جيون درد جو صحرا!
ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 19 منٽ
گهر جي گهنٽيءَ جو بٽڻ دٻايائين،گهنٽيءَ جو آواز نه آيس پوءِ به انتظار ڪيائين ڪو به ريسپانس نه مليس ته مجبورن گهر جي ٻاهرين لوهي در جو ڪڙو کڙڪايائين ته گهر اندران قدمن جو اواز ڪنن تي پيس. جلد ئي اندران در کليو ته پرهه کي پگهر ۾ شل ڏٺائين ته پنهنجي پگهر ۾ شرابور ٿيل جسم ۽ لباس جو احساس ختم ٿي ويس.
“ڇو لائيٽ نه آهي ڇا؟! اف اها لوڊشيڊنگ به الائي ڪڏهن ختم ٿيندي؟!”
“لوڊشيڊنگ نه آهي،ڪي اليڪٽرڪ وارا اڄ صبح جو ڏهين وڳين لائيٽ ڪٽي ويا آهن، منصور.”
هٿن ۾ جهليل فائيلن جو ٿهو ٽيبل تي رکندي پريشان ٿئي ٿو،پرهه سان نّظرون ملائي نه سگهيو. ٻن کٽن واري ڪمري مان هڪ کٽ ٻاهر ڪڌي ننڌڙي اڳڻ ۾ اچي ويهن ٿا. پگهر ۾ ٻڏل شرٽ لاهي اڳڻ ۾ ٻڌل تار تي ٽنگي ڇڏي ٿو ته گنجي به بيزار ڪرڻ لڳس. اها به لاهي شرٽ ڀرسان لڙڪائي ڇڏيائين،پگهر جي بدبوءِ حواسن تي ڇائنجي ويس. پرهه اندر رکيل ڪولر مان پاڻيءَ جو گلاس ڀري آڏو اچي بيٺس.
“اهو ئي گرم پاڻي اٿئي...،اڄ ڪو به پاڙي جو ٻار نظر نه آيو جو ان کان برف گهرايان ها.”
“ٺيڪ آهي، مون کي ڏي گلاس.” گلاس وٺندي چيائينس
مون کي اندران ٻي شرٽ آڻي ڏي ته ٻاهران برف وٺي اچان ۽ لائيٽ جو به ڪو بندوبست ڪيان.”
پگهر جي بدبوءِ شرمائي وڌس،ان ڪري تڪڙو کٽ تان اٿي پرهه کان پرڀرو ٿي بيٺو ۽ گرم پاڻي هڪ ئي ساهيءَ ۾ نڙيءَ اندر اوتي ڇڏيائين.
ٻاهر وڃي ڏٺائين ته ميٽر وٽان بجليءَ جي تار ڪٽيل هئي، آهستي آهستي وکون کڻندو برف واري وٽ آيو.
“پنجاهه روپين جي وٺانس.” کيسي ۾ هٿ هنيائين. “ نه نه ايترا پئيسا ڪو نه آهن ٽيهه روپين جي ٿو وٺانس...، پر اها ته ڪلاڪ ٻن ۾ ختم ٿي ويندي....” ته ايتري ۾ برف واري چيس،
“ها صاحب حڪم ڪيو...”
“ٽيهه روپين جي برف ڏي”. چوندي پئيسا برف واري جي هٿ ۾ ڏيندي پڇيائينس ته، “اڄ ڪي اليڪٽرڪ وارا آيا هئا ڇا؟ منهنجي لائين ڪٽي پئي آ.”
“صاحب آيا هوندا، مون خيال نه ڪيو، پر اڄ ڪا آپريشن ته نه هئي. ڏسو پنهنجون لائينون لڳيون پيون آهن.”چوندي برف نوڙيءَ ۾ ٻڌي هٿ ۾ ڏنائينس.
“ها بل جي بقايه رهيل آهي، ان ڪري صرف منهنجي لائين ڪٽي ويا آهن اڄ ظالم....، ڀلا تو يوسف ڀائي کي ڏٺو.” برف واري کان پڇا ڪيائين.
“ٿورو وقت ته اڳ هتي بيٺو هو صاحب. پوءِ جو پتو نه آهي، گهر ويو الائي چونڪ ڏانهن ويو.”
تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي گهر اچي برف پرهه جي حوالي ڪري ٻاهر وڃڻ لڳو،
“ڪاڏي ٿو وڃين، ٿڌو پاڻي ته پي. ماني گرهه ته کاءُ، پوءِ ٻاهر وڄ.” پرهه چيس
“موٽي ٿو اچان، يوسف ڀائي کي ڳولي منٿ ڪيانس ته لائيٽ جو ڪنيڪشن ڏي ته هن ڪهري گرميءَ ۾ ڪو گذارو ڪيون نه ته هن ڪاڙهي جهڙي گرميءَ ۾ رات ڪئين گذر ٿيندي.” اهو چوندي ڪنڌ جهڪايون ٻاهر هليو ويو.
++++++++++++++++++
“مون کي يونيورسٽيءَ مان پاس آئوٽ ڪئي اڃان سال مس گذريو هو. ان سال بابا به سخت بيمار ٿيو هو، معاشي حالتون سّخت تنگيءَ واريون هيون نه مان بابا جي ڪا مدد ڪري سگهيس ۽ نه ان تي بار بڻيو هيم. ٻن ٽيوشنس جي فيس مان منهنجو مناسب گذارو ٿي رهيو هو. سي ايس ايس جو ٻيون پيپر ڏئي گهر موٽيس ته ٿوري دير ۾ پرهه مون ڏانهن آئي، ڏاڍي پريشان هئي، چيائين منصور هن وقت فيصلو ڪر مان گهر چڏي آئي آهيان. بابا منهنجو رشتو پنهنجي دوست، پارٽنر ٺيڪيدار سيٺ ڪريم جي پٽ آصف سان طئي ڪري چڏيو آهي. سڀاڻي منهنجو نڪاح آهي، جي تون راضي آهين ته مان توسان حيدرآباد مان نڪري هلڻ لاءِ تيار آهيان. جيڪڏهن انڪار ڪرين ٿو ته مان گهر واپس هلي ويندس. اکين مان نير نيسارا ٿي وهي هليا هئس، ڪنڌ جهڪائي چيو هئائين، منصور مون توکي پنهنجي زندگيءَ کان وڌيڪ چاهيو آهي. مان تو بنا ائين آهيان جئين روح بنا زندگي. منهنجو ازل به تون آهين ته ابد به تون آهين. مون روح جي شدت ۽
پيار جي پاتال جي گهرائين سان توکي پاڻ ارپي چڏيو آهي. هڪ زندگي آهي اها به پيار کان سواءِ گذري اهو مون کي قبول نه آهي. هن جي سڏڪن جا پڙاڏا مون سان ڪرائي جي جاءِ ۾ گڏ رهندڙ دوستن جڏهن ٻڌا ته چيائون منصور زندگيءَ جي آجيان زندگيءَ جيان ڪر.پيار بار بار دل جي دروازي تي دستڪ نه ڏيندو آهي. جنهن روح جي شدت سان پرهه توکي چاهيو آهي ان شدت جي تقاضا آهي ته محبت جو سڏ ورناءِ. ڇو ته زندگي نانءُ ئي محبت جو آهي.
چيو مانس پرهه مان به تو بنا مري ويندس، صحرائن ۾ ڀٽڪي ويندس. بيابانن ۾ تو کي پڪاري پڪاري پنهنجا حواس وڃائي ويهندس. تو بنا مان بي ائين آهيان پرهه جئين خدائي بنا هيءَ ڪائنات. تون منهنجي پيار جي روح جو خدا آهين، مون الست..........
چئي تنهنجي پيار ڀري دل جي محرابن ۾ عشق جا سجدا ڪيا آهن. تو کي پٺي ڏيڻ ڪفر جي مترادف آهي. تو اهو سوچيو به ڪئين ته مان تنهنجو سڏ نه ورنائيندس، ۽ تو کي ڀري بازار ۾ تنها ڇڏي ڏيندس. پرهه هيءَ ڌرتي ڇو نه ڀل تتل ٽامي جهڙي ٿي پوي پر پوءِ به مان خوشي خوشي سان پنهنجو وجود ان ٽامي جهڙيءَ ڌرتيءَ تي وڇائي ڇڏيندس، هميشه لاءِ پنهنجي وجود کي تنهنجي لاءِ فنا ڪري ڇڏيندس ته جئين تون زندگي جي بهار ماڻي سگهين.
