ڪرڪيٽ جو ڀُوت
ليکڪ: عبدالقادر جوڻيجو | پڙهڻ جو وقت: 12 منٽ
اڳي ماڻهو چوندا هئا ته، ”پرائيءَ مائي جو ڌِڪو به چڱو.“ اڄ ڪلهه ماڻهو چوڻ لڳا آهن ته، ”آفريديءَ جو ڌُڪو به چڱو.“ اڳي ڪير ڪرڪيٽ کي کنگهندو ئي نه هو، اڄڪلهه ڏس ته غريب غرباءُ کان وٺي امير امراءُ تائين ۽ لُچ لوفر کان وٺي چڱي مڙس تائين ٻاڪو ڦاڙيو ٽي وي جي اڳيان ائين ويٺو هوندو آهي، جو ڀلي ٻه ٽي مکيون وات اندر هليون وڃن ته به ڪا فڪر جي ڳالهه ناهي. اڳي حال اهو هو جو ”ڀارت“ کي ”ڀارت“ چوڻ خون کان به وڏو ڏوهه هوندو هو، تنهن ڪري ”ڀارت“ لفظ جي بدران ”پاڙيسري ملڪ“ ڪري لکيو يا ريڊئي تان چيو ويندو هو، پوءِ ڀلي ڪو ”ڀارت“ کي ”ايران“ سمجهندو هجي، جو اهو به ته پاڙيسري ملڪ آهي. اڄ ڪلهه حال اهو آهي جو ڪرڪيٽ ڏسندڙ خفتي پاڪستان ۽ ڀارت جا جهنڊا هڪ ٻئي سان ٽانڪي ميدان جي چوڌاري ڊوڙندا ٿا نظر اچن ۽ سچن ٽنڊولڪر جي چونڪن تي ڌُر ڌڻي ويٺا تاڙيون وڄائين. اڳي حال اهو جو ڪي جواري وڻن جي جهڳٽي ۾ لڪي داڻن تي جوا کيڏندا هئا ته به کين پوليس ڦري ايندي هئي ۽ ڇڏ ڇڏاءُ ڪري ڇڏي ڏيندي هئي. هاڻي حال اهو آهي جيڪي جواري به ناهن، پوءِ به ڪرڪيٽ تي شرطون ويٺا هڻن. کين جي پوليس وارو جهلڻ جي ڪوشش ٿو ڪري ڪرڪيٽ جو جواري ڇٽو وڃي ۽ پوليس وارو لائين حوالي ٿيو وڃي. خود پوليس وارا به ته شرطون هڻڻ کان نٿا مڙن. هن وقت ڪرڪيٽ جو ڀُوت ماڻهن جي سر تي ايترو سوار آهي جو ماڻهن کي ٻنهين ملڪن جي وزيرن سفيرن جي ايتري خبر ناهي، جيتري ڪرڪيٽ جي رانديگرن جي آهي. پري نه وڃو KTN وارا ڀلي پيا سنڌ جي ملهن کي پروموٽ ڪن، پر جيستائين ڀارت جي ٽيم پاڪستان ۾ آهي، ايستائين سنڌ جا ملهه ڀلي هوا پيا جهٽين، ڪرڪيٽ جي ڪري ڏيکاري ڪو ملاکڙو، سڃ ئي ڦٻنديس ۽ ماڻهن جي بدران وڻن تي جهرڪيون ويٺل نظر اينديون ۽ ملاکڙي ڪرائڻ وار ي جي اکين اڳيان ترورا نچندا نظر ايندا. سڄو خرچ پاڻيءَ ۾. سو بابل سائين ڦرڪا جو ائين ڦرندا آهن.
