انٽرچينج
ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 18 منٽ
اڄ بابا ڏاڍو ياد ٿو اچي. چڱو ٿيو جو مون تي ڏنڊو کنيائين نہ تہ بابا وانگر ڊاڪٽر هجان ها. صبح جو ڪنهن سرڪاري اسپتال ۾ ۽ شام جو پرائيويٽ ڪلينڪ تي زڪام، بخار ۽ کنگھ وارا مريض ڏسي ڏسي ٿڪجي پوان ها.
ڀلا بابا سڄي زندگيءَ ۾ ڇا ڪري سگهيو؟ هڪڙو گهر، ڪار ۽ پنج اٺ ايڪڙ زمين جا...!
ادا زميز بہ بابا جيان ڊاڪٽر ٿيو اڌ کان وڌيڪ عمر گذري وئي اٿس، مس مس هاڻي وڃي ايف سي پس ايس ڪئي اٿائين. پڙهي پڙهي پروڻ ٿي ويو آهي. ڇا اٿس؟ بابي وارو گهر، گاڏي کڻي مٽائي اٿائين. هاڻي چوي ٿو پرائيوٽ ڪلينڪ آهستي آهستي مچڻ لڳي آهي. جيڪڏهن مان هٿ نہ ونڊايانس تہ ڏاڍو ڏکيو ٿئي!
زندگي پئسي بنان موهن جي دڙي جو کنڊر آهي، پئسو آهي تہ بهار ئي بهار آهي.
پاڻ کي ڏس ۽ پنهنجي وڏي ڀاءُ رميز کي بہ ڏس. ڪيڏو نہ پڙهيو آهي، ايف سي پي ايس جهڙو ڏکيو امتحان پاس ڪيو اٿائين. 19 گريڊ جو ڊاڪٽر آهي. ڇا اٿس؟
مان صرف هڪڙو سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪيو. ڇهن سالن ۾ ڊپٽي ڪليڪٽر ڪسٽم ٿي ويس. ڇا ڇا نہ اٿم! ڪراچي ڊفيس ۾ شاندار فليٽ، بحريہ ٽائون ۾ پلاٽَ، ڪروڙين روپيہ، ڪروڙين روپيہ وري ورجايائين. ها ها ڪروڙين روپيہ!
هي جيڪا آخري پوسٽنگ ٿي صرف ٽن مهينن ۾ 9 ڪروڙَ ڪمايم!! ظالم وڌيڪ جي 3 مهينا رهڻ ڏين ها تہ منهنجا وارا نيارا ٿي وڃن ها. پر اهو بہ شڪر آهي جو اها پوسٽنگ ملي وئي. سٺو ٿيو جو سعيد جهڙو دوست آهي نہ تہ ڪٿي اهڙي پوسٽنگ ملي ها.
مڃبو سائين پنجابي وڏا هوشيار آهن. ڪئين نہ سعيدَ فيصل آباد جي سيڪريٽري جي مائٽن کان چورائي منهنجي ۽ پنهنجي پوسٽنگ ڪرائي. نہ تہ اسان سنڌين جو دڪو ئي داخل نہ آهي. سعيدُ نہ هجي ها تہ مان بہ ڪنهن سائيڊ پوسٽ تي هجان ها. مال ميڙيان ضرور ها پر ايترو نہ جيترو هاڻي ٺاهيو اٿم.
هاڻي ان پئسي جو ڊسپوزل ڪرڻو آهي. ڊفينس وارو فليٽ کپائي هڪ ٺاهوڪو بنگلو وٺان. ان جي رينٽ بہ سٺي ملندي ۽ بنگلن جي ري سيل بہ جام آهي. سعيدَ وانگر ڊالر وٺي دبئي ۾ فارن اڪائونٽ کولرايان. پر اهي حرامي دبئي پئسا ٽرانسفر ڪرڻ تي ڳريون ڳريون ڪميشنون وٺن ٿا.
ادا صحيح ٿو چوي تہ پئسا ڏئي تہ حيدرآباد، سکر ۽ لاڙڪاڻي ۾ رئيل اسٽيٽ ۾ لڳايان. ان ڪم ۾ بہ ڏاڍي ڪمائي آهي. پر پوءِ ان ۾ ادا جو بہ حصو ٿيندو نہ……! ڀلا ڀاءُ آهي جي ٿورو گهڻو شئير ڏنو مانس تہ ڪهڙي منهنجي دولت ۾ کوٽ ٿيندي؟ اڃان ڪرپشن جو پئسو ليگلائيز ٿي پوندو تہ سائين ڊاڪٽر آهي ڪمائي ملڪيت گڏ ڪئي اٿائين.