منهنجي لاءِ سي ايس ايس ڪا به اهميت نه ٿي رکي، پر مون وٽ تنهنجي والدين ۽ خاندان جي عزت مقدم آهي. پر وڏن جا فيصلا اسان جا روح گهٽين ٿا. ڪعبي جهڙي دلين کي ڀورا ڀورا ٿا،اسان جي وجودن کي پرزا پرزا ڪري پنهنجي انائن ۽ غلط فيصلن جي ٽياس تي ٽنگي ڇڏين ٿا.ڇا ڪيون هن بدبودار سماج جا محڪوم قيدي آهيون. مون کي ڏک ٿيو پرهه جو تو مون کي اهي لفظ چيا ته جيڪڏهن تون انڪار ڪندين....، پرهه مان انڪار ڪندس. ڀلا بندو به ڪڏهن پنهنجي ڌڻيءَ بنا جيءِ سگهي ٿو!
سڄو هٿ منهنجي چپن تي رکي ڇڏيو هئائين، لڙڪن جون لارون رڪجي ويس. چهرو ٻهڪيو هيس، اکين ۾ انڊلٺ جا رنگ ظاهر ٿي پيا هئس.خوشي هن جي وجود جي ذري ذري مان هر هر لئيا پائي رهي هئي.
مون کان اهو منظر نه ٿو وسري اعجاز جڏهن مئجسٽريٽ وٽان نڪاح نامي جو پروانو وٺي ڪراچيءَ ۾ مسواڙ جي ننڌڙي گهر ۾ آيا هئاسين ۽ هن ان ننڌڙي گهر جر ننڌڙي آڳر ۾ پنهنجا خوبصورت هٿ مٿي کڻي آسمان ۾ اکيون کپائي صدين کي گهڙين ۾ تبديل
ڪندي روح جي زبان ۽ دل جي چپن سان پنهنجي خدا جا شڪرانا بجا آڻيندي الائي الائي ڇا گهري ويٺي هئي. بند اکين ۽ عاجزانه چهري سان هوءَ مون کي ڏاڍو وڻي رهي هئي. هوءَ پنهنجي خدا جا شڪر بجا آڻي رهي هئي ۽ مان پنهنجي....جي ديدار ۾ محو رهيس. خبر ئي نه پئي هن جون ٻئي ٻانهون رحمت بڻجي منهنجي وجود سان جڪڙجي ويون.”
اعجاز پنهنجي ڪئبن ڇڏي منصور سان گڏ اچي ان جي ڪئبن ۾ ويٺو. اخبار جي مئگزين واري شعبي ۾ صبح واري شفٽ ۾ هي ٻئي ڄڻا ڪم ڪندا هئا.منضور اسسٽنٽ ايڊيٽر ۽ اعجاز سب ايڊيٽر طور ڪم ڪندو هو.
“زندگي ان کي ئي چوندا آهن منصور.” اعجاز آٿت ڏيندي چيس.
“پر اعجاز زندگي اسان جي ڪلاس کان ڪجهه وڌيڪ ئي ٿي وٺي وڃي.”
“سچ ٿو چوين منصور ٽين دنيا جا سماج ڏاڍا ڀيانڪ ۽ غليظ ٿين ٿا. انهن جا اخلاقي قدر، ماڻ ۽ ماپا صدين جي غلامين جي عطا ڪيل نفسيات جا چٽا مّظهر آهن. انهن سماجن ۾ تو ۽ مون جهڙا فرد ٻارڻ بڻجي وڃن ٿا. منصور هي زندگي وهه جو وٽو آهي، گهڙيءَ گهڙيءَ گهاءُ آهي ۽ لمحي لمحي اسان جهڙا انسان ان زندگي جي وهه کي پنهنجي اندر ۾ اوتيندا رهن ٿا.”
“ها اعجاز....، پر يار هيءَ زندگي هاڻي ڏنڀي ٿي. مان پنهنجي حوالي سان ڪا شڪايت نه ٿو ڪيان، پر يار پرهه جو حال مون کان ڏٺو نه ٿو ٿئي. اعجاز ايتري عرصي ۾ اسان شاديءَ وارو پهريون ئي هفتو خوشيءَ سان گذاريو پوءِ پرهه جي والد جون بابا ۽ منهنجن مائٽن کي ڌمڪيون، ته اوهان کي نه ڇڏيندس. اوهان جا خاندان ختم ڪندس، جئين اوهان منهنجي ڌيءُ اغوا ڪئي آهي ائين اوهان جون ڌئير به کڻائي وٺندس. ڪڏهن ڪنهن جي ڪال ته ماڻهو اوهان کي ڳوليندا ٿا وتن، ڪڏهن ڪنهن جو نياپو ته ايف آءِ آر ڪٽجي وئي آهي پوليس اوهان جي ڳولا ۾ آهي. ائين اسان هڪ گهر کان ٻئي گهر، هڪ شهر کان ٻئي شهر ڀٽڪندا رهياسين. پر نه پوليس بابا وارن ڏانهن آئي ۽ نه وري ايف آءِ آر ڪٽي. پر خوف، لڏپلاڻ، دربدري اسان کان خوشيون کسي ورتيون. پرهه منهنجي حالت کي ڏسي مجبورن پنهنجي ماءُ کي فون تي منٿن جا ڪافلا ڪيا ۽ ڌمڪي به ڏنائيس ته جيڪڏهن تنگ ڪرڻ جو سلسلو ختم نه ٿيو ته مان خدڪشي ڪري ڇڏيندس.
