App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

آتم ڪٿا جو ھڪ ورق:ھڪ بي گھر شخص ۽ ان جاخانه بدوش ڪتاب

ليکڪ: عزيز گوپانگ | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ

حيا، لڄ، لحاظ ۽ شرافت،
اھي چار شيون ڪنھن به ماڻهوءَ کي مارڻ لاءِ ڪافي ٿين ٿيون.
انسانيت، انسانيت جي وڏي دشمن ٿئي ٿي. ۽ شرافت شرافت جي. مون زندگي ڀر ھڪ مناسب انسان ٿي رھڻ جي، نامناسب حد تائين ڪوشش ڪئي. مون ھميشه پنھنجي راضپي سان پنھنجي دل وٽان دوکا کاڌا. مون پاڻ کي، پاڻ ئي رنجايو!

پوري زندگي گهرندڙ حياتيءَ جا ڏکيا فيصلا مون لمحن ۾ ڪيا، جن مون کي پوري ڄمار ڏکوئيو. مون جنھن به گھاءُ تي مرھم رکيو، ان گهاءُ ڀرجڻ کان پوءِ مون ڏي موٽ کاڌي. اھو گهاءُ منھنجي دل مان ڦٽي نڪتو، ۽ ائين منھنجو اندر گلزار ٿيندو ويو. آئون ڏکن جي ڏيھ ۾ مشھور ٿيندو ويس.

مون پاڻ مٿان پھريون وار ويھن سالن جي عمر ۾ ڪيو. جڏھن منھنجي ملاقات، سورنھن سالن جي سلمه نالي ھڪ اھڙي ڇوڪريءَ سان ٿي، جيڪا صفا ڏسڻ جھڙي ھئي.
منھنجي دل ۾ خواھش پيدا ٿي ته ھن کي، مون کان سواءِ ٻيو ڪير به نه ڏسي. سو مون ھن سان شاديءَ جي آسري ۾ پيار ڪرڻ شروع ڪيو. ھن به مون کي ڀاڪر ۾ جهلي بيھاريو. مون اٺ سال ان ڇوڪريءَ جي گهر ۾ رھندڙ سڀني ساھ وارن جي نوڪري ڪئي. خاص ڪري سندس ماءُ جي.

جنھن سان پيار ڪبو آھي، ان جي ماءُ ڪيڏي به اشراف ڇو نه ھجي، اھا ڌيءُ جي پوري قيمت وصول ڪندي آھي. ماڻهو پنھنجي محبوبا کان وڌيڪ پنھنجي ممڪنه سس جون فرمائشون پوريون ڪرڻ لڳندو آھي. پنھنجن ٿيندڙ بدتميز ۽ بدبخت سالن جي اڳيان سالن جا سال ڪمائيندو آھي ۽ سالين جي والين واسطي ماءُ جي آخري منڊي به کپائي ڇڏيندو آھي. پارٽ ٽائيم نوڪري به ڪري سندن پورتون ڪندو آھي.

مون به ائين ئي ڪيو، امان جا ڳھه ڳاري، سندن لاءِ سونا لاڪيٽ ٺھرايا. ريشم گهٽيءَ جو اڌ ريشم سندن گهر ۾ ڪٺو ڪري ڇڏيو. امان جا ڪٓن ٻُسا ڪري کين جهمڪا وٺي ڏنا. آئون ھڪ ڪناري جي آسري ھر ڪناري ٻُڏس.
مون حد ڪري ڇڏي.

پيار ۾ ماڻهو حدون نه اورانگهي ته اھو بدن به ناھي اورانگهي سگهندو. اھا خبر ته مون کي اول ڏينھن کان ھئي. مگر مون شاديءَ جو انتظار پئه ڪيو. اصل عاشق سچي مالهي وانگر ٿيندو آھي. ھو محبوبيت جي ميوي کي پاڻ کان به بچائي رکندو آھي، پاڻيءَ مٿي جهوپو ھئڻ باوجود آئون اڃارو رھيس. اصل ۾ مون جام پيڻ پئه چاھيو، ھارڻ نه. . . . . !

ساندھ اٺن سالن جو ڊگهو انتظار، آخر پنھنجي پڄاڻيءَ تي پھتو. سلمه جي ماءُ سندس شادي ھٽڙيءَ جي ھڪ وڏيري سان ڪرائي ڇڏي. ھن وٽ انبن جا باغ ھئا، سُوئا مينھون ھيون، کير ھئو، مکڻ ھئو. ۽ سلمه مجبور ھئي.
مجبوري، بيوفائيءَ جو بدبودار نالو آھي.

