کونگهرا هڻڻ
ليکڪ: امتياز ابڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
کونگهرا هڻڻ به هڪ ميوزڪ آهي. هيءُ اهو راڳ آهي جيڪو ٻڌائڻ وارو پاڻ ڪڏهن به نه ٻُڌي سگهندو آهي. هڪ اديب جي نظر ۾ ”کونگهرا هڻڻ نَڪَ جي شاعري آهي!“ هڪ فقير وري چوندو ته، ”کونگهرا هڻڻ غربت خلاف جنگ آهي!“ هڪ عاشق جي خيال ۾ جيڪڏهن کونگهرا محبوب پيو هڻي ته پوءِ اها ڄڻ ته ڪنهن ويراني ۾ بهار آهي...پر جيڪڏهن کونگهرا زال پئي هڻي ته ساڳيو عاشق چوندو ته اها رزق جي تنگي آهي...!
ماستر جا کونگهرا علم جي روشنيءَ سان منور هوندا آهن، پر گوسڙو ماستر جا کونگهرا وري تعليم دشمن پاليسين تي ٻڌل هوندا آهن...گوسڙو ماستر کونگهرا پيو هڻندو ته جهڙو بنا ٻڌائڻ جي ٽن ڏينهن جي موڪل تي پيو وڃي...دنيا ۾ سڀ ماڻهو کونگهرا نه هڻندا آهن، ڇو ته جيڪڏهن سڀ ماڻهو کونگهرا هڻڻ لڳن ته پوءِ کونگهرا ٻُڌندو ڪير...؟
کونگهرا هڻڻ هڪ سماجي پورهيو به آهي، جنهن جو ڪوبه اُجورو نٿو ملي...ڪن ماڻهن کي ته پادر سونگهايو ويندو آهي ته متان گهڻي سماجي پورهئي ڪري ٻين گهري ننڊ ۾ پيل انسانن جو استحصال نه ٿئي...ڪن ماڻهن جو خيال آهي ته کونگهرا هڻڻ هڪ احتجاج آهي ته، ”زمانو اسان کي سمهڻ نٿو ڏي ۽ اسين ٻين کي سمهڻ نه ڏينداسين!“
کونگهرا هڻڻ واري کي کونگهرائوُ چئبو آهي ۽ جيڪو کونگهرا ٻڌي ننڊ مان ڇرڪندو آهي، ان کي کونگهرائي چئبو آهي...۽ جيڪو کونگهرا ٻڌي جاڳي کونگهرا هڻندڙ ۾ نهاري وري سمهي رهي ته ان کي ڪجهه به نه چيو ويندو آهي، ڇو ته جيڪو پاڻ کونگهرا ٻڌي ڪنهن کي ڪجهه نٿو چوي ان کي اسين ڇا ٿا چئي سگهون، پر اهو شخص جيڪو کونگهرا ٻڌي جاڳي کونگهرا هڻندڙ ۾ نهاري، انهيءَ کي هڪڙو ڌَڪُ الاري وري گهٽ وڌ ڳالهائي ٻيهر سمهي رهي ته ان کي اسين گهڻو ڪجهه چئي سگهون ٿا. کونگهرن جا ايترا ته قسم آهن، جو خود کونگهرا هڻڻ وارا پڇندا آهن ته اسين آخر ڪهڙي قسم جا کونگهرا ٿا هڻون...ايترا ته دنيا ۾ ماڻهو ڪونه هوندا جيترا کونگهرا آهن...جيئن اسان جو هڪ دوست کونگهرا هڻندو آهي، ڄڻ ننڊ کي لٺيون هڻندو آهي...هڪ دفعي پڇيوسين، ”ادا...ٿورو کونگهرن جو واليوم ته گهٽ ڪر!“ چيائين، ”سوري...هي اهو نڪ آهي، جنهن ۾ mute جو بٽڻ ئي لڳل ڪونهي!“ وري هڪ ٻيو دوست آهي، اهو ته کونگهرا هڻڻ جي فيڪٽري آهي... کونگهرا پيو هڻندو جهڙو پگهار وڌائڻ جو مطالبو پيو ڪندو...!پڇيومانس، ”توهان کونگهرن هڻڻ جي تربيت ڪٿان ورتي؟“...ته ڪاوڙجي پيو!
