سنڌي ظالمي ڪانفرنس
ليکڪ: امتياز ابڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
جتي اديبن جي لَٺ لڳل هوندي آهي، اتي ٻيون سڀئي لَٺيون ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏينديون آهن...ائين جو ڏاڍي جي لٺ، جنهن کي ٻين ملڪن ۾ ٻه مٿا ۽ اسانجي ملڪ ۾ بيشمار مٿا آهن، اها به چوندي آهي ته، ”اديبن جي لٺ کي هڪڙو به مٿو نه ٿيندو آهي...!“ هڪڙي صحافيءَ چيو، ” هيءَ عالمي ڪانفرنس آهي، يا ظالمي ڪانفرنس آهي؟ “ پڇيوسين، ”ڇو؟ “ ته چيائين، ”هتي ويٺا ته رڳو گولاڙچي، ٽنڊو آدم ۽ راڌڻ جا اديب آهن..! “
اسان سمجهيو عالمي ڪانفرنس آهي...معني يوگنڊا مان به سنڌي اديب ايندا...پر خبر پئي ته يوگنڊا ۾ سڀ انسان آهن، اتي اديب نه رهندا آهن...هڪ دوست کان پڇيم، ” انڊيا مان ڪير پيو اچي؟“ چيائين، ”سڃاڻان ته آئون به ڪو نه...بَس جنهن جي نالي پٺيان ”ڻي“ هجي، سمجهه ته اهو ڀارتي اديب آهي....جيئن، ويهاڻي، پٿراڻي...هالاڻي....“
ڪاڄ ڄويو جيڪو هر فنڪشن ۾ يا صدارت ڪندو آهي، يا وزارت ڪندو آهي...ڪنهن اديب جي پُٽ جو طهُر هجي....ڪنهن اديب جي جِهنڊِ جي رسم هجي....سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ ادبي ڪاڄ هجي...ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين هي جنَ وانگر اڏامي پهچي ويندو آهي...هن کي عرض ڪيائون ته، ”ڀارتي اديب غائب آهن... وارو ڪر...عالمي ڪانفرنس آهي....ڪو ڀائي بندُ وٺي اچ...ته ان کي”ڦاساڻي يا ڳڙڌاڻي“ بنائي انڊيا جو اديب ڪري پيش ڪريون“ ڪاڄ ڄوئي چيو، ”ماڻهن کي خبر پئجي وڃي ته پوءِ...؟“ جواب مليو، ”ڪهڙو ماڻهو شناختي ڪارڊ کڻيو پيا مُنهن جانچيندا...اسين چونداسين ...دهليءَ مان آيو آهي؟“ چيائين، ”وشيچند مشيچند مڪراڻيءَ کي وٺيو ٿو اچان“ پڇيائون، ”اهو ڪير آهي؟ “ ته چيائين،”انهيءَ سنڌي ادب ۾ ماءُ پيءُ جو ادب روشناس ڪرايو...!“
سڀ پريشان لڳا پيا هئا...ته عالمي سنڌي ڪانفرنس آهي، انڪري عالمي سنڌي اديب ڪٿان اچن... لکين رپيا خرچ ٿيا آهن، پر اديب رڳو موري، سڪرنڊ ۽ هالا جا ويٺا آهن...ڪجهه ماڻهو لياري موڪليائون جتان هڪڙو شيدي وٺي آيا ته... ”ادا تون چئجان...آئون سائوٿ آفريڪا کان آيو آهيان...! “ ڏاڏي چيو، ”نا...ڙي...هي ڪهڙو ڪم پيا وٺو...ڪو سئنيما جي گيٽ ڪيپري ٻيٽ ڪيپري ڏيو ڙي.....هي مقالو وقالو ڇا هي ڙي...؟“