اهو سڀ ڪجھ سوچيندي انيس ڦونڊ ۾ ڀرجي ويو. پاڻ تي فخر محسوس ڪيائين.
ڪرسي تان اُٿي انٽر ڪام تي چانھ جو آرڊر ڪيائين. ڪرسي کي ڇڏي صوفي تي اچي ويٺو. ائير ڪنڊيشڊ جو ٿرو صوفي تي ڊائريڪٽ نہ ٿئي لڳس. پرل ڪانٽينينٽل اسلام آباد جي شاندار ڪمري ۾ انيس تيار لڳو يارنهن ٿيڻ جو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو. اڄ سيڪريٽري کيس ملاقات لاءِ سڏايو هو. سعيدَ جي ڪمي شدت سان محسوس ڪيائين.
سعيدُ پنهنجي يارڙي سان باڪو آذربائيجان هليو ويو هو. باڪوءَ بابت ٻڌل ڳالهيون ساري مزو وٺڻ لڳو.
سعيدُ……، وڏو حرامي……، ڪجھ ڏينهن ترسي ها تہ مان بہ وڃانس ها. پر سائين نشاط جي نشن همراھ کي کيرو ڪري وڌو آ! اڦ……، ڇا تہ نشاط آهي؟! وڏو ساھ کڻي ٿڌو شوڪارو ڀريائين.
مان بہ ڊفينس ۾ بنگلو وٺي زرينہ ۽ ٻارن کي ڪراچي ۾ رهايان.
ڇڏ يار ……انيس. زرينہ ۽ ٻار حيدرآباد ۾ ٺيڪ آهن. اتي لکن پڙهن ٿا. گاڏي اٿن، خرچ پکو ملين ٿو. ادا جي بهترين سنڀال اٿن. ها باقي هاڻي حيدرآباد وارو گهر مٽائي حيدرآباد ۾ ڪنهن پوش علائقي ۾ سٺو بنگلو وٺي ڏيان.
باقي تون پنهنجي لائيف کي انجواءِ ڪر مسٽر انيس. تون ڪو عام ماڻهو نہ آهين. تون خاص الخاص آهين. هيءَ دنيا مزن سان ڀرپور آهي. تون جوان آهين هينڊسم آهين. تو وٽ پئسو آهي، پاور آهي، اسٽيٽس آهي. ان مان لطف وٺ، جواني جو قدر ڪر. وري جواني موٽي ٿورئي ملندئي.
روم جي در تي ناڪ ٿيو. ويٽر هن جي اجازت سان اندر هليو آيو، چانھ ٺاهي ڏئي هليو ويو.
ٻہ سرڪيون مس ڀريائين تہ سيل فون تي سيٽ ٿيل الارام جي رنگ ٽون وڃڻ لڳس.
او……، يارنهن ٿي ويا. ڦل سوٽ جو ڪوٽ هينگر مان لاهي جلدي ۾ پائي لفٽ وٺي اوبر جي گهرايل گاڏي ۾ ويهي سيڪريٽري سان ملاقات لاءِ روانو ٿي ويو.
******
سيڪريٽري جي پرسنل اسٽاف آفيسر جي آفيس ۾ اچي اڃان ويٺو ئي مس تہ سيل فون تي روشني جي نالي سان سيو ڪيل ڪانٽيڪٽ نيم تان ڪال اچڻ لڳس. اتي جو اتي رنگ ٽون آف ڪري ڪال اٽينڊ نہ ڪيائين.
مان هي فائيل بہ صاحب کي ڏئي اچان ۽ روبرو اوهان جي اچڻ جو اطلاع بہ ڏئي اچانس ٿو. پرسنل اسٽاف آفيسر انيس سان مسڪرائيندي ۽ اهو چوندي سيڪريٽري جي آفيس اندر هليو ويو.
وري روشني جي ڪال اچڻ لڳس، ساڳئي طرح رنگ ٽون آف ڪيائين. ڪال پوري ٿي تہ سيل فون ئي پاورڊآف ڪري ڇڏيائين.
اچو انيس صاحب، صاحب اوهان کي سڏيو آهي.
********
پوءِ پوسٽنگ ۾ مزو آيو يا
نہ؟ سيڪريٽري معنيٰ خيز انداز ۾ پڇي ورتس.