سندس شاديءَ جو ٻڌي آئون وڻ وانگر اچي پٓٽ تي ڪريو ھوس.
ڪيترن ئي ڏينھن تائين ھانوَ پئه ڦاٽو. سلمه جي وڇوڙي ۾ وڃي کٽ ورتم. ڀينرن جام دلاسا ڏنا، چيائون پئه ته:
تو لاءِ سلمائون کوڙ، دل ڇو لاٿي ٿي. کين ڪونه پئه ٻڌائي سگهيس ته دل لھندي ناھي، ٽٽندي آھي.

ڪجهه مھينن کان پوءِ جڏھن آئون نوڪريءَ تي وڃڻ جھڙو ٿيس، تڏھن سلمه جي ماءُ نياپو مُڪو ته، پنھنجا ڪتاب کڻي وڃ!
آئون جيئن ته اڪثر راتيون سندن گھر ٽڪيو پيو ھوندو ھوس، ۽ اتي منھنجا ڪتاب گڏ پيا ٿيندا ھئا، سو دل جهلي سندن دروازي تان ڪتاب کڻي آيس.
ھي اھو ڏينھن ھئو، جڏھن مون سان گڏ، منھنجن ڪتابن جي به خانه بدوشي شروع ٿي.
مون ڪتاب آڻي پنھنجي گهر رکيا.

سامت ۾ ايندي ايندي مون کي پورا چار سال لڳا. چئن سالن کان پوءِ منھنجي زندگيءَ ۾ ھڪ ٻي عورت به داخل ٿي. ھو ڪراچيءَ کان حيدرآباد مائٽن سان ھر مھيني ملڻ ايندي ھئي، ۽ ھر ڀيري مون سان به.
ھُوءَ جيترا ڏينھن حيدرآباد ۾ ھوندي ھئي، مون سان ضرور ملندي ھئي. پوءِ ائين ٿيو جو، مون کي سلمه جتان جتان ڇنو ھئو، ھن اتان اتان ڳنڍڻ شروع ڪيو. عورت جا ڏنل گهاءُ، عورت ئي ڀري سگهندي آھي.
آئون ھن کي سڄو سڄو ڏينھن پيو وڻندو ھوس. ھن مون کي ائين ٻڌايو ھئو. ۽ مون به کيس اھو ئي چيو ھئو ته، آئون توکان سواءِ رھي نٿو سگهان
نيٺ اسان شاديءَ جو فيصلو ڪيو، ۽ اسان شادي ڪري به ڇڏي.
اسان کي ڇھ ٻار ٿيا، ٽي پٽ ۽ ٽي ڌيئون.
وقت گذرندو رھيو. اسان نوڪريءَ سانگي ھڪ شھر کان ٻيو شھر بدلائيندا رھياسين. خانه بدوشيءٓ جي ان سفر ۾ منھنجا ڪتاب پڻ مون سان گڏ رھيا. آئون ڪتابن ۽ عورتن کان سواءِ رھي ناھيان سگهندو!
ٻار وڏا ۽ اسان ننڍا ٿيندا وياسين. اسان جا ٻار چڱو پڙھي پيا، ۽ شاديون به ڪيائون. اڳتي ھلي ھو ھڪ ھڪ ٿي، نوڪري ۽ ڪاروبار سانگي حيدرآباد ڇڏي، اسلام آباد جا ٿي ويا. آخر ۾ اسان ٻه وڃي پوئتي رھياسين.
ٽيھ پنجٽيھ سال حيدرآباد ۾ گڏ رھڻ کان پوءِ، ھڪ ڏينھن ھن مون کي اسلام آباد ھلڻ لاءِ چيو. جتي اسان جا ٻار رھڻ لڳا ھئا، مون انڪار ڪيو مگر ھوءَ ٻارن وٽ ھلي ويئي.
آئون جھڙوڪ ٻيو ڀيرو وڻ وانگر اچي پٓٽ تي ڪريس.
خالي گهر ڏائڻ وانگر ٿيندو آھي، ماڻهو کي ھانوٓ وٽان کائڻ شروع ڪندو آھي. ڪجهه ڏينھن اڪيلي رھڻ کان پوءِ گهر کي تالو ھڻي، ڪتابن سوڌو اچي پنھنجي سڀني کان ننڍي ڀاءُ، مير محمد وٽ پھتس. ھو ڏاڍو خوش ٿيو، چيائين:
مان تنھنجو آھيان، ھي گهر تنھنجو آھي. ھاڻي تون ھتان ڪاڏي ڪونه ويندين. گهٽ ۾ گهٽ منھنجي جيئري.
مان به وٽس ٽڪي پيس، ٽي سال اسان گڏ رھياسين، ھڪ ٻئي سان اڻ اوريا احوال ڪياسين. ڪيئي راتيون گڏ جاڳياسين،
ھڪ ڏينھن ھو بنان ٻڌائڻ جي ھليو ويو. جٓت ۽ موت بنان ٻڌائڻ جي ھليا ويندا آھن. ھيڪر وڃن ته وري ناھن موٽندا، مير محمد به ڪونه موٽيو.