ڪجهه عرصي کان پوءِ پرهه کي فون ڪري چيائين تون جئيري اسان لاءِ مري وئين آهين، اسان جي دعا
آهي ته تون ان دوزخ ۾ جلندي رهه. اسان اهو فيصلو ڪيو اهي ته پرهه نالي سان اسان جي ڪا به اولاد نه آهي.اعجاز ان کان پوءِ وري ڪراچي اچي هن سان گڏ ٿانيڪو ٿيس ۽ تو سان گڏ اخبار جوائن ڪيم، پر ڏس ته قسمت جا قيس ڏهه کان ٻارنهن ڪلاڪ ڪم ڪيان ٿو. ٽرانسليشن، ايڊيٽنگ،السٽريشن....جا ڪم ڪيان ٿو پوءِ به مئگزين جي ايڊيٽر جو سڄو عتاب مون مٿان آهي.پاڻ ڏس سرڪاري آفيسر آهي، ڪجهه ڪلاڪ اچي ٿو ڪم ته نه ٿو ڪري پر نگراني به ٺيڪ نموني سان نه ٿو ڪري ۽ پگهار ڏس ڪيڏي نه وڏي اداري کان وٺي ٿو. مون مان الائي ڇو خائف آهي جو ٽن چئن مهينن کان وٺي ان جي سخت روين کي ويٺو ڀوڳيان ته ڪٿي هن سخت معاشي حالتن ۾ نوڪري نه چٽ ڪرائي ڇڏي. اخبار جا مالڪ هن جي نالي کان متاثر آهن.”
“ڪهڙو نالو آ منصور هن جو؟! صحافت ۽ ادب جي ميدان ۾ ان جي ڪهڙي ڪنٽريبيوشن آهي. تو کان خائف ان ڪري آ منصور جو تنهنجي ٻولي، لکڻيون، ڏاهپ ۽ ان سطح جو ترجمو ان جي وس جي ڳالهه ئي نه آهي. هو ڊڄي ٿو ان ڏينهن کان جڏهن هن جي ضرورت محسوس نه ڪندي مالڪ ان کي ايڊيٽر شپ تان لاهي ڇڏين. ڀل هو آفيسر هجي پر ان جي پي آر هي مئگزين ۽ هي ادارو آهي. اهو ئي ته توکي ،منصور چوان ٿو ته ٽين دنيا جا سماج ڏاڍا غليظ آهن. ايڊيٽر به ته اسان جي ڪلاس جو آهي پر ڏس هن جا رويا اسان سان ڪنهن ڪلاسيڪل جاگيردار کان گهٽ آهن ڇا؟ ڏٺو نه اٿئي ته رائيٽرز لاءِ ڪهڙا رمارڪس پاس ڪندو آهي! اها سوچ جاگيرداراڻي ۽ غلامين جي پستين ۾ ڌڪيل سماجن جي هوندي آهي.”
“مان ته چوان ٿو منصور جڏهن هن کان مالڪ مئگزين جي ايڊيٽر شپ کسيندا ته سنڌ جا ليکڪ خوشيءَ مان مٺايون ورهائيندا.يار هن ته هتي لکڻين ۾ به اسٽيٽسڪو ڪرئيٽ ڪيو آهي، ڏس مئگزين ۾ اڄڪلهه ڇا ڇپجي ٿو.”
“اسين بيوس آهيون اعجاز.”
“مان سمجهان ٿو منصور.”
