اگهي وڏي ڌيءُ جمالان ۽ پٽ کي چيو تہ،
اٿو … وڃو… او سامهون هوٽل واري جي گندڙي مان پاڻي صابل کي بہ پيئاريو، پاڻ بہ پيئو ۽ مون لاءِ بہ گلاس ڀري اچو.
ٻار ماءُ جي چوڻ سان ئي اٿي پاڻي پيئڻ لاءِ هليا ويا. باک جون نظرون ٻارن ۾ ۽ خيال نظير جي طرف هئس.
الله ڪري جلدي اچي ماني کائي، اڳ ئي ٿڌي ٿي وئي آهي. ڪڪڙ جو ٻوڙ اٿس. اڇا چانور، ڪڻڪ جا اوڦراٽا بہ اٿس اچي ڍوءُ ڪري کائي. ڏيڍ مهينو ٿي ويو آهي گهر جي ماني ڏٺي ئي نہ هوندائين. هي ميوو بہ اٿس. ميوو ٿورو ڀائيندي اندر جو اندر ۾ چيائين، ڀلا جيڪو مون غريب جو حال آهي. پاڻ کي خبر نہ اٿس تہ مون وٽ ڪهڙي “ڌراوٽ“ ڇڏي ويو هو. اهو نہ سوچيندو هوندو تہ باک ڪيئن ٿي گهر ۽ ٻارن جو چرخو هلائي!
جي بشيران ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر ڪم تي نہ رکي ها، ٻہ ويلا ماني ۽ ٽي هزار مهيني تي نہ ڏي ها تہ مان ڪيئن ڪيان ها!! ان رلهين سبڻ تي ڀلا ڪو گهر هلي ها ڇا؟
ڏسجاءِ نظير ماني کائي خوش ٿيندو؟
وڏي ڌيءُ پاڻيءَ جو گلاس اڳتي وڌائي ڏيندي چيس،
آئي……، پاڻي……
پاڻي جو گلاس وٺي هڪ ئي ساهي ۾ ڏوگهي وئي. رئي سان منهن اگهي، نرڙ تي آيل پگهر بہ اگهيائين تہ ٻہ سپاهي نظير ۽ ان جي جوڙيوال کي وٺي شيڊ اندر هليا آيا.
باک اٿي بيٺي. تڪڙ تڪڙ ۾ پوتي ۾ ٻڌل پئسن مان سوءَ سوءَ جا ٻہ نوٽ جدا ڪري هٿ ۾ ڪيائين تہ سپاهي، نظير ۽ قيدي سامهون اچي بيٺس. باک سوءَ سوءَ جا ٻہ ڳاڙها نوٽ سپاهي جي هٿ ۾ ڏنا.
مائي باقي اسان جا سگريٽن جا پاڪيٽ!
او! صاحب…الله ڏيندي…، اسان صفا غريب آهيون!
سپاهي ٻہ سوءَ وٺي باک جي چهري کي گهوريندو جمعدار جي طرف هليو ويو. نظير ۽ قيدي باک جي سامهون ٿي ويهي رهيا. ٻارڙا نظير کي ابا ابا چئي چنبڙي پيا.
باک هاڻي وڏي تيزيءَ سان نظير ۽ قيدي کي ونجڻو هڻڻ لڳي. هاڻي ٻارڙن جي گرميءَ جو بہ الڪو نہ رهيس. ونجڻو تيزي سان هلڻ لڳو جو نظير جي مٿي جا وڏا جهٻَ وار جهومڻ لڳا.
اڄ مئي ڏاڍي گرمي ٿي آهي. باک ڳالهايو.
نظير نرڙ تان پگهر اگهيو تہ باک وڏي ڌيءُ جمالان کي رهڙ واري انداز ۾ چيو،
هيڏي
آ ڇوري، هي وٺ ”وجڻو“ ۽ پيءُ کي هڻ. ونجڻو ڌيءُ کي ڏيندي ديڳڙي تي ٻڌل رومال جو ڳنڍيون کولڻ لڳي تہ نظير پڇيس،
منهنجي لاءِ سگريٽ آندا اٿئي؟
کوڙ سنگريٽ… سامهون مانڊي واري کان وٺون ٿا.
