App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ايمبولينس

ليکڪ: سڪندر گلاب سومرو | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ

اسپتال جي سرد خاني مان ھڪ پوڙھي ماڻھوءَ جي نعش کي ايمبولينس ۾ رکيو ويو. پوڙھو ماڻھو جيڪو ڌرڻي ۾ ويٺل ھو. پوليس ڌرڻي کي ختم ڪرائڻ لاءِ ڳوڙها گيس ھلائي. ھڪ گرم شيل پوڙھي شخص جي منھن ڀرسان لوندڙي تي وڃي لڳو. اسپتال تائين پھچندي پھچندي رستي ۾ ئي ھن جو دم پرواز ڪري ويو.

ايمبولينس جو سائرن وڄي ٿو، پرھ ڦٽيءَ جي مھل آھي. مسجدن مان اذانن جا آواز اچي رھيا آھن. سڄو ڳوٺ اذانن جي آوازن ڏانھن ڪن ڌرڻ جي بدلي ايمبولينس جي سائرن ڏانھن ڌيان ڏئي ٿو. ايمبولينس ھڪ گھٽي اڳيان بيھي رھي ٿي. نعش کي ڳوٺ جا نوجوان ايمبولينس مان ٻاھر ڪڍن ٿا. ڪلمہ شھادت جا بلند آواز فضائن ۾ گونجڻ لڳن ٿا.

ايمبولينس جي ڊرائيور کي ڪرايو ڏنو وڃي ٿو. ڊرائيور پيسا ڳڻي ٿو. "سائين معاف ڪجو ڪرايو 12500 جيڪو مقرر ٿيو ھو ان وقت پيٽرول جو اگھ 486 روپيا في لٽر ھو. ھاڻي 536 روپيا آھي. ڪرايو 15000 ٿيندو."

ڪرايي ڏيندڙ جي دماغ تي پيٽرول جا اگھ روزاني جي بنياد تي مقرر ٿيڻ وارا حڪومت جا بيان گونجڻ لڳن ٿا. خاموشي سان ڊرائيور کي 15000 ڏئي ڇڏي ٿو. ايمبولينس واپسي جو دڳ ورتو. پويان ڪلمہ شھادت جا آواز وڏي واڪي گونجڻ لڳا. نعش گھر ۾ پھچڻ سان قيامت برپا ٿي وڃي ٿي. ٻاھر تڏي تي ويٺل ڪنھن شخص چيو. "پوليس ظلم ڪري ڇڏيو. ھن جو ڏوھ ھي ھو تہ ھو سنڌ جي گم ٿيل ٻارن جي بازيابي جي لاءِ لڳل ڌرڻي ۾ ويٺو ھو."