جي سر…
واٽ يو مين باءِ جي سر؟
سر تمام گهڻو مزو آيو. آءُ اوهان جو شڪرگذار آهيان.
ڪا ڳالھ ناهي. تو ۽ سعيد تمام سٺو ڪم ڪيو آهي. باقي اهو سعيد ڏاڍو تيز بندو آهي. منهنجي بيگم صاحبہ جي عزيزن تائين پهچ وٺي پنهنجي ۽ تنهنجي پوسٽنگ ڪرائي ويو. منسٽر صاحب جو تمام گهڻو زور هو، چيائين انهن ٻنهي کي بنادير رپورٽ ڪرائي اتي ٻئي منهنجا ماڻهو پوسٽ ڪر. مون ان کي پرسنل رڪئيسٽ ڪري توهان ٻنهي لاءِ صرف ٽن مهينن جي مهلت طلب ڪئي. جئين اوهان بہ نااميد نہ ٿيو!!
سر اها اوهان جي گريٽنيس آهي. انيس مختصر جملو ڳالهايو.
تہ پوءِ ينگ مين فلحال ڇھ مهينا تون گهر انجواءِ ڪر، پوءِ توکي ڪٿي سٺي هنڌ تي پوسٽنگ ڏبي. ڊونٽ وري…… هان……، سيڪريٽري ٿورڙو سيٽ تان مٿي اٿي هٿ اڳتي وڌائيندي چيس. جنهن جو مطلب هو
You may go now
انيس کي سيڪريٽري جي اوچتي هٿ وڌائڻ واري عمل هڪو ٻڪو ڪري ڇڏيو.
هٿ ملائيندي Thank you sir چوندي اجازت ورتائين.
ٻاهر اچي پرسنل اسٽاف آفيسر جي آفيس ۾ رپورٽ ڪرڻ جي ڪاروائي اڪلائيندي ڇهين حس ڦڙڪي اُٿيس ۽ اسٽاف آفيسر کان سعيد جي پوسٽنگ جو معلوم ڪيائين.
سعيد…… جي پوسٽنگ جو پروپوزل سيڪريٽري صاحب پورٽ لاءِ موڪليو هو. منسٽر صاحب جي ائپروول اچي وئي آهي. انشاالله next week سعيد صاحب جي پوسٽنگ آرڊر جو نوٽيفڪيشن جاري ٿي ويندو.
انيس جا ترا لڳي ويا. سعيد کي رپورٽ ڪرائي پندرنهن ڏينهن ۾ سٺي پوسٽنگ ڏني وئي ۽ هن کي ڇهن مهينن لاءِ رپورٽ ڪرايو ويو. وقتي طور ڊس اپائينٽمنٽ ٿيس پر هو ڪري بہ ڇا ٿي سگهيو.
خير سيعد کي اچڻ ڏي. ان جا پير پڪڙڻا پوندا. پاڻهي منهنجي پوسٽنگ ٿي ويندي. گاڏي ۾ ويهي هوٽل ويندي سوچڻ لڳو.
هن ملڪ ۾ سنڌي هجڻ وڏو عذاب آهي، جي سعيد بہ مون وانگر سنڌي هجي ها تہ خبر پئجي وڃيس ها. چڳو ٿيو هڪ پنجابي يار تہ اٿم. پر لڳي ٿو حرامي چار ڪروڙ مون کان ڪڍي منهنجن پئسن مان ئي پنهنجي ۽ منهنجي پوسٽنگ ڪرائي ويو. پر وري بہ شابس اٿس جو پوسٽنگ تہ ڪرايائين نہ تہ مون وارا ٻيا بيچ فيلوز ڪسٽم جي ناڪن تي ناڪي منشين وارو ڪم پياڪن!
لابي مان ٿيندو لفٽ وٺي روم اندر هليو آيو. اوچتي خيال آيس تہ سيڪريٽريٽ ۾ سيل فون آف ڪئي هيم. سيل فون آن ڪيائين تہ روشني جي ڪالس جو بہ ذهن تي ڪلڪ ٿيس.
تہ ڇھ مهينا آزاد……، ها، ها ڇھ مهينا آزاد پنڇي. خوشي بہ ٿيس تہ افسوس بہ.پر اندر ۾ افسوس جو احساس وڌيڪ هيس تہ
ڪاش! سعيد جيان منهنجي بہ ڪنهن سٺي هنڌ تي پوسٽنگ ٿئي ها تہ مان وڌيڪ ڪروڙ ڪمائي سگهان ها. پر ڇا ٿو ڪري سگهجي. اهو چوندي روشني کي ڪال ملائي ڇڏيائين.
