پاڻ کي عقلمند سمجهڻ ئي ناداني آھي
ليکڪ: آفتاب احمد خانزاده | پڙهڻ جو وقت: 7 منٽ
1852ع ۾ هڪ ڪتاب ”سولومن جون يادگيريون“ لکيو ويو ۽ 1853ع ۾ اهو ڪتاب شايع ٿيو، جنهن کي لکڻ وارو ڊيوڊ ولسن هو، اڄ اهو ڪتاب دُنيا جي هر اهم لائبريريءَ ۾ موجود آهي. 2014ع ۾ هالي ووڊ ۾ ان ڪتاب تي هڪ شاندار فلم به ٺاهي وئي، جنهن کي سال 2014ع جي بهترين فلم جو آسڪر ايوارڊ به مليو. ان سان گڏ ان فلم کي گولڊن گلوب ۽ برٽش ايوارڊ جهڙن وڏن ايوارڊن ۾ به سال جي بهترين ڊراما فلم قرار ڏنو ويو. هدايتڪار اسٽيو ميڪوين ان فلم ۾ شاندار علامت نگاريءَ سان ڪم ڪيو آهي، ڇو ته سڄي فلم کي آئوٽ ڊور ۽ فطرت جي رنگن ۾ فلمايو ويو آهي، جتي جي کُليل فِضا ۽ آزاد پکي اسان کي آزاديءَ جو پيغام تسلسل سان ڏين ٿا، ٻيو ته اسان کي آزاديءَ کي صرف پنهنجي لاءِ نه پر هر هڪ لاءِ پسند ڪرڻ گُهرجي.
فلم جي ڪهاڻي ڪُجهه هن ريت آهي ته، ”سولومن پيدائشي طور تي غُلام ناهي هوندو پر هڪ آزاد رهواسي هوندو آهي ۽ ان وقت تائين آمريڪا ۾ غلاميءَ جي حوالي سان سخت قانون به ٺهي چُڪا هئا، پر ان جي باوجود ڪيترن ئي ڏورانهن علائقن ۾ ان جو رواج هو. سولومن سارا ٽوگه نيويارڪ ۾ رهندو هو ۽ کيس آمريڪا جي اشرافيا ۾ وڏي عزت جي نگاهه سان ڏٺو ويندو هو، ڇو ته هُو هڪ خوبصورت فنڪار هو، شايد وائلن به وڄائيندو هو. ان دوران ڪُجهه اجنبي ماڻهو ساڻس ملڻ آيا، جن ان جي فن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي ۽ کيس پنهنجي ٿيٽر ۾ ڪم ڪرڻ جي دعوت ڏني، جتي ان دعوت ۾ انهن اجنبين کيس تمام گهڻو شراب پياريو، پر جڏهن هُو نشي مان هوش ۾ آيو، ان وقت هُو هڪ بند ڪمري ۾ زنجيرن سان جڪڙيل هو. ان دوران اچانڪ ان ڪمري ۾ ڪُجهه خوفناڪ قسم جا ماڻهو اندر آيا سولومن جڏهن رڙيون ڪري اُنهن کي چيو ته، کيس ڇو قيد ڪيو ويو آهي ته کيس اهو جواب ڏنو ويو ته، هُو ته هڪ غلام آهي ۽ کيس گهڻو ڳالهائڻ جي ضرورت ناهي. ان صُورتحال ۾ هُو سخت مزاحمت ڪري ٿو ته هُو ڪو غلام نه پر هڪ آزاد انسان آهي، جنهن ڳالهه تي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو. هاڻي کيس هڪ بحري جهاز جي ذريعي واشنگٽن ڊي سي منتقل ڪيو وڃي ٿو ۽ هن جهاز ۾ انهن ٻين غُلامن سان گڏ رکيو وڃي ٿو، جن سڀني کي به انهن ماڻهن اغوا ڪيو هوندو آهي ۽ انهن ماڻهن جا قصا به هن سان ملندڙ جُلندڙ هوندا آهن. ان وقت جهاز جي هڪ مهربان ۽ نيڪ دل ملازم جي ذريعي سولومن پنهنجي خاندان کي آگاهه ڪري ٿو وٺي