مشيرنامو
ليکڪ: شيخ اياز | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ
مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو: گورو چٽورنگ، ڪڪي ڇڊي ڏاڙهي، گهريون چيرويون اکيون، لؤڻا وار، ويڪري ڇاتي، سنهي سڊول هاٺي، ڄڻ هوبهو ابن مريم ٿي لڳو. جهيڻي آواز ۾ چيائين،
”ڪيس جا ڪاغذ آندا اٿم.“
”ڏي ته ڏسان.“
هو قتل جي مقدمي ۾ ملزم هو. هن تي الزام هو ته هن پنهنجيءَ زال کي فقط سياهڪاريءَ جي شبهي سبب ماريو هو. هن چيو ٿي، ۽ اهو هن جو ڪيس ۾ بچاءُ هو، ته هن جي زال ’ڪاري‘ هئي ۽ هن کي سياهڪاريءَ وقت ڪاري ڪري ماريو هئائين. مون ڪاغذ اٿلائي واردات جو مشير نامو ڪڍيو، جنهن ۾ ڪجهه هيٺينئن ريت لکيل هو:
”_ واردات، جهنگ ۾ لڳ ڳوٺ..... جي هئي. واردات جي چوڌاري ٻٻر، کٻڙ، لوا ۽ ڪنڊيون هيون. ٻاهران بيهي جهنگ ۾ نظر ڪئيسين ته ڪجهه نظر نه آيو. واردات تي رت جو دٻو هو، جنهن جي ڀرسان سٻاجهيءَ (ملزم جي زال جو نالو) جو لاش پيو هو. لاش سورهن ورهين جي نينگريءَ جو هو جنهن جو سر ڌڙ کان ڌار پيو هو. نينگريءَ کي ٻه چوٽيون هيون، جن جي وچ تي سينڌ نڪتل هئي. هن جي ڪنن ۾ چانديءَ جون مرڪيون، ۽ ڳچيءَ ۾ سوني دهري هئي، جا ڪهاڙيءَ جو ڌڪ لڳڻ سبب ڇڄي پيئي هئي. ڌڙ جي مٿئين اڌ تي ٻروچڪو گهگهو پيل هو، جنهن تي ڪاوا ڀريل هئا. ڪنهن سبب ڪري گهگهو ڳچيءَ وٽان ڪافي ڦاٽل هو ۽ لاش جي ڇاتيءَ تي مينديءَ سان بڻايل گل نظر اچي رهيا هئا. ڌڙ جي هيٺئين اڌ تي گر بيءَ جي سٿڻ پيل هئي _ _ چيو وڃي ٿو ته اها فوتڻ جي خون کان پوءِ جوابدار هن کي پهرائي هئي. ٻانهن ۾ عاج جي ٻانهن، مرن وٽ چانديءَ جون گجريون سڄي هٿ جي ڏسڻيءَ ۽ وچينءَ ۾ چانديءَ جا ويڙهه ۽ چيچ ۾ چانديءَ جي منڊي، ۽ پيرن جي آڱرين ۾ نورا پيل هئا. لاش جي ڀرسان رت لڳل ڪهاڙي پيئي هئي، جنهن جي ڦر ۽ ڳن تي رت لڳل هو. ڌرتيءَ تي ٻن ماڻهن جا دڦ پيرا هئا، جي سڃاڻپ ۾ نٿي آيا.....“
مشير نامو ختم ٿي ويو، پر منهنجون اکيون ان تي ڪنهن اڻ لکيل تحرير کي پڙهي رهيون هيون.
..... اهو رت، ڪنهن انسان جو رت هو! اهو رت جو هاڻي مٽيءَ ۾ ملي ويو آهي، جنهن جو ثبوت فقط ڳاڙهي ڌرتي، ڪهاڙي ۽ مشير نامي جون ٻه سٽون آهن، سو ڪنهن وقت هڪ گرم ۽ گذار جسم ۾، تمنا بڻجي، لڳ لاڳاپا لاهي، سيڻ ويڻ، چڱي مٺي کان منهن موڙي، آڌيءَ رات اٿيو هو _ جنهن وقت ڪتين ڪر ٿي موڙيا، جنهن وقت ڀٽائي سر ”راڻو“ لکندو هو _ ۽ لڪندي ڇپندي، سڪندي سيڏائيندي، ڏکڻ جي واءَ ۾ ڪنڊين ۽ لون جي سرڙاٿ کي ازلي سڏ سمجهيو هئائين. اهائي ته رت جي ڌارا آهي، جا چانڊوڪيءَ ۾ ڊوڙندي، ڳائيندي آهي _ ”سرتيون جي مون وسهو، ننڊ نه هيريو نيڻ: جو ڀن ٻه _ ٽي ڏينهڙا!“ اها ڪيڏانهن ويئي؟ ڇا، اها فقط واردات تي ڪجهه ڳاڙها نشان ۽ مشيرنامي جون چار سٽون ئي هئي!
”مشير نامو پڙهيئه؟“ ابن مريم جهڙي انسان پڇيو. ”هون.“ مون ڇرڪي چيو، ۽ بيخاليءَ سان ڪاغذ اٿلائڻ لڳس. منهنجي ذهن ۾ ڪنهن زور سان پڪاريو: ”هن عورت کي اهو سنگسار ڪري، جنهن نظريا زبان سان ۽ خيال ۾ به سياهڪاري نه ڪئي آهي!“ مون رڙ ڪري جواب ڏنو: ”جنهن نه ڪئي آهي، انهيءَ کي به ڪهڙو حق آهي؟ هيءُ رت شب _ خيز آهي، پاڪيزه، هر گناهه و ثواب کان بالاتر! هيءُ رت عبادت آهي؛ ان تي هٿ کڻڻ جو ڪنهن کي به حق نه آهي _ نه انسان کي ’نه فرشتن کي!‘
”وڪيل صاحب!“ ابن مريم جهڙو انسان مون سان ڳالهائي رهيو هو ۽ آءٌ سوچي رهيو هوس ته وڪالت منهنجي وس جي ڳالهه نه آهي.