ڪڪڙ جو ٻوڙ، اڇا چانور ۽ ڪڻڪ جي ماني ڌار ڪندي پوتي ۾ ٻڌل پئسا ڇوڙي سوءُ جو نوٽ پٽ کي هٿ ۾ ڏيندي چيائين،
هيڏي آءُ ابا، هي سوُ روپيو وٺ سامهون مانڊي واري کان پيءُ لاءِ سنگريٽن جو پاڪيٽ وٺي آ. باقي پنجن سون جو نوٽ ڪڍي هٿ ۾ پڪڙي خوش ٿيندي نظير طرف وڌائيندي چيائينس،
هان هي تنهنجي لاءِ آهن، جيل کڻي وڃجاءِ. باک جو چهرو ٻهڪڻ لڳو.
بس پنج سوءُ……!!! نظير جو چهرو ٽامڻي هڻي ويو. شهپر ڦڙڪيس. ناسون ڦونڊجي ويس. دوڏا ڪڍي لت کڻي ديڳڙي کي هنيائين. ڪڪڙ جو ٻوڙ، چانور شيڊ جي فرش تي هارجي ويا ، ٻوڙ جي رس جون ڦينگون سامهون ويٺل باک جي پيرن، ڪپڙن ۽ منهن ۾ وڃي لڳيون. ديڳڙي جي کڙڪي تي سڀني قيدين ۽ سپاهين جو ڌيان هنن طرف ويو.
باک جي اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيا ۽ ائين چٻ ڪڍيائين جيئن گهڙي اڳ سندس ننڍڙي ڌيءُ صابل مٺو بسڪوٽ نہ وٺي ڏيڻ تي ڪڍيا هئا.
ننڍڙي صابل بہ هڪي ٻڪي ٿي وئي. باک جي اندر جي خوشي ماتم ۾ تبديل ٿي وئي. نظير سان جوڙيوال قيدي وائڙن وانگر شيڊ جي ٻين قيدين ۽ سپاهين کي تڪي رهيو هو جيڪي سڀ انهن ڏانهن واجهائي رهيا هئا. پر نظير جي ڪاوڙ اڄ جي گرميءَ واري پد کان بہ گهڻو مٿي چڙهيل هئي. سيني وارا سڀ بٽڻ کليل هئڻ ڪري سينو ڌنوڻ وانگر ڌمي رهيو هوس. هٿ اڀو ڪري وري ناسن کي ڦوٽاري دوڏا ڦاڙي نرڙ ۾ سونڊ وجهي باک کي ڪچي گار ڏيندي چيائين،
اٿ ٽر منهنجي اکين جي اڳيان نہ تہ ڪيانءِ نہ اتي جو اتي پورو! وري بہ ڪچي گار ڏنائينس.
باک ڇرڪندي نظير کان ٿورو وٿيرڪو ٿي ويٺي. شيڊ ۾ ويٺلن جون نظرون هنن تي کتل هيون.
پٽ سگريٽن جو پاڪيٽ وٺي آيس پر پيءُ کي ڪاوڙ ۾ ڏسي ماءُ جي پاسي ۾ اچي پاڪيٽ هٿ ۾ جهلي بيهي رهيو.
هي ڇا ٿو ڪرين؟ نظير کي جوڙيوال قيدي ٽوڪيندي چيو، ڪجھ تہ خيال ڪر. سڄي جيل جي خلق ٿو کلائين پاڻ تي، ٿورو ”ڪانٽرول“ ڪر پاڻ تي.
باک فرش تي هاريل چانور مٿان مٿان ميڙي کڻي ديڳڙي کي سڌو ڪري ان ۾ وجهڻ لڳي. مانيون کڻي صاف ڪري وڏي جمن ۾ باقي بچيل ڪڪڙ جي ڀاڄي سنوت ۾ آڻيندي، نير وهائيندي نظير کي بي وسي وچان تڪڻ لڳي.
شيڊ جا قيدي ۽ سپاهي وري پاڻ ۾ مگن ٿي ويا.