هت سوال اهو ٿو اٿئي ته ڪرڪيٽ جو اهو ڀُوت ماڻهن تي ڇو اچي چڙهيو آهي، جو ماڻهو پنهنجا ڪم ڪاريون ڇڏي، پنهنجا ڍور ڍڳا، مال مڏي ڪرڪيٽ جي شرط عرف جوا تي لڳائي ويهي رهيا آهن؟
انهيءَ سوال جو جواب پڌري پٽ پيو آهي ته اها سڄي ڪارستاني ميڊيا جي آهي، جنهن هڻي ماڻهن کي پاڻيءَ مان ڪڍي ڇڏيو آهي. جيڪا اخبار ڏس سا ڪرڪيٽ جي خبرن سان ڪاري لڳي پيئي آهي. جيڪو ٽي وي چينل کول ته ڪرڪيٽ تي تبصرا ڪرڻ وارا ڪن ڪڍيو ويٺا آهن. ٻيا ته ٺهيو پر بشن سنگهه بيديءَ جهڙو ماڻهو به گلو کوليو، ڪلما پڙهيو ويٺو پاڪستاني ٽيم کي دعائون ڪري ۽ ڀارت جي ٽيم جي پويان هٿ ڇنڊي ڪاهيو ويٺو آهي. ميڊيا ته بابا ميڊيا آهي. وڻيس ته ڏينهن کي رات ڪري ويهي رهي، وڻيس ته رات کي ڏينهن بڻائي ويهي رهي. وڻيس ته چڱي مڙس جو پٽڪو لاهي ڌوڙ ڪري، وڻيس ته لُچ لوفر کي چڱ مڙسيءَ جو پٽڪو ٻڌائي. وڻيس ته آنا ڏي، وڻيس ته ٻچا ڪري. سياست جي علم جا اڪابر چون ٿا ته رياست جا ڪُل چار ٿنڀا ٿيندا آهن، جن مان هڪڙو ٿنڀو ميڊيا آهي. پر پاڻ ڀير تي ڏئونڪو هڻي ٿا چئون ته رياست جو هڪڙو ئي ٿنڀو وڃي بچيو آهي، جيڪو آهي ميڊيا. جيڪڏهن ميڊيا بابت پاڻ جي ڏنل راءِ کي ڪو نٿو مڃي ته واريونس ٿا وڏي شاهد جي شاهدي ۽ فيصلو ڇڏيون ٿا پڙهندڙن ۽ ڏسندڙن جي ڪورٽ سڳوريءَ ۾.
ادب، علم، فڪر ۽ عقل جي دنيا ۾ هڪڙو اهڙو همراهه به پاتو وڃي ٿو، جيڪو 72 سالن جي ڄمار ۾ به جواڻيءَ جا ڏيک پيو ڏئي. ملڪ اٿس سابق چيڪوسلو ويڪيا. هاڻي رهي ٿو فرانس ملڪ ۾. جواڻيءَ ۾ سهڻين چيڪياڻين جي پويان ڊوڙندو ۽ ڦٻندو رهيو، هاڻي فقير باتدبير آهي. سندس عقل جي ايڏي هاڪ آهي، جو جن کيس نه پڙهيو آهي، سي به سندس نالو ائين ٿا وٺن، ڄڻ سندس لفظ لفظ وک وک کان چڱيءَ طرح واقف هجن. نالو اٿس ميلان ڪنديرا. اهو ميلان ڪنديرا پنهنجي مضمون گاڏڙ ناول Identity ۾ لکي ٿو ته، ”اڳي هئا نظريا، پوءِ نظرين جي جاءِ ورتي حقيقتن ۽ هاڻي حقيقتون به ُڇٽيون، جو حقيقتن جي جاءِ تصوريت (Imageology) ورتي آهي. ٻين لفطن ۾ ائين کڻي چئون ته جيڪو به پڙهو ڏيو، اهو سچ آهي، باقي جيڪو اصل سچ آهي، اهو آهي نسورو ڪوڙ. سوليءَ سنڌيءَ ۾ ميڊيا جي معنيٰ به ٿئي ٿي پڙها ڏيڻ. جيڪا پڙهو ڏيڻ واري جي مرضي، اها خلقت جي مرضي. اڄ ڪلهه خلقت جي مرضي ميڊيا جي ور چڙهيل آهي. اڳي ماڻهو بادشاهن جا غلام