روشني سان سعيد ملايو هوس. ڪراچي جي پوش علائقي ۾ ريسٽ هائوس هلائيندي هئي. سعيد جيان انيس بہ پڪو گراهڪ هيس. ٽن مهينن جي غير حاضري کان پوءِ روشني ٻڌايس تہ نئوان نگ تنهنجو اننتظار ڪري رهيا آهن. نئون نگن جو ٻڌندي ئي انيس جي انگ انگ ۾ ڏنگ لڳڻ شروع ٿيا. روشني سان ڳالھ ٻولھ ڪري ڪراچي لاءِ شام واري فلائيٽ ۾ بڪنگ ڪرائي پيڪنگ ڪرڻ لڳو.
زرينہ ۽ ٻارن جا هر هر الائي ڇو خيال اچڻ لڳس تہ ساڳئي وقت ريسٽ هائوس ۾ گذاريل لمحن جو ماحول، رقصَ،جسمن جي جهنڪار، رنگ، خوشبو ۽ انگ انگ جو وٽجڻ سٽجڻ ۽ پگهر ۾ شرابور ٿيڻ وارن منظرن زرينہ کي سندس ذهن تي لمحن لاءِ بہ بيهڻ نہ ڏنو.
**********
اڄ ريسٽ هائوس ۾ ٽيون ڏينهن هيس. هن جا ٿڪ لٿا ۽ چڙهيا هئا. پر اڄ صبح جو ننڊ مان بيدار ٿيڻ کان پوءِ سمورا ٿڪ لهندي پاڻ کي مڪمل فريش فريش محسوس ڪيو هئائين. اڄ اکڙين جا خمار لهي ويا هئس، ريسٽ هائوس جي ماحول مان ٻاهر نڪرڻ لاءِ من ماندو ٿيڻ لڳس. ان ڪري اندر ۾ آنڌ مانڌ لڳي پئي هئس.
اڄ ڪيترن ئي ڏينهنن کان پوءِ فيس بڪ تي آن لائين ٿيو هو تہ ثروت جو اسٽيٽس اکين اڳيان اپئير ٿيس،
@ Lahore
ثروت جنهن سان هن جي ملاقات ڪراچي لٽريچر فيسٽول ۾ ٿي هئي. جنهن ۾ هوءَ پنهنجي ڪهاڻين جي نئين ڪتاب جي سيشن ۾ لاهور مان شرڪت ڪرڻ آئي هئي.
سنهڙي،سهڻي، قد آور، کير جهڙي اڇي اجري……… انيس جي عمر جيتري. وري جو ڳالهايائين تہ انيس سميت سڀني کي منڊي ڇڏيائين.
ثروت آڊئينس جي اسرار تي جڏهن ان سيشن ۾ پنهنجي هڪ ڪهاڻي پڙهي ٻڌائي تہ انيس ثروت جي ڪهاڻي جي اڻت، پلاٽ، منظر نگاري، مڪالمن ۽ ڪلائميڪس کان ايترو تہ متاثر ٿيو هو جو ثروت جي سونهن فڪشن،آرٽ ۽ انداز بہ ان جيترو ئي موهيو هيس. سيشن کان پوءِ انيس پنهنجون سڀ حرفتون هلائي ثروت سان رل مل ٿي ان کي گاڏي ۾ کڻي موو ان پڪ ۾ پنهنجي روم تي بہ وٺي آيو. جتي هُن، هِن کي لنچ ڪرائي پنهنجي دوستن اڳيان هن جي ڪهاڻين جي تعريفون ڪندي لٽريچر تي خوب ڳالهائي بحث مباحثو ڪري ثروت کي ٺيڪ ٺاڪ امپريس ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو هو. ثروت پڻ هن جي شخصيت، اعتماد ۽ ادب سان لڳاءَ کان متاثر ٿي هئي. ان ڪري وري بہ سندس روم تي آئي هئي جتي هنن اڪيلائي ۾ بہ فڪشن تي خوب بحث مباحثو ڪيو هو.
ان پهرين ئي ملاقات ۾ انيس ثروت سان ويجهو ٿيڻ لاءِ وسان نہ گهٽايو هو. هن ثروت کي ڪجھ ناولن، ڪهاڻين جا ڪتاب ۽ پرفيوم گفٽ ڪري لاهور جي ائير ٽڪيٽ وٺي ائيرپورٽ تي ڊراپ ڪري آيو هو.