“پر يار مون کي معاشي طور تڪليفون ته نه ڏي. مان هيڻو آهيان، مجبور آهيان. هن مهيني جي پگهار الائي ڇو روڪرائي اٿائين، پگهار نه ملڻ ڪري ڪي اليڪٽرڪ وارا منهنجي لائين ڪٽي ويا، جي يوسف ڀائي مهرباني نه ڪري ته ڏاڍو برو حشر ٿئي.پر شابس آ يوسف ڀائي کي جو هن وقت تائين مسواڙ به نه ڏني اٿمانس تڏهن به منهن تي
ڪو گهنج نه اٿس. بجلي، پاڻي ۽ برف جي مهرباني ڪندو اچي ٿو. خدا جو شڪر آ جو يوسف ڀائي جهڙي انسان اڳين مالڪ کان جاءِ خريد ڪئي نه ته اڳيون مالڪ پنجين تاريخ کان پوءِ جئيڻ حرام ڪري ڇڏيندو هو ته ڪرايو ۽ بل ڪلئير ڪري ڏيو.پر يوسف ڀائي جڏهن کان آيو آهي رحمت بڻجي آيو آهي، هن جي زال به پرهه جو ڏاڍو خيال رکي ٿي. هاڻي ڏسان ٿو ته پرهه اڪيلائيءَ شڪار نه آهي ان ڪري ته يوسف ڀائي جي گهر واري وقت بوقت اچي حال احوال ڪري وڃيس ٿي.”
“پر اعجاز اندر ٻه اڌ ٿي پيو اٿم، يار هوءَ سکن جي پليل آهي، هن جو پيءُ انجنئير آهي. هوءَ نازن سان نپايل آهي، ڏک ڪڏهن هن جي پاسي کان به نه گذريو هو. غربت جي هن کي خبر ئي نه هئي ته اها ڪهڙي بلا ٿيندي آهي. محروميءَ سان هن جو ڪڏهن واسطو ئي نه پيو هو. اڻهوند ته هن ٻڌي ئي نه هئي، پر هاڻي محروميون،ناڪاميون،اڻهوند،غربت هن جي گهر جا وکر ٿي پيا آهن جن هن جي وجود کي پڃرائي وڌو آهي. ان ڪري ڏاڍي چڙ چڙي ٿي پئي آهي، ٿوري ٿوري ڳالهه تي جهيڙو ٿي ڪري. مان گهر وڃان ٿو ته خاموشيءَ جو بت بڻجي کٽ تي ستي رهي ٿي.”
“ان ڏينهن الله ڀلو ڪري سرمد صاحب جو، ڪتاب جي ترجمي جو چيڪ ڏنائين ۽ مون لائيٽ جو بل ڪلئير ڪري ڪنيڪشن ڪرائي ڇڏيو. ڪجهه پئيسا بچيا تي سيڌو وٺي ڇڏيم. هاڻي جي هي ظالم پئيسا ڏي ته يوسف ڀائي کي ڪرايو ادا ڪري باقي پئيسن مان هن کي ڪپڙا وٺي ڏيان. هن گرمين ۾ مون هن کي هڪ ڊريس به وٺي نه ڏني آ يار!”
“تون پاڻ به وٺجاءِ تنهنجا حال به هيڻا آهن منصور.”
“منهنجو خير آ يار، پاڻ فقير ماڻهو آهيون. بس پنهنجي ڪل ڪائنات هن جو وجود ۽ پيار آهي.”
++++++++++++++++++
“تون خوش پئي ٿئين ان ظالم ايڊيٽر منهنجي نوڪري ختم ڪرائي ڇڏي.”
“ڏس منصور اهو هڪ نه هڪ ڏينهن ٿيڻو هو، تنهنجي نوڪري ته هو ڪڏهن جو ختم ڪرائي ڇڏي ها پر ٻه سال هو وقت جو انتظار ڪندو رهيو، هو تو کان جيليس هيو. تون منهنجو چوڻ مڃ، ان ڏينهن به امي آئي هئي چيائين پئي ته بابا هاڻي اهو نه رهيو آهي. منصور لاءِ به دل ۾ ڪاوڙ يا نفرت نه اٿس. امي چيو ته منصور کي سمجهائي وٺي
اچيس ته پڻهي مدد به ڪندس هاڻي هو ايس اي ٿي ويو آهي ۽ ٻه چار ٺيڪا وٺرائي ڏيندس ته اوهان جون سموريون مالي مشڪلاتون حل ٿي وينديون.”
منصور خاموش رهيو.
“تون به ته ڪجهه ڳالهاءِ نه ،منصور....”