هوندا هئا، هاڻي ماڻهو ميڊيا جا غلام آهن. فرق رڳو ايترو رهيو آهي ته بادشاهن جا جيڪي غلام هوندا هئا، انهن جو رڳو جسم بادشاهن جي قبضي ۾ هوندو هو ۽ دل دماغ آزاد هوندا هئا ته جيئن وڻين تيئن وڃي سوچين. هاڻي جيڪا ميڊيا جي غلامي آهي، انهيءَ ۾ غلام جي دل و دماغ به ميڊيا جي قبضي ۾ آهي. پنهنجي سوچ به ماڻهن جي هٿ مان ڇڏائي ويئي آهي ته کانئن ڀولڙي به هٿ مان ڇڏائي ويئي آهي. جن ڏينهن ۾ اليڪشن پئي هلي، انهن ڏينهن ۾ مون وٽ ڳوٺان هڪڙو سياڻو سيبتو همراهه اچي نڪتو، پڇيو مانس ته، ”راڄن ۾ ڪنهن جو زور ٿو ڏسجي؟“ ته ٺڪ سان جواب ڏنائين ته، ڪاوش اخبار هيئن لکيوآهي، سو ائين ئي ٿيندو. ڏيو منهن، راڄ ڀاڳ ڇٽا، انهن جي اٿل پٿل ڇٽي، همراهه پاڻ به ڇٽو بچي وڃي ڪاوش اخبار. ته اهو آهي ميڊيا جو جادو. سو اها ته ٿي ميڊيا، جنهن ڪرڪيٽ کي اچي مٿي تي کنيو آهي. پوءِ اها پرنٽ ميڊيا هجي يا اليڪٽرانڪ ميڊيا.
هتي وري ٻيو سوال ٿو اٿئي ته ميڊيا جي ڪهڙي اچي مٺي آهي، جو وڏيون وڏيون خبرون ڇڏي ڪرڪيٽ جي پويان ڪاهي پيئي آهي؟ ته انهيءَ سوال جو به جواب ٿئي وڃي.
ڪنهن همراهه ٻئي همراهه کان پڇيو ته، ”قيامت ڪڏهين ايندي؟“ ته ٻئي همراهه جواب ڏنس ته، ”جنهن ڏينهن کيسي ۾ پئسو نه هجيئي ته سمجهجانءِ ته قيامت اچي ويئي.“ سو هيءُ کيل به پئسي جو آهي. فوٽ بال ته تمام وڏي ڳالهه آهي، پر اسان واري ڏکڻ ايشيا ۾ وري ڪرڪيٽ تي تمام گهڻو پئسو لڳل آهي، جنهن جو ڳچ حصو پبلسٽيءَ ۾ ڪم اچي ٿو ۽ پبلسٽي ڏيندڙ ميڊيا ئي آهي. پر ميڊيا ۽ پئسي جا جيڪي هڪ ٻئي سان لڳ لاڳاپا آهن، اهي هڪ طرفا نه پر ٻه طرفا آهن. انهن لڳ لاپن لاءِ ائين کڻي چئجي ته جيڏي ميڊيا کي پئسي جي لاچاري آهي. اوڏي ئي وري پئسي کي به ميڊيا جي لاچاري آهي. جيئن پئسي کان سواءِ نه ڪا اخبار هلي سگهندي ۽ نه ئي ڪو چئنل چري سگهندو، ائين ئي وري ميڊيا کان سواءِ پئسو پنهنجو رنگ نٿو ڏيکاري سگهي، ڇو ته پئسي ڏيارڻ واري به ميڊيا آهي. ڪو به گڙنگ سيٺ ڪروڙين رپيا خرچ ڪري، وڪري لاءِ ڪا به پراڊڪٽ يا شيءِ شڪل مارڪيٽ ۾ ڇڏيندو، انهيءَ پراڊڪٽ يا شيءِ شڪل جي ميڊيا جي ذريعي مشهوري نه ڪرائيندو ته سڀ خرچ وڃي پاڻيءَ ۾ پوندس ۽ پاڻ مٽي چٽيندو رهجي ويندو يا وري ٺلهيون ٿالهيون ويٺو وڄائيندو. ڪرڪيٽ ۾ لڳل پئسي کي ئي کڻي وٺو ته اهو پئسو ڀلي ڪيترو