پوءِ تہ وقت گذرڻ ۾ ويرم ئي نہ لڳي، انيس هو ثروت هئي ۽ لاهور جو شهر هو.
ثروت هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل ۾ اسڪرپٽ ڊائريڪٽر هئي، سندس مڙس آرڪيٽڪٽ هو. پر انيس خوب پئي ڄاتو تہ هو ثروت کي پنهنجي نقشن جي لڪيرن جيان پاڻ سان ملائي نہ سگهيو هو. ثروت جي اندر جي تشنگي دور ڪرڻ هن جي وس جي ڳالھ نہ هئي. اهو انيس ثروت کي ڊسڪور ڪرڻ کان پوءِ اندازو لڳايو هو. ثروت هاڻي انيس لاءِ ڪا مسٽري نہ رهي هئي. پر ثروت تي انيس جو ڪڏهن وس نہ هلي سگهيو. ثروت جو مزاج، مرضي منشا ۽ طبعيت ڪڏهن ڪڏهن انيس کي بيزار ڪري وجهندي هئي. پر پوءِ بہ هو خوش هو تہ ثروت جهڙي اديبا ۽ گريس ڦل ليڊي جو هن کي ساٿ حاصل آهي. هي اهو زمانو هو جنهن ۾ ثروت ۽ سندس مڙس جا معاملا اڃان وڌيڪ بگاڙ جو شڪار هئا جنهن ۾ انيس جو ڪو بہ هٿ نہ هو. پر انيس ان دوران ثروت تي دل کولي خرچ ڪيو هو. گاڏي جي تبديلي، زيور، برانڊ برانڊ جا ڪپڙا، مهانگن مهانگن بوتيڪس تان ويس وڳا، بيوٽي پارلرس تان تيار ٿيڻ جا بل، کائڻ پئيڻ، انيس سان گڏ ٽريولنگ ڪرڻ کان ويندي بئنڪ بئلينس تائين انيس بغير حساب ڪتاب جي ثروت تان سڀ ڪجھ لٽائڻ کان ڪڏهن بہ نہ ڪيٻائو هو. پر ثروت موٽ ۾ ڪڏهن انيس کي ٿينڪس بہ نہ چيو هو ۽ نہ وري انيس ڪڏهن اهو سوچيو هو. پر اها ثروت هئي جيڪا مهينن جا مهينا انيس سان نہ ملندي هئي ۽ نہ وري فون ڪندي هيس ۽ نہ فون اٽينڊ ڪندي هيس.
هاڻي پورو سال ٿي ويو هو جو ثروت انيس کي بنا ٻڌائڻ جي آسٽريليا پنهنجي ڀاءُ ڏانهن هلي وئي هئي.
اڄ جڏهن ثروت جو فيس بڪ تي اسٽيٽس ڏٺائين تہ بنا دير هن جو نمبر ڊائل ڪيائين ۽ پهرين ئي رنگ تي ثروت ڪال اٽينڊ ڪئي هيس، خوشيءَ جي حد نہ رهيس جڏهن انيس جي خواهش تي ثروت لاهور اچڻ لاءِ چيس.
روشني کي سڏائي، پنجن لکن جو چيڪ ڏئي باٿ روم ۾ فريش ٿيڻ لاءِ اندر هليو ويو.
*********
لاهور پهچي انيس ثروت کي ٽيڪسٽ مسيج ڪري ڇڏيو هو. هوٽل جي ڪمري ۾ هُو ان جو شدت سان انتظار ڪري رهيو هو. پر ثروت هئي جنهن اچڻ جو نالو ئي نہ پئي ورتو. انيس جو جڏهن انتظار طويل ٿي ويو تہ ٻہ چار ڪالون ڪري ورتائنيس، هڪ ٻہ ميسج بہ ڇڏيائنيس. پر نو رپلاءِ……!!
اوچتو وري زرينہ ۽ ٻار ذهن جي اسڪرين تي
اُڀري پيس. ٻہ مهينا ٿيا هئا جو انهن جو منهن بہ نہ ڏٺو هئائين. پر ان عرصي دوران هڪ ٻہ ڀيرا فون تي انهن سان چند منٽ ڳالهايوهئائين.