“پرهه جيڪڏهن تون اهو سوچين ٿي ته تنهنجي والد منهنجي بابا وارن ۽ مون سان”، منصور نظرون پرهه جي نظرن سان ملائي چيو،“جيڪو ڪجهه ڪيو ان تي مان ان کان ناراض آهيان ته پرهه تون غلط آهين. هڪ پيءُ جي حثيت ۾ تنهنجي والد جيڪو ڪجهه ڪيو مون کي ان سان ڪا به شڪايت نه آهي ۽ ان سلسلي ۾ جيڪڏهن مون کي ان کان ڏهه ڀيرا به معافي به وٺڻي پوي ته مان انڪاري نه ٿيندس. باقي جيسيتائين تنهنجي والد جي مدد، ٺيڪن ۽ ان پاران آڇيل بنگلي ۾ رهڻ جو سوال آهي ته اهو مون کان ڪڏهن به نه ٿي سگهندو. تنهنجي والد جو هڪ ئي احسان مان قيامت تائين لاهي نه سگهندس جو ان جي نياڻي منهنجي جيون ساٿي ۽ منهنجي زندگي آهي.”
“ڏس منصور حالتن سان هلڻ ۽ ڪڏهن ڪڏهن انهن سان سمجهوتو ڪرڻو پوندو آهي، مان ڊمو کڻان ٿي ته نه تون ڪڏهن بابا کي مدد ڪرڻ ۽ ٺيڪن لاءِ چئجاءِ. مان پاڻ اهو سڀ ڪجهه مئنيج ڪري وٺندس.”
“سوري پرهه مون کان اهو ڪم ڪڏهن به ٿي نه سگهندو.”
“ باقي منصور تنهنجي ان ترجمن جي نوٽن تي ته اسان جو گهر نه هلندو، ڪرايو، بجلي، گيس، پاڻي ۽ کائڻ پئيڻ...، سڀ ڪجهه ڪٿان ٿيندو؟”
“پرهه بي بي سي ۽ اي ايف پي ۾ منهنجا هن ڀيري سٺا انٽرويو ٿيا آهن، ڏسجاءِ هن ڀيري ڪاميابي...”
“بس ڪر منصور چئن سالن کان وٺي اهو ٻڌندي ۽ ڏسندي پئي اچان ته ڪڏهن ڊان ۾، ڪڏهن نيوز ۾ ته ڪڏهن بي بي سي ۾ ۽ وري ڪڏهن رائٽرز ۾ منهنجو سٺو انٽرويو ٿيو آهي، اسان جون حالتون تبديل ٿي وينديون. ڏکيا ڏينهن ٿورا آهن، خوشيون اسان جو مقدر بڻبيون. مون ڏاڍو انتظار ڪيو آ منصور پر هتي پي آر ۽ ائپروچ کان سواءِ شيون نه ٿيون چرن. تون مون کي سمجهه، مون کي تنهنجو احساس آ، تون بسن ۾ سفر ڪرين ٿو چوندو آهين نه موٽ تي بس ۾ لڙڪندو ايندو آهين. ڏهه ٻارنهن ڪلاڪ آفيس ۾ ذهني
پورهيو ڪرين ٿو ۽ رات جو هن سيور جي جهيڻي روشنيءَ ۾ ويهي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ترانسليشنس ڪرين ٿو. اهو مون کان ڏٺو نه ٿو ٿئي، پليز منهنجو چوڻ وٺ. انائن جو شڪار نه ٿي. اسان جو مستقبل ان عذابن ۽ تڪليفن جي سٽ سهي نه سگهندو.” پرهه جو آواز ڀرجي آيو، اکين ۾ ڳوڙها تري آيس. ڳالهائيندي چيائينس ته ،“منصور امي چوي پئي ته پرهه توکي جڏهن پڻهي هن هيڻن حالن ۾ ڏسندو ته مري نه وڃي. پشم جهڙي اڇي اجري هئين ڪيتري نه ڪاري ٿي وئين آ، منصور تنهنجو ايترو به خيال رکي نه سگهيو ۽ گهر ۾ ڪا ڍنگ جي شيءِ به ڪا نه اٿوءَ.”
“ڏس منصور منهنجو چوڻ نه موٽاءِ، هي ڏس ٻانهون ٿي ٻڌاءِ.” پرهه سامهون ٻانهون ٻڌي بيهي رهيس.
“ هي ڇا ٿي ڪرين پرهه، مون کي گناهه گار نه ڪر. مان مري ويندس پر ائين ڪري نه سگهندس. پر توکي نه ٿو روڪيان، تون اميءَ جو چوڻ وٺ. وڄ انهن سان ملي اچ. جيڪڏهن دل ڪڌئي ته موٽي اچجاءِ نه ته...”
“نه ته ڇامنصور....،ٻڌاءِ نه....،نه ته ڇا؟پرهه رڙيون ڪرڻ لڳي.