به هجي، پر ميڊيا جي ذريعي ڪرڪيٽ جي مشهوري نه ڪرائبي يا وري اخبارون ۽ چئنل ڪرڪيٽ کي لفٽ نه ڪرائيندا، نه خبرون ڏيندا، نه اشتهار ڏيندا ۽ نه ٽيلي ڪاسٽ يا براڊڪاسٽ ڪندا ته پوءِ ڪرڪيٽ کي انڊو-پاڪ ۾ ڪير پڇڻ وارو به نه هوندو. پوءِ نه سچن ٽنڊولڪر لڀندو ۽ نه ئي ڪو وسيم اڪرم جو نالو وڄندو. مطلب ته ميڊيا ۽ پئسو هڪ ٻئي جي اهڙي لاچاري آهن، جو نه ميديا پئسي کان جند ڇڏائي ٿي سگهي ۽ نه ئي وري پئسو ميڊيا کان جند ڇڏائي ٿو سگهي. هن وقت ته انڊو-پاڪ ۾ جيڏانهن ڪيڏانهن ڪرڪيٽ جي بلي بلي لڳي پئي آهي، پر اڄ يا سڀاڻي يورپ، آمريڪا ۽ لئٽن آمريڪا جي ريس ۾اچي ميڊيا ۽ پئسو ساٺڙيا گاٺڙيا ئي فوٽ بال راند کي اڀ تي ٿا کڻن ته پوءِ ڪرڪيٽ کيڏڻ وارا ويٺا اوٻاسيون ڏيندا ۽ ماڻهن جي بي قدريءَ جو روئڻو ويٺا روئندا ۽ سندن جاءِ تي لياريءَ جي مڪرانين ۽ ڀارت جي بنگالين جي لانگ پيئي لڳندي ۽ پڙ ڪري بيهي رهندا. ائين ئي سڄي معاملي جي تان ته اچي ميڊيا ۽ پئسي تي ٽٽي ٿي، جنهن کي مٿي تي کڻن، اهو بادشاهه ۽ ٻيا فقير.
هتي وري هڪڙو ٻيو سوال ٿو اٿئي ته اڄ ڪلهه جي زماني ۾ پئسو ۽ ميڊيا گڏجي ڪري ڇو ۽ ڪيئن ڏنگيون ڌريون بڻجي ويون آهن. اچو ته انهيءَ سوال جو جواب ڳوليون.
هڪڙا ماڻهو اهڙا به هوندا آهن، جن لاءِ چيو ويندو آهي ته انهن ماڻهن جو هٿ عوام جي نبض تي آهي يعني ته اهي ماڻهو خلقت کي جيڏانهن موڙين ته خلقت اوڏانهن ويندي آهي. آخر انهن ماڻهن وٽ اهڙو ڪهڙو گُر آهي، جو راڄن جا راڄ سندن چئي ۾ رهندا آهن. انهيءَ گرُ کي چئبو آهي سوشل سئڪالاجي يا عوامي نفسيات جي ڄاڻ ته ڪڏهين، ڪيئن ۽ ڪٿي ڌڪ هڻجي جو خلقت سندن چيل ڳالهه جي پويان ڪاهي پيئي. اهو علم يا گُر ڪنهن ڪنهن ماڻهو کي رب جي ذات ڏيندي آهي. اهو علم ڊگرين مان حاصل نه ٿيندو آهي، پر قدرتي هوندو آهي ۽ سندن زبان ۾ ڪا خاص طاقت رکيل هوندي آهي. اهو علم سياست ۾ ته هونئن ئي ڪم ايندو آهي پر سياست کان سواءِ ميڊيا ۾ به اهو گر اصل ڪم ڏيکاريندو آهي. ڪنهن به اخبار يا ڪنهن به چئنل کي هلائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ميڊيا مئنيجر جو عوام جي نبض تي هٿ هجي ۽ کيس خبر هجي ته خلقت کي ڪٿان ۽ ڪيئن جهلجي ۽ ڪڏهن جهلجي. ته ڪرڪيٽ کي اڳيان آڻڻ ۾ پئسي ۽ ميڊيا جي پويان وري سوشل سئڪالاجيءَ جي فطري ڄاڻ جي به ڀرپ آهي.