بيڊ تي پاسو ورائي ثروت جي باري ۾ سوچڻ ٿئي چاهيائين پر تصور ۾ زرينہ جي تصوير هر هر اُڀري پئي آيس تہ جڏهن حيدرآباد ويندو آهي تہ زرينہ ڪئين نہ ٻهڪي پوندي آهي. منهنجي اوچتو وڃڻ جي ڪري ڪئين نہ تڪڙ تڪڙ ۾ وهنجي سهنجي تيار ٿي نئوان ڪپڙا پائي هلڪو ڦلڪو ميڪ اپ ڪري وار کولي جڏهن آئيني جي اڳيان بيهي مون کان پڇندي آهي تہ، ڪئين ٿي لڳان؟ ۽ مون پاران مڙئي اک کڻي نهارڻ ۽ دل رکڻ خاطر جڏهن چوندو آهيانس تہ لاجواب! ان وقت زرينہ جو چهرو ڏسڻ وٽان هوندو آهي.
پر هُو تہ زرينہ کي روايتي مڙس کان بہ گهٽ ڀائيندو هيس. پر زرينہ شڪايت کان نا آشنا هئي.
ائين بہ ڪو نہ هو تہ زرينہ ڪا اڻ پڙهيل ڄٽ ۽ ڳنوار هئي. زرينہ پڙهيل ڳڙهيل سگهڙ زال هئي. پر هُوءَ بس انيس لاءِ زال ۽ هن جي ٻارن جي ماءُ هئي. پر انيس زرينہ لاءِ سڀ ڪجھ هو. هُو جيڪي ٻہ چار ڏينهن گهر ۾ ٽڪندو هو زرينہ مهڪندي، ٻهڪندي ۽ چهڪندي رهندي هئي.
هن تہ انيس کان ڪڏهن گُهري پئسا بہ نہ ورتا هئا ۽ نہ وري ڪڏهن ڪا خاص فرمائش ڪئي هئائينس.
موٽ ۾ انيس بہ گهٽ سنگ دلي جو مظاهرو نہ ڪيو هو. ڀاءُ ڏانهن ماهوار گهر جو خرچ پکو، ٻارن جي اسڪول ۽ ٽيوشن جي فيس، گاڏي جي تيل، ڊرائيور جي پگهار سان زرينہ ۽ ٻارن لاءِ ڪجھ پئسا موڪلي احسان ڪري ڇڏيندو هو! هي ظالم تہ هنن کي ڪڏهن ڀلجي بہ ڪنهن سياري يا اونهاري ۾ ڪنهن ٽرپ يا ثرڙي ٽوئر تي بہ نہ وٺي ويو هو.
زرينہ جي باري ۾ سوچيندي ڪوفت ٿيڻ لڳس،خيال مٽائڻ جي ڪوشش ڪيائين پر بيسود……!
ياد آيس تہ هن ريسٽ هائوسز ۾ گذاريل راتين دوران ڪئين نہ پراين عورتن تي لک لٽايا آهن. انهن کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪيترا هزار، لک خرچي ڇڏيائين، انهن کي مهانگن مهانگن شاپنگ سينٽرس تي ڪئين نہ خريداريون ڪرايون هئائين. وڏن وڏن هوٽلن ۾ لنچ، ڊنر …… ڪرائي، جهازن جو ٽڪيٽون ڀري گلگت، مري، سوات…… انهن کي سيرَ سپاٽا ڪراياهئائين.
ثروت کي ڇا ڇا نہ ڏنو هئائين، گاڏيون، ڊائمنڊ جا سيٽ، جيولري، بيش بها سوکڙيون پاکڙيون. ان جي ٻارن جي اسڪول جون لکين روپيہ فيس، هن جي بئنڪ اڪائونٽ ۾ لکين روپيہ بار بار منتقل ڪرڻ……!
ڇاهي ثروت ۾؟ بس اهو ئي نہ تہ هُوءَ هڪ فڪشن رائٽر آهي، اسڪرپٽ ايڊيٽر آهي. گليمرس سوسائٽي جي پبلڪ فگر آهي. ڇا سونهن ۾ زرينہ کان سرس آهي؟ زرينہ جي معصوميت ۽ ان جي حسن
جو ڪو مٽ آهي. ائين زرينہ کي تون ڪال ڪرين ۽ هُوءَ تنهنجي ڪال اٽينڊ نہ ڪري! ڪا ريسٽ هائوس واري توکي زرينہ جيان پنهنجي اکين جي پلڪن تي سجائي رکندي؟!