هڪڙي راهه ويندي منگوليا جي همراهه کي ايئرپورٽ تي چيائون، ”هڪڙي مهرباني ڪريو... سنڌي عالمي ڪانفرنس ۾ هلي مقالو پڙهو...!“ همراهه قميص ڇڏائيندي چيو، ”پري ٿيو...مونکي سنڌي نٿي اچي...!“ چيائون، ”اسانکي وري ڪهڙي سنڌي اچي ٿي...!“ همراهه چيو، ”منهنجو مقالو ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه ايندو“ خوشيءَ مان رڙ ڪندي چيائون، ”ويري گڊ...ڇو ته مقالو چئبو ئي انهيءَ شيءِ کي آهي، جيڪا ڪنهن کي به سمجهه ۾ نه اچي...!“
هاڻي ڇا ڪجي ...عالمي ڪانفرنس آهي...دنيا جا ٻيا اديب نه هوندا ته وڏو مسئلو ٿيندو...هڪڙي چيني دندان ساز وٽ پهتا...چيائون، ”ادا...سنڌي ڪانفرنس آهي...هلي ڪجهه دانشوري ڦوُڪون هڻ..!“چيني دندان ساز پڇيو، ”مونکي ڇا ڪرڻو پوندو؟“ چيائون. ”تون چئجان...آئون شنگهائيءَ ۾ ”چوُن چان چان چنگچي اَدبي سنگت“ جو سيڪريٽري آهيان ۽ چيني ادب سنڌيءَ ۾ پڙهائيندو آهيان.. ! “ چينيءَ چيو، ”ڪامريڊ...مون ته چيني زبان ۾ به ادب ڪو نه پڙهيو...سو آئون چريو آهيان جو اتي هلي جامد سنڌي، بَلا نا ۽ ٻڪر بَڪباز جي ڀر ۾ اسٽيج تي ويهان...! “
هڪ تعليمي ماهر اسٽيج تي چڙهيو، جنهن جي خود انٽر ڪاپي سان ٿيل آهي...چيائين، ”سنڌ جي پرائمري تعليم جو نظام تباهه ٿي چڪو آهي“ ته هيٺان آواز آيو... ”هائو...اتي ڪاپيءَ جي ايتري سهولت ڪانهي...!“ هڪ ٻيو ڏاهو جيڪو مونکي ڄاهو پئي لڳو...چيائين ته،... ”سنڌ ۾ تمام گهڻي بيروزگاري آهي...! “ هيٺان آواز آيو، ”ڇا ان ڳالهه لاءِ عالمي ڪانفرنس سڏائي اٿوَ...اها ته اسانکي خبر آهي...! “ ٻڪر بڪباز چيو ته، ”شيخ اياز جهڙو شاعر هاڻي سنڌ ۾ ڪڏهن به پيدا نه ٿيندو! “ ته يڪدم هيٺ ويٺل هڪ اديب چيو ته، ”ڇو سائين...ڇا سنڌ جون سڀ دايون مري ويون؟
ڪنهن کان پڇيوسين، ”اهي شيلڊون ڇو پيا ڏيو؟ ڇا....اديبن ڊوڙ جو مقابلو کٽيو آهي؟ “ چيائون، ”هنن وڏا، ڊگها ۽ شاهي مقالا پڙهيا آهن، سي به بلند آواز ۾.... “ چيوسين، ”شيلڊون ته انهن کي ملڻ گهرجن...جن مقالا ٻڌا آهن...جنهن سڀئي مقالا ٻڌا هجن انکي ”برداشت شيلڊ“ ملڻ گهرجي...جنهن سڀني نشستن ۾ شرڪت ڪئي انکي وري”صابرين شيلڊ“ ملڻ گهرجي...انهن مان ئي اسٽيج تي ويٺل هڪ اديب بلا نا کان پڇيم ته” توهان ته ضياءَ جي اهلِ قلم ڪانفرنس کان وٺي ڪروڙ کن ڪانفرنسن ۾ شرڪت ڪئي هوندي؟“ چيائين، ”هنن معمولي ڪانفرنسن ۾ ته صرف چئڪ ٿو ملي، پر ضياءَ جي اهلِ قلم ڪانفرنس ۾ ته ڪيش ملندو هو...اهو ڪيش جنهن جي مٿان ڪوبه چئڪ نه هو..!“