کونگهرا ٻڌڻ هڪ طريقهءِ علاج آهي، جيڪو شفا جا در کولي ٿو...کونگهرا ٻڌڻ سان ماڻهوءَ ۾ برداشت جي اسٽيمنا وڌي ٿي...يا اسٽيمنا جي برداشت وڌي ٿي...توهان پنهنجي روزمرهه جي زندگيءَ ۾ اهڙيون اهڙيون تقريرون ٻڌو ٿا، جيڪي توهان جي صحت لاءِ مضر آهن...پر جيڪڏهن توهان وٽ کونگهرا ٻڌڻ جي پريڪٽس آهي ته پوءِ توهان نه صرف اهڙيون تقريرون ٻڌي سگهو ٿا، بلڪه سڄي جي سڄي اخبار به پڙهي سگهو ٿا...”بيشڪ“ اسين جنهن جمهوريت ۾ رهون ٿا، اتي هرڪو پنهنجي پنهنجي اسٽائيل جا کونگهرا هڻي رهيو آهي...!“ کونگهرا قديم زماني کان لڳي رهيا آهن...اڳي بادشاهه کونگهرا هڻڻ تي انعام اڪرام به ڏيندا هئا، جيتوڻيڪ اڄ تائين اهو راز آهي ته تاريخ ۾ سڀ کان وڏا کونگهرا ڪنهن هنيا...بادشاهه اڪبر جي زماني ۾ به کونگهرن هڻڻ جا وڏا مقابلا ٿين ها، پر ان کي ڪنهن وزير مشورو ئي ڪو نه ڏنو...”جارج چوٿون“ ايترا وڏا کونگهرا هڻندو هو جو هُو سمهندو ئي محل جي تهه خاني ۾ هو ته متان ايتري وڏي آواز جي ڪري عوام نه جاڳي پوي... جارج پنجون به کونگهرن هڻڻ ۾ پنهنجو مَٽ پاڻ هو...رات جو ايترا کونگهرا هڻندو هو، جو چوڪيدارن کي مجبورن سڄي رات جاڳڻو پوندو هو...ان ڪري جارج ڇهون آيو ته پهرئين ان جو نڪُ حڪيمن کي ڏيکاريو ويو...جن وري ان جو علاج اهو ٻڌايو ته هاڻي جارج آڻڻ واري مشڪري بند ڪريو، نه ته ڪنهن کونگهري سان ٿي سگهي ٿو هي پوري انگلينڊ ئي نه اڏامي وڃي...!
روس ۾ سڀ کان سٺا کونگهرا شولوخوف هڻندو هو..بلڪه هن تي اهو نالو خوف پيو ئي ان ڪري جو هو ايڏا ته خطرناڪ کونگهرا هڻندو هو، جو انهن کي ٻڌندي ئي ماڻهو خوف ۾ گهيرجي ويندا هئا...ايتري قدر جو ان کانپوءِ جيڪي ٻيا خوف آيا، جيئن چيخوف يا بلخوف ...انهن کي به سندن دوست پنهنجن گهرن ۾ سمهڻ ڪونه ڏيندا هئا...جيتوڻيڪ اهي ويچارا کونگهرا ته ڇا ڪا ننڍڙي ڦوڪ به ڪونه هڻندا هئا...!
برصغير ۾ ته کونگهرن تي جنگيون لڳيون....سڀ کان وڏي جنگ پلاسي جي ميدان جي ٻاهران وڙهي ويئي...ڇو ته پلاسي ۾ اڳ ۾ ئي جنگ جاري هئي ۽ اتي جاءِ خالي ڪانه هئي...پلاسي وارن چيو ته جيڪڏهن توهان کي هتي جنگ وڙهڻي هئي ته ..هفتو اڳ ٻڌايو ها...! کونگهرن جي سڀ کان وڏي تاريخ کونگهرا نامه جي جنهن صفحي ۾ ملي ٿي، اهو صفحو ڪتاب ۾ ئي ڪونهي...بلڪه اهو صفحو صفحهءِ هستيءَ تان ئي مٽائي ڇڏيو اٿن، ڇو ته ان جي تاريخ ايڏي ته وڏي هئي جو جنهن تاريخدان اها تاريخ لکي پئي، اهو لکندي لکندي خود سمهي رهيو ۽ کونگهرا هڻڻ لڳو...صبح جو ان کان پڇيائون ته ان صاف انڪار ڪندي چيو ته، آئون هاڻي تاريخ تي نه، پر مهيني تي ڪم ڪندس...!