ته کيس اغوا ڪيو ويو آهي پر کيس ڪيڏانهن موڪليو پيو وڃي ان جي باري ۾ کيس خبر ناهي هُوندي. ان دوران سندس گهروارا کيس ڳولڻ نڪري پون ٿا پر ان ڳولا جي دوران اهي پريشان ٿين ٿا ته آخر هن کي ڪٿي ڪٿي ڳوليون. هاڻي سولومن ۽ ٻيا سڀ غُلام، جن ۾ ٻارَ به شامل هُوندا آهن، انهن کي آمريڪا جي هڪ علائقي لوزينيا پهچايو وڃي ٿو، جتي انهن کي ريٽي درياءَ طرف وٺي ٿا وڃن، جتي انهن کي خريد ڪندڙ ماڻهو سندن جاگيرن ۾ انهن کان فصل ۽ گاهه کي ڪٽڻ جو ڪم وٺن ٿا. سولومن کي هتي به هر وقت سخت تشدد جو نشانو بڻايو وڃي ٿو ۽ بار بار اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي ٿي ته، نه ته هُو ڪڏهن آزاد انسان رهيو ۽ نه ئي سندس نالو سولومن آهي. ان آمريڪي نيگرو جا پهريان مالڪ، جن وٽ هُو پهريان 2 سال گُذاري ٿو، اهي گهڻا سخت ناهن هُوندا پر هن جو آخري سفيد فام مالڪ جنهن وٽ هُو آخري 10 سالن جو وقت گُذاري ٿو، اهو وقت هن لاءِ انتهائي سفاڪ ۽ تڪليف وارو هُوندو آهي، هن جو مالڪ مٿس خوفناڪ تشدد به هر وقت ڪري ٿو. انهيءَ دوران سولومن پنهنجي هڪ مهربان کي خط لکڻ ۾ ڪامياب ٿئي ٿو، جنهن ۾ ان جي داستان ۽ اهو مقام، جنهن تي ان کي رکيو وڃي ٿو، ان جو نالو به لکي ٿو، اهو خط هن جي گهروارن لاءِ هڪ خوشخبري هوندي آهي، اهي هڪدم قانون جي ادارن ۽ پنهنجي وڪيل سان رابطو ڪن ٿا، اهڙي طرح سولومن کي بازياب ڪرايو وڃي ٿو ۽ هڪ ڀيرو وري هو پيانو وڄائيندڙ هڪ آزاد انسان بڻجي وڃي ٿو.
اها فلم ڏسڻ کانپوءِ اچانڪ اهو احساس ٿئي ٿو ته اسين سڀ 20 ڪروڙ انسان به غُلام ئي ته آهيون، جن کي پاڪستان جي ”اشرافيا“ اغوا ڪري رکيو آهي، جيڪي پنهنجا ذاتي مقصد پورا ڪرڻ لاءِ اسان کان ڏينهن رات ڪري بيگار جو ڪم وٺي رهيا آهن. مزي جي ڳالهه اها آهي ته اسان کي اغوا ڪندڙ ۽ يرغمال ڪندڙ پاڻ به آزاد انسان نه آهن، اهي به ذهني طور غُلام آهن. پنهنجي خواهشن جا، پنهنجي تمنائن جا، يعني مٿان کان وٺي هيٺ تائين سڀ جا سڀ غُلام آهيون. هر غلام پاڻ کان گهٽ اختيار ۽ گهٽ حيثيت واري غُلام کي سندس حق يا اختيار ڏيڻ لاءِ تيار ناهي ۽ جنهن به غلام کي جتي به موقعو ملي ٿو اهو ٻين غلامن کي پريشان ۽ ذليل توڙي خوار ڪري رهيو آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ”تُون ڪُجهه به نٿو ڄاڻين!“ هر غلام جو تڪيو ڪلام بڻجي چُڪو آهي. يعني هر غلام اهو ئي سمجهي ٿو ته اهو ئي عقلمند، سمجهدار ۽ ذهين آهي ۽ باقي 19 لک 99 هزار 999 ڪُجهه نٿا ڄاڻن.