ڀاءُ کان پوءِ آئون ان گهر ۾ مھينو مس رھيو ھوندس، جو ھڪ ڏينھن سندس وڏي پٽ مون کي چيو:
چاچا!
تون اسان تي بار ناھين، تون اسان وٽ سدا رھيو پيو ھج، پر تنھنجن ڪتابن ڏاڍي سوڙھه ڪئي آھي. انھن جو ڪو بلو ڪر!
۽ پوءِ مون ڪتابن جو بلو ڪري ورتو.
آئون ڪتاب کڻي پنھنجين سڳين سئوٽِن جي گهر ھليو آيس. جيڪي سدائين، مون کي، سندءِ گهر نه اچڻ جا مھڻا ڏينديون رھنديون ھيون. اھي منھنجون ماساتيون به ٿين.
ھو امان کي امان، ۽ بابا کي بابا ڪري پڪارينديون ھيون. مون کي پنھنجي وچ ۾ ڏسي ھو ڏاڍيون خوش ٿيون، آئون به ڪپڙن ۾ نه پئه ماپيس ۽ ڪتاب جِلدن ۾.
ھو ھر ھر ڪوسي ماني ۽ بار بار گرم چانھن پيون آڇينديون ھيون. ننڍيون ھيون جو سندن ماءُ گذاري ويئي ھئي، ۽ بعد ۾ پيءُ به. پوري ڄمار اسان سان گڏ رھيو. اسان ۾ ڪڏھن ڪو سنڌو، پيدا ئي ڪونه ٿيو.
مون پورا ٽي مھينا وٽن خوشيءَ سان گذاريا. مگر ھڪ معمولي ڏينھن تي غير معمولي واقعو پيش آيو. منجهانئن ھڪ ڀيڻ مون کي ادب ۽ نرم لھجي ۾ ٻڌايو ته، منھنجي سانده رھڻ جي ڪري سندن پرائيويسي تباھ ٿي ويئي آھي.
سندس اھا ڳالهه ڀر ۾ رکيل منھنجن ڪتابن به ٻڌي پئه، اھا ڳالهه ٻڌي منھنجو ۽ ڪتابن جو رنگ ھئڊو ٿي ويو، ڌڪ ھڻڻ سان به، مجال جو مون مان رت ۽ ڪتابن مان اکر به نڪري!

اھڙيءَ ريت آئون پنھنجا خانه بدوش ڪتاب کڻي سڳي ڀيڻ جي گهر ھليو آيس. جتي ھو ۽ سندس اڪيلو پٽ رھندا آھن. اسان جي ان وڏي ڀيڻ جھڙوڪ اسان سڀني ڀائرن ڀينرن کي امان سان گڏجي پالي نپائي وڏو ڪيو آھي.
ھاڻي ھن گهر ۾ اسان، يعني مان ۽ منھنجا ڪتاب سڪون سان رھڻ لڳاسين. آخر ڀيڻ جي گهر کان وڌيڪ اَمان ۽ آرام واري جاءِ ٻي ڪھڙي ٿي سگهي ٿي.
ھي اڄ جي ڳالهه آھي، آئون جيئن شام ڌاري گهر ۾ داخل ٿيس ته ادي کي رئندو ڏٺم. گهڻو ئي پڇيومانس ته، ڀيڻ آخر ڇا ٿيو آھي، تون روئين ڇو ٿي! مگر ھن ڪجهه ڪونه ٻڌايو.
بعد ۾ خبر پيئي ته سندس اڪيلي پٽ کائونس رڳو ايترو پڇيو آھي ته:
امي!
ماما پنھنجي گهر ڪڏھن ويندو!
اھو ٻڌي ادي رُئڻ لڳي:
ادي کي رئندو ڏسي ڪتابن مون ڏي نھاريو.
منھنجن خانه بدوش ڪتابن به مون کان اصل ۾ اھو ئي پڇيو پئه، ته اسان پنھنجي گهر ڪڏھن ھلنداسين!