او ڇٽ……، هي مان ڇا ٿو ويٺو سوچيان؟
مڃ تہ تون خد غرض آهين، توکي ٽئي معصوم ٻار آهن انهن جي خوشين متعلق ڪڏهن سوچيو اٿئي؟
چڙ آيس، اُٿي فرج مان پاڻي کڻي اڌ بوتل اندر ۾ اوتي ڇڏيائين تہ ساڳئي وقت سيل فون کڻي ثروت ڪال ڪيائين.
ڪال اٽينڊ ٿي.
ثروت……، انيس چيو ئي مس تہ پريان ثروت جو آواز ڪنن ۾ ٻُريس،
هوٽل جي مين گيٽ تي اچ.
چهرو ٻهڪي پيس، تڪڙو تڪڙو گيٽ ڏانهن وڃڻ لڳو. اندر ۾ هٻڪار ڦهلجي ويس. گهڙي اڳ وارا سمورا خيال ڦنا ٿيندي محسوس ڪيائين.
ثروت دروازو کوليو انيس اڳئين سيٽ تي ويهي رهيو. وڏي عجب ۽ حيرت مان ثروت کي ڏسڻ لڳو. اکيون ثروت جي چهري تي کپائي ڇڏيائين، دل جي ڌڙڪن وڌندي محسوس ڪيائين.
ڇا ٿو ڏسين؟ ثروت بي رخي سان ڳالهايو.
ڪاڏي هلين وئي هئين ايترو وقت؟ انيس هٿ کڻي ثروت جي سٿر تي رکيو.
ثروت ايترو ئي تيزيءَ سان سندس هٿ ڏي نهاريو.
بس زندگي جي بيابان ۾ ڀٽڪي وئي هيس.
مون کي بہ سڏ ڪرين ها!
ڇو؟
توسان گڏ ڀٽڪان ها.
ڀٽڪي سگهين ها؟
توکي مون تي يقين نہ آهي ثروت؟
الائي……!
ڇا الائي ثروت
ڊونٽ بي سيريس يار آءِ ايم آلسو افريڊ…
ڇو……؟ ڇا ٿيو……؟ ٻڌاءِ نہ…… ڇا ٿيو؟
اسٽاپڊ انيس……،ڊونٽ شائوٽ…… اڳم ئي منهنجو دماغ سور وچان پڃري ٿو. دڙڪا ڏيندي انيس کي چپ ڪرائي ڇڏيائين.
ڪار جي اندر مڪمل خاموشي ڇائنجي وئي. ثروت سگريٽ دکائي هڪ گهرو ڪش هنيو.
انيس بہ بنا پڇڻ جي پاڪيٽ مان سگريٽ ڪڍي دکايو.
نيٺ انيس ڳالهايو،
تون هلين ڪاڏي پئي ثروت؟
جهنم ۾……، رهڙ واري انداز ۾ جواب ڏيندي چيائنيس.
هاڻي انيس جو چهرو لهي ويو.
ڏسين نہ ٿو لانگ ڊرائيو……، موٽر وي ڏانهن پئي هلان.
وري ڪار ۾ خاموشي جو راڄ ڇائنجي ويو. گهڙي سوا ترسي وري بہ نيٺ انيس ڊڄندي ڊڄندي ڳالهايو،
تون ناراض نہ ٿئين تہ ڪجھ ڳالهايان.
ها چوءُ. رکو جواب ڏنائنيس.
جيڪڏهن تون ٺيڪ نہ هئين تہ تون نہ اچين ها.
تنهنجي جو فون مٿان فون هئي. نفرت سان ٽمٽار ٿيل زهريلي انداز ۾ اتي جو اتي ورندي ڏنائنيس.
تہ پوءِ آئي هئينءَ تہ هوٽل واري روم تي رليڪس ٿين ها.
ثروت ڪاوڙ وچان انيس جي منهن ۾ گهوري ڏسي وڏو ڪش هنيو.
لڳي ٿو آرڪيٽيڪٽ صاحب سان اڄ وري وڙهي آئي آهين.
اٺ مهينا اڳ مون هن کان ڊوس وٺي ڇڏيو. ثروت انڪشاف ڪندي چيو.
انيس کان ڇرڪ نڪري ويا.
ڊوس……!!
ها ڊوس.
او…… انيس بس ايترو چيو
گاڏي موٽر وي جي ٽول پلازھ تي آهستي ٿي. انيس پرس ڪڍڻ لڳو.
نہ نہ ان جي ضرورت نہ آهي. ثروت بريڪ هڻي هزار جو نوٽ ٽول واري کي ڏيندي پرچي ۽ بقايہ وٺي ايڪسيليٽر تي زور ڏنائين نئين سوڪ جي ٽائرن مان چرڙاٽ نڪري ويا.