1977ع جي اونداهين دور ۾ مون هڪ ناول A Great Khonghro in the mid night کي سيريس ڪري لکيو، جيڪو مزاحيه ٿي ويو...جيڪو پوءِ نه وڪامجڻ جي ڊپ کان ڇپجي ڪونه سگهيو ۽ نه ڇپجڻ جي ڊپ کان لکجي ڪونه سگهيو، پوءِ مون اهو اڌورو ناول ڪراڙ ڍنڍ ۾ وڃي اڇليو...ڇو ته مون کي اها پڪ هئي ته اها واحد جاءِ آهي، جتي اهو ناول محفوظ رهي سگهي ٿو...ڍنڍ ۾ اڇلڻ وقت مون کي خبر پئي ته...مار، اتي ته ڪو سئو جي لڳ ڀڳ ٻيا به ڪتاب پيا هئا ۽ هر ڪتاب مان کونگهرن جا آواز اچي رهيا هئا....!
کونگهرا هڻڻ هر انسان لاءِ لازم آهن، ان ڪري جيڪي ماڻهو کونگهرا نٿا هڻن، انهن کي يڪدم پنهنجي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي...انهن کي گهرجي ته اهو معلوم ڪن ته هو کونگهرن جي وئڪسين ڪٿان هڻائين...! کونگهرا انساني تمدن ۽ تهذيب جي به عڪاسي ڪن ٿا...جيڪي کونگهرا مصر جي اهرامن ۾ مَميون هڻنديون هيون، اهڙا کونگهرا جيڪڏهن اڄڪلهه جون مَميون هڻن ته ڪيترن ئي ڊيڊين جا ٻوٿ ڦري وڃن...ان ڪري بتدريج کونگهرن صرف پنهنجي شڪل تبديل ڪئي آهي...باقي کونگهرا اڄ به پنهنجي آمرانا سوچ سان گڏ موجود آهن...
هڪ پوڙهي چيو، ”اڄڪلهه کونگهرا هڻڻ ايترو ته عام ٿي ويو آهي، جو ٻار ٻار به کونگهرا پيا هڻن، ڇا اسان جي زماني جا کونگهرا هوندا هئا...مون وارو ڏاڏو کونگهرا هڻندو هو ته سڀ ڳو ٺ وارا گڏ ٿي ويندا هئا، ڄڻ ڍڳي جي اُضحي پئي ٿئي...چاچي کي ته کونگهرا هڻڻ تي ايترو عبور حاصل هو، جو پري پري کان ماڻهو هن کان کونگهرا هڻڻ جو گُر سکڻ ايندا هئا...!“ چيائين، ”شاندار کونگهرو اهو جيڪو وڏي واڪ هڻجي...باقي ننڍا ننڍا کونگهرا ته اڄڪلهه هرڪو پيو هڻي...!“
کونگهرا ٽن قسمن جا ماڻهو هڻندا آهن. هڪڙا اهي، جيڪي کونگهرا هڻي سگهن، ٻيا اهي، جن کي کونگهرا هڻڻ ايندا هجن، ٽيان اهي، جن کي کونگهرا هڻڻ کان ڪير به نه روڪي سگهي...کونگهرا ڪيڏي مهل به هڻي سگهجن ٿا...سٺا کونگهرا ان مهل لڳندا آهن، جنهن مهل سڀ جاڳي رهيا هجن...پر هڪ اصلي ۽ تاريخي کونگهرو اهو، جنهن سان سُتل ٻار به جاڳي پوي ۽ اٿي پنهنجي ماءُ کان پڇي ته، ”امان... تو سڄي زندگي هِن بابا سان گڏ ڪيئن گذاري آهي!؟“
روزاني ڪاوش،اربع 25 جنوري 2006ع