“نه ته تو تي ميار نه آهي پرهه. مان تنهنجي سهاري جئيرو رهندس. تنهنجو پيار منهنجي زندگيءَ جي وڏي وٿ آهي. ڏسندس ته دولت، سک ، سڪون ۽ لگزريس لائيف پيار کي ڳهي ٿي وڃي يا پيار انهن کي مٽيءَ ۾ ملائي ٿو ڇڏي.”
“پرهه غربت منهنجي لاءِ مهڻو نه آهي، اها منهنجي طاقت آهي. منهنجو جئيندان آهي، مان ڪوشش ڪندس، قدم کڻندس، وکون اڳتي وڌائيندس. رڙهندس، وڙهندس پر عزت سان فخر سان. پر ڪنهن جي آڏو بيوس بڻجي هٿ نه ڦهلائيندس، ٻين جي ڪلهن ته چڙهي ڪاميابيون جون ڏاڪڻيون نه چڙهندس. ڪرپشن جي پئسن سان خوکليون عياشيون ڪڏهن به نه ماڻيندس.منهنجو پيار منهنجي منزل آهي،ان منزل جي حاصلات کان سواءِمنهنجي زندگي ۾ ٻيو ڪو به نصب العين نه آهي ۽ نه وري پئيسو، پاور،روب ۽ دٻدٻو ڪڏهن به منهجي ترجيع ۽ ڪمزوري رهيو آهي. تون وڃ ڀلي وڃ، انهن سان ملي 9_اچ يا انهن سان رهي پوءُ. پر شڪايت منهنجي زبان مان نه ٻڌنديءَ، جي ڪڏهن ٻڌئين ته واپس اچي هن زبان کي ڪاڪڙي کان ڪٽي ڦٽي ڪجاءِ اڦ جو آواز نه ٻڌندئين.دل ۾ پيار نه ڏسين ته ان کي ڊاهي ڇڏجاءِ،پر پرهه منهنجو روح تنهنجي پار جون پڇائون ڪندي تو کي ملندو، تنهنجي ڏسائن جي ڏيهه جو واسي ٿي رهندو.”
“توسان منهنجي ڪهڙي انا آهي پرهه، مان پاڻ کي تنهنجي وجود ۾ فنا ڪري بقا جي حاصلات ماڻي آهي....،مون کي هاڻي قسمت،نصيب ۽ زندگيءَ سان ڪا به شڪوهه شڪايت نه آهي. وڄ ڀلي وڄ منهنجون اکيون هر پل، هر گهڙي ۽ هي وقت تنهنجون آسائتيون رهنديون،” چوندو هو فائيل کڻي پبلشر ڏانهن هليو ويو.
+++++++++++++++++
“سانئڻ صاحب اوهان کي ڊارئنگ روم ۾ سڏي پيو.” نوڪرياڻي اچي پرهه ۽ ان جي ٻن ڀينرن جي سامهون سندس امڙ کي چيو.
“ڇو.؟”
“الائي سانئڻ! صاحب سان گڏ هڪ ٿلهو گنجو اڌڙوٽ ۽ هڪ سانوري مائي ويٺي آهي.”
“ها تون هل چانهه پاڻيءَ جو بندوبست ڪر، مان اچان ٿي.”
“صاحب بي بي سي جهڙي اداري ۾ سليڪٽ ٿي ويو هو. ان ڏينهن آرڊر ۽ مٺائي کڻي مون وٽ آيو. چيائين هڪ سال اسلام آباد ۾ ڪم ڪندس پوءِ لنڊن هليو ويندس، هاڻي پرهه کي وٺي ايندس.مان به چالاڪي ڪري چيو مانس ته تڪڙ ۾ نه ٻڌائجائس، پهريان مهينو ٻه ڪم ڪري ڏوڪڙ هٿ ڪري ڪو سٺو رينٽ تي گهر ۽ ضرورت جو سامان وٺي پوءِ پرهه بيبي کي سرپرائيز ڏئي وٺي اچجائس،چيائين.”
“يوسف تو وڏي ڀاءُ جيان منهنجو ساٿ ۽ هميشه سٺي صلاح ڏني آهي، تون درست ٿو چوين. پهريان سيٽ ٿي پوءِ پرهه کي وٺي ايندس.”