دُنيا جو سڀ کان عقلمند انسان سقراط چوندو هو ته آئون هڪ ڳالهه ڄاڻان ٿو ته، آئون ڪُجهه به نٿو ڄاڻان. ان جو صاف مطلب اهو ٿو نڪري ته اسين سڀ 20 ڪروڙ ماڻهو سقراط کان وڌيڪ عقلمند، ذهين ۽ سمجهدار آهيون! ڇو ته اسين سڀ ڪُجهه ڄاڻون ٿا ۽ جڏهن اسين سڀ ڪُجهه ڄاڻون ٿا ته ان حساب سان اسين سقراط جا به ”اُستاد“ ٿياسين، ڇو ته هُو ته چوي ٿو ته آئون ڪُجهه نٿو ڄاڻان، اڄ جيڪڏهن سقراط زنده هجي ها ته سقراط جا اُستاد سندس مٿان ملامت ڪن ها ۽ سقراط شرمندگيءَ جي عالم ۾ لڪندو گُهمي ها.
توهان هڪ ننڍڙو تجربو ضرور ڪريو، ڪنهن به شخص جي سامهون ڪنهن ٻئي شخص جي تعريف ڪرڻ جي گُستاخي ڪريو، جڏهن اوهان اها گستاخي ڪري چُڪا هوندا ته اهو ماڻهو اوهان جي ڳالهه ٻُڌي اوهان تي ان حد تائين ڪاوڙ ڪندو، سندس چهري مان ڄڻ ته باهه نظر اچڻ لڳندي ۽ اوهان ان باهه ۾ سڙي ويندا ۽ باهه وسائڻ لاءِ پاڻي پيا ڳوليندا رهندا. ان جو سبب اهو آهي ته اسان مان هر شخص هر وقت ٻارنهن ئي مهينا فقط پنهنجي ”واهه واهه“ ٻُڌڻ جو عادي مجرم بڻجي چُڪو آهي، اهو پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي. هاڻي عالمن کي ئي ڏسي وٺو ۽ ٻُڌي وٺو، هر عالم پاڻ کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي عالم مڃڻ لاءِ ئي تيار ناهي. هڪٻئي جي پويان نماز پڙهڻ لاءِ تيار ناهي. وڪيلن کي ڏسي وٺو هر وڪيل اهو ئي سمجهي ٿو ته هن کانسواءِ قانون جي بهتر تشريح ٻيو ڪو ڪري ئي نٿو سگهي ۽ اهو ئي صرف ”ماهرِ قانون“ آهي ۽ باقي سڀ جاهل آهن. سياستدان کي ڏسو ته انهن جي اڪثريت پنهنجو پاڻ کي ’سُپرمين‘ سمجهي ويٺي آهي. پاڻ کانسواءِ باقي ٻين کي سياستدان ئي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. ڳالهه دانشورن ۽ تجزيا نگارن جي ڪريون ته سڀ جا سڀ تمام سوچن کي وڏو وقت پهرين سوچي چُڪا آهن، اڄڪلهه سڄو وقت ائين سوچيندا ئي رهن ٿا ته هاڻي ڇا سوچين، ڇو ته سڄي جون سڄيون سوچون ته اهي سوچي چُڪا آهن. والٽيئر هڪ ڊرامي ۾ هِي سين لکيو هو ته، فرشتا دُنيا کي تباهه ڪرڻ آيا آهن ۽ جڏهن انهن فلسفين کي ڏسن ٿا ۽ چاهين ٿا ته انهن کي ماري ڇڏين ته هڪ فرشتو چوي ٿو، ته انهن کي مارڻ جي ضرورت ناهي، اهي سوچيندي سوچيندي هڪ ڏينهن پاڻ ئي مري ويندا. والٽيئر يقينن اهو سِين اسان جي فلسفين لاءِ ئي لکيو هو. اهو ته قائد اعظم خوش قسمت نڪتو جو جلد ئي رحلت فرمائي ويو، نه ته کيس اهڙيون ”کريون کريون“ ڳالهيون ٻُڌڻ لاءِ ملن ها جو وڃي ٿين ها سَتَ خيرَ! هاڻي انهن حالتن ۾ بهتريءَ جي گُنجائش نڪري ته ڪِيئن نڪري.
روزاني ڪاوش، 29 مارچ 2021ع