هاڻي وٺ وهنديءَ کي.
هن وقت، جڏهين آئون هيءُ مضمون لکان پيو ته ٽي ون ڊي مئچون ٿي گذريون آهن، جن مان ڪراچي ۽ پنڊيءَ جون مئچون ته مٽو سٽ رهيون. پنڊيءَ ۾ گنگوليءَ جي اعتراض تي بائونڊري لائين جو دائرو وڌايو ويو. پر پشاور جي مئچ ۾ هڪ ته گنگولي جي حقي واجبي گهر تي بائونڊري جو دائرو نه وڌايو ويو ته جيئن ياسر حميد سولائيءَ سان چوڪا هڻي سگهي. ٻيو ڪارنامو پاڪستاني امپائر ڏيکاريو ۽ واهه واهه ٿي ويئي. اڄ ڪلهه اليڪٽرانڪ ميڊيا جي جديد ٽيڪنالاجي وڏي آسانيءَ سان امپائر جي فيصلي تان پردو کڻي ٿي ڇڏي ۽ پوءِ مبصرن جو به وات نٿو رهي ۽ سچ ڳالهائڻ شروع ڪيو ڇڏين. ڪنهن وٽ اهو وڊيو موجود هجي ته هو اِهو تماشو ٻيهر ڏسي سگهي ٿو. اسان جي امپائر اهو ڪارنامو ڏيکاريو ته پهرئين جيڪي ٻه ڀيرا پاڪستاني سڌا سڌا LBW آئوٽ هئا، انهن کي آئوٽ ڪرڻ جو حڪم نه ڏنائين. پر پوءِ جڏهين اها پڪ بيٺي ته هاڻي معين خان ۽ عبدالرزاق پنڌ ڇڪي ويندا ۽ پويان رهجي ويل بالرن خاص ڪري محمد سميع ۽ شعيب اختر به چوڪا ڇڪا هڻي ڪم ٽپائي ويندا، انهيءَ وقت ساڳئي امپائر انضمام الحق کي بي واجبي LBW تي آئوٽ ٿيڻ جو حڪم ڏنو، جڏهين ته ٽيڪنالاجي موجب انضمام الحق آئوٽ نه هو. ائين پهرئين ٻن غلط فيصلن کي جسٽيفائي ڪيو ويو ته جيئن ڪو آڱر نه کڻي سگهي، پر ٽيڪنالاجي اهڙيون Justifications نه مڃيندي آهي. ته ائين پاڪستان کٽي ويو، جنهن تي گنگولي ڪو به اعتراض نه ڪيو جو کيس باچپائيءَ پٽيون پڙهائي موڪليو آهي ته، رڳو ڪرڪيٽ ناهي پر ڪرڪيٽ ڊپلوميسي آهي، انهي ڪري مٺي به ماٺ رهجان. سو گنگولي ُمٺيءَ به ماٺ رهيو. هونئن به حقيقت ته اها آهي ته جڏهين ڪرڪيٽ سياست ۾ تبديلي ٿي وڃي ته پوءِ اها ڪرڪيٽ رهي ئي نٿي.
ايندڙ ٻئي مئچون لاهور ۾ آهن، جتي صبح جو توڙي سج لٿي کان پوءِ ميدان تي ماڪ تمام گهڻي هوندي آهي، انهيءَ صورت ۾ راند کان وڌيڪ ٽاس کٽڻ جي اهميت وڌيڪ آهي. معنيٰ ته انهيءَ صورت ۾ ڪرڪيٽ وري جوا ۾ تبديل ٿئي ٿي وڃي، جوا به داڻن واري، جنهن ۾ ٿي سگهي ٿو ته تري پوي يا وري ڇڪو پوي. لاهور جي پچ مون بندي چڱيءَ طرح ڏٺي آهي، انهيءَ ڪري اها ڳالهه لکي اٿم.