اڙي يار…… نظير وري ڪاوڙ مان ڳالهايو.
ٻن مهينن کان پوءِ حاضري تي آئي آهي. چانورن جو گرھ، ٻوڙ ذري، ٻہ چار ڊڳڙ ۽ ڇڙا پنج
سوءَ کڻي آئي آهي.
جيل ۾ اسان ڪيئن ٿا جاليون؟ اها تہ اسان کي خبر آ نہ. ڀلا تون ٻڌاءِ ان پنجن سون مان ٽئي پاڪيٽ سگريٽن جا ملندا ۽ هي ڏس جيڪو فروٽ کڻي آئي آهي…… شرم بہ نہ ٿو اچيس.
باک سڪتي ۾ اچي وئي. پنڊ پهڻ ٿي وئي. ڳوڙها ڳڙڻ بند ٿي ويس، سڏڪا سڪرات ۾ هليا ويس. نظير بس نہ ڪئي، ڪاوڙ جو دورو جوڀن تي هيس. جوڙيوال قيدي چتائي ڏسي چيس،
ڏاهو ٿي صبر ڪر.
باک جي خاموشي ۽ جوڙيوال جي ٿڌائي بہ نظير جي ڪاوڙ کي جهڪو ڪري نہ سگهي.
پوءِ بہ باک سنوت ۾ آندل ماني ٻوڙ، چانورن جي ديڳڙي وري اڳتي وڌائيندي اڃان سامهون ويٺس ئي مس تہ نظير ماءُ تي ڪچي گار ڏيندي باک کي پيٽ واري زوردار لت وهائي ڪڍيس.
باک کان ڪيهاٽ نڪري ويا. پر پاڻ کي سنڀاليندي پاڻ کي ڪرڻ کان بچائيندي ٻئي هٿ پيٽ طرف وڌائي ڇڏيائين. هاڻي ٻار بہ روئڻ لڳا. جوڙيوال سٽ ڏئي هٿ ڪڙي جي زنجير کي ڇڪي ٻوٿ خراب ڪري نظير ڏانهن ڏٺو.
وري شيڊ ۾ ويٺل قيدين ۽ بيٺل سپاهين ۾ ڦڙڦوٽ ٿي.
نظير نہ مڙيو وري ديڳڙي کي لت هنيائين. نظير تڪڙا تڪڙا ساھ کڻڻ لڳو. ناسون ڦونڊاريل، دوڏا نڪتل ۽ نرڙ جا سونڊ اڀرڻ ۽ لهڻ لڳس.
هاڻي باک وري سري سامهون آيس، اک کڻي نظير کي ڏسي پنهنجون نظرون جوڙيوال قيدي سان ملائيندي چيائينس،
ڀائو هن کان پڇ جن سوءُٽن جي ڪري ڳوٺ ۾ جهيڙو ڪيائين. اهي سوءُٽ هاڻي ملاقات تي اچنس ٿا؟! پڇي ڏسينس ڀاءُ پهرين ملاقات کان پوءِ وري هن سان ملڻ آيو اٿس. مون پنهنجو سون ڳاري ۽ وڇ کپائي وڪيل ڪري ان کي پئسا ڏنا. پڇينس جڏهن جهيڙو ڪري جيل ويو پٺيان هڪڙو سوءُ گهر ۾ ڇڏي آيو هو. ٿاڻي تي منهنجي بيمار ڀاءُ پئسا ڏئي پوليس جي مارَ کان بچايس. اهو ويچارو پاڻ بيماري جي بستري تي آهي. خبر ٿس پاڻ کي هن جي ڀاءُ ڇڙا ٽي ويلا کارائي چيو مائي پنهنجو بلو ڪر يا هلي وڃ پنهنجي ڀاءُ ڏي. مان پاڻ غريب آهيان!
