App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

تھذيب جي ڪوٺاري

ليکڪ: آغا سليم | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ

ڪوٺاري Melting pot مٽيءَ جي ڏيئي وانگر ٺهيل ڪُپڙي هوندي آهي، جنهن ۾ سونارا سون، چاندي ۽ ٻين ڌاتن کي پگهاري پاڻ ۾ ملائي هڪ ڪندا آهن. آمريڪا کي ”تهذيب جي ڪوٺاري“ چيو ويندو آهي، ڇاڪاڻ ته جيئن ڪوٺاريءَ ۾ جدا جدا ڌاتو پگهري هڪ ٿي ويندا آهن، ائين آمريڪا ۾ به جدا جدا تهذيبن ۽ ٻولين جا ماڻهو، هن تهذيبي ڪوٺاريءَ ۾ پنهنجي تهذيبي شناخت وڃائي، هڪ نئين تهذيبي شناخت اختيار ڪندا آهن ۽ اها هنن جي آمريڪي شناخت هوندي آهي. آمريڪا کي اهو نالو زينگول نالي هڪڙي عبراني ليکڪ ڏنو. هن ”ميلٽنگ پاٽ“ جي عنوان سان ڊرامو لکيو، جنهن ۾ هن آمريڪا ۾ اهڙو تصور پيش ڪيو. هن جو اهو ڊرامو ڏاڍو مشهور ٿيو ۽ آمريڪا ميلٽنگ پاٽ سڏجڻ لڳو.

مڃيون ٿا ته آمريڪا تهذيبي ڪوٺاري آهي، پر ماڻهو ڌاتو ته نه آهي، جو ڪوٺاريءَ ۾ تهذيبي ۽ لسانيءَ طرح پگهري پنهنجي پراڻي شناخت وڃائي هڪ نئين شناخت ۾ بدلجي وڃي. ماڻهو رڳو ساهه کڻندڙ جاندار نه آهي، پر صدين تائين پکڙيل تاريخ به آهي، جيئري ۽ ساهه کڻندڙ تهذيب ۽ ثقافت به آهي. هو ايڏي سولائيءَ سان پنهنجي تهذيب ۽ تاريخ مان نڪري هڪ نئين تاريخ ۽ تهذيب ۾ نئون جنم وٺي نٿو سگهي. تهذيبي طرح جوڻ مٽائڻ واري عمل ۾ آمريڪا جا اهي آبادگار جنهن ايذاءَ مان لنگهن ٿا، اهو ظاهريءَ طرح ته محسوس نه ٿيندو آهي، پر سندن ادب ۾ پوريءَ طرح اڀري ايندو آهي.

گهڻو وقت اڳ مون هڪ يورپي آبادگار عورت جو نظم پڙهيو هو. هن جي هڪ هڪ لفظ مان سندس اهو روحاني ڪرب ٿي سِميو، هڪ عجيب اُن تڻ، هڪ عجيب غير يقيني ۽ اهو خوف ته هن جي ٻارن کي آمريڪي مڃيو ويندو الائجي نه. هو ٻارن سان آمريڪي اُچار ۾ انگريزي ڳالهائيندا آهن، پر پوءِ به هنن کي ڊپ هوندو آهي ته سندن ٻارن کي ڌاريو سمجهيو ويندو هو. ڊپ مان پنهنجي مادري ٻولي نه ڳالهائيندا آهن، ته هنن کي ڪٿي غير آمريڪي نه سمجهيو وڃي. رات جو جڏهن هو پنهنجي ”اونداهي بستري“ تي ليٽندا آهن، تڏهن پنهنجي مادري ٻوليءَ ۾ پنهنجن ٻارن جي باري ۾ ”اونداهن انديشن“ جو اظهار ڪندا آهن. هي نظم Pot More نالي هڪڙي آبادگار شاعره جو آهي، نظم جو عنوان آهي آبادگار Immigrant.

هو پنهنجن ٻارن کي آمريڪي جهنڊي ۾ ويڙهيندا آهن
هنن کي ”هاٽ ڊاگ“ ۽ ”ايپل باءِ“ کارائيندا آهن
هنن جا نالا ”بِل“ ۽ ”ڊيزي“ رکندا آهن
هنن کي سنهري وارن واري گُڏي وٺي ڏيندا آهن
جيڪا پنهنجون نيريون اکيون ڇنڀيندي رهندي آهي
ٻار اڃا هلڻ جهڙو به نه ٿيندو آهي ته کيس فٽ بال ۽ گولا وٺي ڏيندا آهن
هنن سان گهاٽي انگريزيءَ ۾ ڳالهائيندا آهن
هيلو! هيلو!! هيلو!!!
۽ جڏهن ٻار سمهي رهندو آهي، تڏهن هو پنهنجن مادري پولش ٻوليءَ ۾ ڳالهيون ڪندا آهن.
پنهنجي زال مڙس واري اونداهي بستري تي هو پنهنجي والدين واري تاريڪ انديشي جو اظهار ڪندا آهن
ڇا هو اسان جي پٽ کي پسند ڪندا، ڇا اسان جي ڌيءَ هنن کي پسند ايندي
اسان جو تمام سٺو آمريڪي پٽ
۽ اسان جي تمام سٺي آمريڪي ڌيءَ!!

آمريڪا ۾ رڳو يورپ جا اڇا ماڻهو اچي آباد نه ٿيا آهن، پر هتي ڪيترا آفريقي ڪارا به رهن ٿا. هو پنهنجي مرضيءَ سان هتي اچي نه رهيا آهن، پر هنن کي تاريخ جو جبر هتي وٺي ويو آهي. هو به ان تهذيبي ڪوٺاريءَ ۾ بگڙي آمريڪي ٿيڻ چاهين ٿا پر ... Budley Randell نالي هڪڙي ڪاري آمريڪيءَ جو نظم به پڙهيو، جنهن جو عنوان ئي Melting pot آهي.

هيءَ جادوءَ واري ڪوٺاري آهي
جنهن ۾ ڪو به مرد يا عورت
چيڪو سلواڪيا جو هجي يا اسڪاٽ لينڊ جو
داخل ٿيندو آهي ۽ آمريڪي بنجي ٻاهر ايندو آهي
هو ”جوهن“، ”جان“، ”جين“، ”جاني“، ”جيوني“ ۽ ”اون“ بڻجي
هن ٿانوَ ۾ داخل ٿيندا آهن، ۽ نوان پاڙيسري بنجي ويندا آهن
سامَ هي سڀ ڪجهه ڏٺو ته سوچيائين، هي ڇا آهي؟
مان هنن کان اڳ هتي آيو آهيان
اهو سوچي هن ڪوٺاريءَ ۾ پير رکيو
پر هو اڃا ڪوٺاريءَ جي ڪناري تي هو، ڪوٺاريءَ هن کي ڌڪي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو
هيءَ اسان جي ذاتي ڪوٺاري آهي، هن کان پاسي ٿيءُ
اسين نٿا چاهيون ته تون هن جو رنگ خراب ڪرين
هزار دفعا ٻاهر اڇلائجڻ کانپوءِ
سام سوچيو ته چڱو، مون کي به پرواهه نه آهي
کڻي جو پنهنجي هيءَ پراڻي ڪوٺاري
اوهان کي وڻي يا نه وڻي
مان اهو ئي رهندس جيڪو مان آهيان!


روزاني ڪاوش، سومر 15 آگسٽ 2011ع