انسولين تي رهندڙ شگر جي مريض وسيم اڪرم ۾ شگر جي بيماريءَ جي باوجود ٽي چار سال ٻيا راند موجود هئي، پر وسيم اڪرم جهڙو دنيا جو عظيم بالر ڪرڪيٽ جي اندروني سياست بازي کان تنگ ٿي وقت کان اڳ رٽائر ٿي ويو. پر گڏو گڏ اها حقيقت به پنهنجي جاءِ تي موجود آهي ته ڪيترائي رانديگر رٽائر ٿيڻ کان پوءِ بار ڀريون پوڻ تي واپس ميدان ۾ لٿا آهن، جن ۾ ڪرڪيٽ کان سواءِ ٻيون رانديون به اچي وڃن ٿيون. انهيءَ حقيقت کي اڳيان رکندي جي نئون چيئرمين کيس پٽڪو پلاند ڪري ها ۽ بار ڀري وجهي ها. مٿس نه، ته سندس گهرواريءَ تي بار ڀري وجهي ها ته به وسيم اڪرم واپس اچي وڃي ها، جو اڳ ۾ به سندس گهر واريءَ کيس کانئس رٽائرمينٽ کان روڪيو هو. هڪ ته ٿي اها ڳالهه. اچ ٻئي ڳالهه تي ته انهي ۾ ته ڪو شڪ ناهي ته وقار يونس ميتلو ڪئپٽن تمام خراب نڪتو، پر بالر جي صورت ۾ هو پاڪستان جو ڳرو ملهه آهي. کيس به وڏي آسانيءَ سان ٽيم ۾ آڻي سگهجي پيو. پر ڏک جي ڳالهه آهي جو ههڙين مئچن ۾ ٻئي ڄڻا ٻار بيهاريا ويا آهن. اهي هجن ها ته راند وچان ئي ٻيو رنگ ڏيکاري ها.
رهي ڳالهه ڀارت وارن جي ته انهن جا سڀ سٺا بالر زخمي آهن، پر سندن بئٽنگ لائين ته آخر تائين مضبوط آهي، جيڪا وجهه ملڻ تي گهڻو ڪجهه ڪري سگهي ٿي. تنهن کان پوءِ سياسي ارادا الائي ڪهڙو رنگ ڏيکاريندا.
انهن ڳالهين کي ۽ خاص طور تي ڪرڪيٽ کي سياست جو درجو ڏيڻ جي ڪري ايندڙ ٻن ون ڊي مئچن ۾ ڪجهه به ٿي سگهي ٿو. ڪا به ڌر کٽي يا هارائي سگهي ٿي. رهيون ٽي ٽيسٽ مئچون ته انهن لاءِ اهو ڏسڻو پوندو ته ڪهڙيءَ ڌر طرفان ڪهڙا رانديگر ميدان تي لهن ٿا. پوءِ ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. انهيءَ وچ ۾ ڪٿي ڪو ٽينس جو مقابلو ٿئي ٿو ته پاڻ ته بابا پوءِ اوڏانهن هليا وينداسين. رڳو راند ڏسڻي ناهي، ڪجهه چڱيون شڪليون به ته ڏسڻيون آهن، جيڪي ٽينس ۾ پاتيون وڃن ٿيون. ڪرڪيٽ به جڏهين راند ويسٽ انڊيز جي گرائونڊن تي ٿئي ٿي ته شخصي آزادي جا اهڙا نظارا ٿا ڏسڻ ۾ اچن، جو هٽي ٿي پري. اک نه ڏسي گوڏي کي. هڻ ته چٽي.
روزاني ڪاوش، اڱارو 23 مارچ 2004ع