انيس بہ ثروت وانگر گهرو ڪش هڻي دونهي کي ڪار جي روم ۾ ڦهلائي ڇڏيو.
تنهنجا ٻار ڪٿي آهن ثروت؟
عثمان وٽ، يعني پنهنجي پيءُ وٽ.
ڇو توسان نہ رهيا ڇا؟
نہ هارون فلحال منع ڪيو آهي.
هارون……، انيس نالو ورتو
ماءِ هسبنڊ، ماءِ بڊي……
ها ر و ن……
پينوراما انٽرٽينمينٽ جو مالڪ.
او……، انيس جو حيرت وچان وات پٽجي ويو.
ثروت… انيس نالو ورتس
ثروت ڪو بہ جواب نہ ڏنو.
تون خوش تہ آهين نہ ثروت.
توکي ڇا ٿو ڏسڻ ۾ اچي. ساڳئي رکيائي مان جواب.
مون کي تہ ڪجھ بہ سمجھ ۾ نہ پيو اچي.
ٺيڪ آهي. ثروت چيو. ان جواب تي انيس جا آنڊا بہ سڙي ويا. ان ڪري انيس بہ ٿورڙي رکائي مان پڇي ورتس،
ڇا ٺيڪ آهي ثروت؟
او…… شٽ اپ مين. اڄ تو وڏي ڪر ڪر ڪئي آهي. ثروت رڙ ڪندي چيو.
مون……!!
ها تو……، ثروت وري رڙ ڪندي تيزيءَ سان بريڪ تي پير رکيو تہ ٽائرن مان وري چرڙاٽ نڪري ويا.
هي ڇا ٿي ڪرين……؟ چري تہ نہ ٿي هان…… انيس دانهون ڪرڻ لڳو.
ڪار روڊ جي سائيڊ تي بيهجي وئي.
نائو ليو……
ڇا؟ انيس کان دانهن نڪري وئي.
مان چوانءِ ٿي ڪار مان لھ ۽ ها ڪڏهن ڀلجي بہ ڪال نہ ڪجاءِ.
ثروت…… انيس پڪاريو ئي مس تہ زوردار منهن واري چماٽ اچي انيس کي لڳي. هن اڃان پنهنجو پاڻ سنڀاليو ئي نہ تہ وري زودار پاسيراٽين واري لت لڳس.
ليو…… ايڊيٽ…… ليو. ثروت رڙيون ڪرڻ لڳي.
انيس جا حواس جواب ڏئي ويا. هن کي خبر ئي نہ پئي تہ هو ڪار مان ڪئين هيٺ لهي بيهي رهيو. دروزاو زور سان بند ٿيو ۽ ڪار تيزيءَ سان سامهون واري زخ طرف وڌڻ لڳي ۽ گهڙيءَ ۾ نظرن کان اوجهل ٿي وئي.
منهن واري چماٽ ۽ پاسيراٽين واري لت ۽ ثروت جي رڙين انيس کي پڃرائي ڇڏيو. ڪاوڙ، ڪروڌ ۽ بي عزتيءَ جي احساس وايون بتال ڪري وڌس. هن کي سمجھ ۾ نہ پئي آيو تہ هاڻي ڇا ڪري؟ دماغ مان سٽون اڀري رهيون هيس. منهن واري زوردار چماٽ جو آواز ڪنن ۾ گونجي رهيو هوس.
اوچتو ئي اوچتو زرينہ جو مهربان چهرو ذهن جي اسڪرين تي ڊسپلي ٿيس. مرڪندڙ، ٻهڪندڙ، شفيق، مهربان معصوم زرينہ جي مسڪراهٽ اکين جي اندر واري دنيا ۾ اڀريس تہ اکيون ڀرجي آيس. اکيون بند ڪري ڇڏيائين، ڳوڙها ڳڙي پيس.
زرينہ جو عڪس اڄ اکين ۾ پيهي ويس اڄ پهريون دفعو هو جو نہ ٿئي چاهيائين تہ زرينہ جو عڪس ڪو ڌنڌلو بہ ٿئي!!
نہ وري خيال مٽائڻ جو سوچيائين پر زرينہ جي متعلق سوچيندي ندامت وچان ڪنڌ جهڪائي گگھ اونداھ ۾ موٽر وي جي انٽر چينج ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌڻ لڳو.
ختم.