سنڌي محققن جا ٽي قسم آهن...پهريان اهي جيڪي پاڻ ۾ نٿا ٺهن... ٻيا اهي جيڪي پهرئين قسم سان نٿا ٺهن ۽ ٽيان اهي جيڪي ڪنهن سان به نٿا ٺهن...پهريون قسم چوي ٿو، ”تحقيق ڪندڙ رڳو اسين آهيون... “ ٻيو قسم چوي ٿو، ”پهرئين قسم وارا ٻٽاڪون ٿا هڻن“ ۽ ٽئين قسم جو موقف آهي ته، ”پهريان ٻئي قسم ڪوڙ ٿا ڳالهائين!“ ڳالهيون به عجيب عجيب ٿي رهيون هيون...جهڙوڪ هڪڙو وڏو اديب (عمر ۾ وڏو) اسٽيج تي چئي رهيو هو ته، ”ڀٽائيءَ تي به هاڻي ريسرچ ٿيڻ گهرجي....شيخ اياز تي به هاڻي ڪم ڪرڻ گهرجي...فلاڻي تي به هاڻي تحقيق ٿيڻ گهرجي..! “ ته هيٺان مهمانن مان ڪنهن چيو، ”توهانکي به هاڻي هيٺ لهڻ گهرجي..! “
جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڄاڻندي اها دعويٰ ڪري ته هو سڀ ڪجهه ڄاڻي ٿو، انکي اديب چئبو آهي ۽ جيڪو ماڻهو ڪجهه به نه ڄاڻندي اها دعويٰ ڪري ته منهنجي سامهون وارو همراهه ڪجهه نٿو ڄاڻي ته انکي وري سنڌي اديب چئبو آهي...هڪ نشست...”خراب ماضي، بدحال مستقبل“ ۾ ايترا ته اديب پهتا جو هال ۾ ”ڪرسيون گهڻيون ۽ اديب ٿورا“ جي عنوان سان نشست اندر نشست شروع ٿي ويئي...جيڪو همراهه ڪولڊ ڊرنڪ کڻي آيو هو...انکي قابو ڪري چيائون ته، ”مٿي هلي مقالو پڙهه...نه ته پئسا ڪو نه ملندئي! “جنهن ويچاري مجبور ٿي اچي مقالو پڙهيو، ”سنڌي اديبن ۾ گلائون ڪرڻ جو جمالياتي پس منظر...! “
هڪڙو ٻيو انسان نما دانشور ساهمي کڻي اچي اسٽيج تي بيٺو...۽ شاعرن جي تورَ ۽ وزن ڪرڻ لڳو...ته، ”فلاڻو وڏو شاعر آهي، فلاڻو ننڍو آهي...فلاڻو وچولو آهي...فلاڻو ميڊيم سائيز آهي...فلاڻو فئملي سائيز آهي! “ هيٺ ويٺل هڪ اديب چيو، ”ائين ته مان به شيخ اياز کان وڏو آهيان..!“ پڇيوسين، ”ڪيئن؟“ ته چيائين، ” شيخ اياز جو وزن 60 ڪلو هو ۽ منهنجو 80 ڪلوگرام آهي!“ منهنجي ئي ڀر ۾ هڪ ٿلهو اَرڙ بلا جهڙو اديب ويٺو هو...يڪدم چيائين، ”ائين آهي ته پوءِ آئون سڀ کان وڏو شاعر آهيان...!“ پڇيوسين، ”ڪيئن؟“ ته چيائين، ”منهنجو وزن ايترو آهي، جو مشين تي بيهندو آهيان ته ان مان هڪ عورت جو آواز ايندو آهي ته، برائي مهرباني ڪچهه دير بعد ڪوشش ڪيجئي گا.....!
روزاني ڪاوش، اڱارو 09 مئي 2006ع