“پر صاحب مون مون کي يقين نه پئي آيو ته هڪ غريب جو ٻار آ، ايڏي وڏي ڪاميابي، بي بي سي جهڙو ادارو ۽ ايڏي وڏي پگهار ڪٿي هو پرهه بيبي کي نه بڌائي وجهي. ان ڪري مون اوهان کي ٻڌايو ته هاڻي بازي الٽي پئي ٿئي، ڪٿي اوهان جي سالن جي محنت ۽ اسان جي ڪئي ڪمائي حرام نه ٿي وڃي.پر سرڪار اوهان به واهه جي پلاننگ ڪئي، شيخ صاحب کان اوهان اها جاءِ خريد ڪئي جنهن ۾ منصور اڳ ئي ڪرائيدار هو. ان جاءِ جو اوهان مون کي مالڪ بڻايو ۽ مون منصور جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي ۽ هر ڳالهه مون کي اچي ٻڌائيندو هو.”
“۽ مان.” يوسف جي زال يوسف جي ڳالهه اڌ ۾ ڪٽيندي چيو،
صاحب مان به پرهه بيبي کي ڀري ڀري منصور جي خلاف ڪيو، هڪ ڏينهن ته پرهه بيبي منهنجي وڃڻ کان پوءِ منصور سان ٺاهوڪو جهيڙو ته ڪيو. پر اصل ڪڇيو ئي ڪو نه بت بڻيو ويٺو رهيو.”
“ نه کڻ بار بار مون اڳيان ان حراميءَ جو نالو.” پرهه جي والد جو ڪاوڙ ۾ منهن ڪاراٽجي ۽ ناسون فونڊجي ويس، يوسف جي زال هڪي ٻڪي ٿي وئي.
“۽ شامون؟ يوسف.”
“صاحب شامون ان کان پوءِ نظر ئي نه آيو آهي، وري ڪنهن ٻئي جو ٽارگيٽ مليو هوندس. ان ٽارگيٽ ڪلرس جو ڪم ئي اهو آهي.”
“راضي ته ٿي ويو هو نه تو سان.”
“ صاحب اهڙو تهڙو، اصل ڪڇيائين ئي نه،ويتر خوشيءَ وچان چيائين يوسف هڪ گولي به خرچ ڪرڻي نه پئي. ٻڌايو هو مانس ته شام جو بس ۾ ايندو آهي، رش هجي ۽ در وٽ بيٺل هجي ته ڌڪو ڏئي ڇڏجائس. شامون به ائين ڪيو صاحب ان ڏينهن بس ۾ ڏاڍي رش هئي جنهن اسٽاپ تان هو هلندڙ بس ۾ چڙهيو ۽ جڏهن بس تيز رفتاريءَ سان هلڻ لڳي ته شامون اوچتو ئي بي خياليءَ ۾ لت وهائي ڪڍيس، جئين ئي ڪريو ته پٺيان ايندڙ ڊاٽسن جي ويلن ميڄالو دماغ کان ٻاهر ڪري ڇڏيس. شامو چيو سڀني مسافرن پئي چيو مٿو ڦري ويس،هٿ نڪري ويس،ڪري پيو،پويان ايندڙ گاڏي لتاڙي وڌس ۽ مري ويو.”
پرهه جي والد جي ڪاوڙ ڪافور ٿي وئي، مڇن کي تاءُ ڏنائين.
“چڳو چڳو هاڻي بس ڪيو،ڀتين کي به ڪن ٿيندا آهن. مس ته پرهه جي حالت وڃي ڪجهه بهتر ٿي آهي. مون کي ڇو گهرايو اٿوءُ.” پرهه جي والده مڙس کان پڇيو.
“تو کي ان لاءِ گهرايو اٿم ته جيڪا جاءِ يوسف وارن کي رهائش لاءِ ڏني هيم اها انهن کي انعام طور لکي ڏني اٿم.”
“ڀلي ڏيون، مون کي ڪهڙو اعتراض.”
_يوسف ۽ ان جي زال هڪٻئي ڏانهن ڏٺو. ٻنهي جا چهرا ٻهڪي پيا. اوچتو ڪمري جي پردن پويان درد ناڪ دانهن ٿي، سڀ هڪا ٻڪا ٿي اٿي بيٺا، پرهه جو چهرو نمودار ٿيو، نظرون پئ جي چهري تي کپائي ڇڏيائين.وري اڀ ڦاڙ رڙ جو پڙاڏو ڪمري ۾
گونجيو....،يويويوسف يوسفف.جسم ۾ به آواز جيان لرزش ٿيس، اکيون ٻوٽجي ويس ۽ زمين تي اچي فهڪو ڪيائين ته ماءَ جي به رڙ ڪمري ۾ گونجي منهنجي پرهه هه هه.
ختم
Cell# 0334-2245840
Email#manzookalhoro2k16@gmail.com