تون ٻڌاءِ ڀائو مان عورت زال ڇا ڪيان؟ هن جهيڙو تہ ڪيو پر اسان جو سوچيو؟ هن ٽن معصومن کي ڪير ٿو پالي؟ رلهيون سبي سبي مون کي آڱرين ۾ نشان پئجي ويا آهن. باک آڱرين جا نشان ڏيکارڻ لاءِ پنهنجا هٿ اڳتي وڌائيندي قيدي کي چيو، ادا
ڳوٺ ۾ سڄو سڄو ڏينهن ڊاڪٽر جي گهر ڪم ڪيان ٿي. هو ٻہ ويلا ماني ڏين ٿا ۽ مهيني تي روپين جا ٽي هزار ڏين ٿا. ادا ٽن هزارن ۾ ڇا ٿو ٿئي؟ تون پاڻ ٻڌاءِ!
هي ننڍڙو بيمار ٿي پيو. پٽ ڏانهن اشارو ڪندي ٻڌايائينس. مان چيو مري ويندو. پر الله کي ٻاڏايم، پوءِ بہ پورا ٽي هزار
لڳي ويا. هاڻي وڃي ويچارو اٿيو آ.
ڀائو پئسا ڪو نہ هئا پوءِ بہ مائي کان هزار اوڌارو وٺي ۽ پنجن سون ۾ رلهي سبي پندرنهن سوءَ هٿ ڪري ٽن سون جو ڪڪڙ، ڏيڍ سوءَ جو ميوو، پنجاھ چنگچي جو ڪرايو، ٻہ سوءَ سپاهين کي ملاقات جا، سوءَ جا سگريٽ، پنج سوءَ هن کي روڪ. باک نظرون کڻي نظير ڏانهن نهاريندي چيو، باقي هي ٻہ سوءَ ادا. ان مان سوءُ ڪرايو ڳوٺ جي بس جو، پنجاھ چنگچي جو باقي بچو ادا ڇڙو پنجاھ!
جوڙيوال قيدي جي اکين ۾ ڳوڙها تري آيا هيٺين چپ ۾ پنهنجا ڏند کپائيندي چيائنس،
بس ڪر منهنجي ادي……، بس ڪر. چوندي نظير جي چهري ۾ جوھ وڌائين.
باک اٿي بيٺي، وري ٿورو هيٺ جهڪي آهستي چيائينس، ”مڙس ماڻهو“ تون جنهن سوءُٽ لاءِ جهيڙو ڪيو ان جون نظرون جوڻي… مون ۾ اٿئي پر مان تو وانگر بي غيرت نہ آهيان. مان پني سني، اوڌر سوڌر وٺي، پورهيو پال ڪري ٻچڙا وٺي توکي ڏسي پنهنجو اندر ٺاري، تنهنجي آزاديءَ جي آس کڻي جئيڻ جا جتن ڪندي آئي آهيان.
پر جي من تي مير لايان ها تہ توکي ڪهڙي خبر! توکي تہ گهرجن ٻوڙ پلاءَ، مڇيون پلا، ڳاڙها ساوا ۽ نيرا نوٽ……!
ننڍڙي ڌيءُ کي ڪڇ تي کڻندي ۽ ٻارن کي سنڀاليندي نڙي ۾ وري آيل ڪڙاڻ کي ڪاڪڙي مان ڇڪي ڪڍي آخ ٿو ڪري چيائينس،
هاڻي ويٺو هج… مري ويندس پر توڏي ملاقات لاءِ مور نہ ايندس.
جوڙيوال قيدي نظير کي چتائي ڏٺو. نظير جا شهپر لڙڪي پيا، نرڙ تي آيل سونڊ غائب ٿيس. ناسون ڌريون، سيني جي ڌوڻ بند ٿي ويس. ساٿي قيدي سان نظرون نہ ملائي سگهيو، …… وچان ڪنڌ جهڪي پيس. نرڙ تي آيل پگهر اکين ۾ ٻوڏ جيان ڪاهي پيس، چور نظرن سان باک کي سامهون ٻارن سميت ويندي ڏسي اندر جي زبان اٿل کاڌس باک… باک… باک، پر مڙس ماڻهو جي وات واري زبان ڪاريهر وانگر ڇپ هڻي ويهي رهي.
ختم
Manzoor kalhoro
Larkano
email#manzoorkalhoro2k16@gmail.com.