ڪتاب: منهنجو دوست
ليکڪ: امتياز ابڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
چارلس ڊارون هڪڙي ڏينهن پنهنجي گرل فرينڊ کي چيو ته، ”ڪتاب ئي منهنجو حقيقي دوست آهي!“ ٻئي ڏينهن انهيءَ تحفي ۾ ڏنل هار واپس ڏياري موڪليس ته، ”هاڻي هيءُ هار ڪنهن ڪتاب جي ڳچيءَ ۾ وجهي ڇڏجئين!“ ڪتاب اسان جو به دوست آهي پر رڳو اهو ڪتاب جيڪو ڪنهن دوست جو هجي! سنڌي ڪتاب ته اسان ڪو نه خريد ڪريون جو اهي ايترا مهانگا آهن، جو هڪڙي ڪتاب بدران ٻه شاهين ميزائيل اچي سگهن ٿا...بلڪه هڪڙو سنڌي ڪتاب اڌ قيمت تي وڪڻي پوري مسرت شاهين گهرائي سگهجي ٿي. سنڌي ڪتاب ايترا مهانگا ڇو آهن؟ اگر ايترا مهانگا رهيا ته پوءِ هڪڙو ڏينهن اهڙو ايندو جو هڪڙي سنڌي ڪتاب تي هڪڙي فرج فريءَ ۾ ملندي!
اسان وٽ اڄڪلهه ٽن قسمن جا ڪتاب ڇپجن ٿا. هڪڙا اهي ڪتاب جن کي ڪير دڪان تان چوري ڪرڻ کان پوءِ به ڪو نه پڙهندو آهي. ٻيو اهي ڪتاب جن کي جيڪو چوري ڪندو آهي ان وٽان وري ڪو ٻيو چوري ڪري ويندو آهي...۽ ٽيان اهي ڪتاب جن کي دڪاندار ڄاڻي ٻجهي انهن شو ڪيشن ۾ رکي ڇڏيندو آهي ته جيئن اتان ڀلي چوري ٿي وڃن. سڀ سنڌي ڪتاب هر وقت مهانگا ڪو نه هوندا آهن. خود اسان کي ته ڪنهن ڪنهن مهل ڪتاب سئو سيڪڙو رعايت تي به ملي ويندا آهن. بس ان لاءِ رڳو اهو انتظار ڪرڻو پوندو آهي ته دڪان تي رش ٿئي ۽ دڪان جي مالڪ جو ڌيان ٻين گراهڪن ڏانهن وڃي!
سٺي ۾ سٺا ڪتاب اهي هوندا آهن، جيڪي اڌ پڙهبا آهن ۽ باقي اڌ وري ٻارن لاءِ ڇڏي ڏبا آهن ته اهي وڏا ٿي پڙهندا. جيئن ”آگ ڪا درياءُ“ اهو ڪتاب آهي جو جيڪي هن ڪتاب کي پڙهڻ شروع ڪندا آهن اهي وري ڪو ٻيو ڪتاب شروع ڪري نه سگهندا آهن يا جيئن روسي ليکڪ هئا. منهنجو هڪ دوست چوندو آهي ته، ”مون ٽالسٽائي جو ناول ”War and Peace“ شاديءَ کان اڳ پڙهڻ شروع ڪيو هو ۽ شاديءَ کان پوءِ وڃي پورو ڪيم!“ خود مون اهو ناول رڳو ”War“ تائين پڙهيو ۽ ”Peace“ رهجي ويو. دوستو وسڪي ته شايد وسڪي پي پوءِ لکندو هو جو هن جا ناول به ايڏا وڏا ۽ ڊگها هوندا هئا جو لڳندو هو ڄڻ هن ناول لکرائڻ لاءِ به ڪي ماڻهو رکيا هوندا....هن جو ”ايڊئيٽ“ ناول ته اهو هو جو سڄو ناول پڙهڻ کان پوءِ جڏهن ختم ڪبو ته يڪدم پنهنجو پاڻ کي ”ايڊئيٽ“ محسوس ڪبو. چيخوف کي ته اسان انٽر تائين ڪنهن بيماريءَ جو نالو ئي سمجهندا رهياسين جو اسان سمجهيو پئي ته ان جا ٽڪا به روس مان لڳندا.....شولو خوف کي ته اسان رڳو ان خوف جي ڪري ڪو نه پڙهيو جو ڪنهن ٻڌايو هو ته ان جي ڪهاڻين ۾ رڳو خوف هوندو....سي اهي ڏينهن هئا جو يونيورسٽيءَ ۾ اسان جي اها حالت هئي جو جنهن ڏينهن ڪو ڪتاب نه پڙهندا هئاسين ته ٿڪجي پوندا هئاسين. گورڪيءَ جو ناول ”ماءُ“ آئون وٺي ته آيس پر ان ۾ ماءُ ته ڇا پر ماسي به ڪا نه هئي! جيئن هڪ اديبا ٻڌايو ته، ”بازار ۾ مون کي وڪرم سيٺ جو تقريبن ٻه هزار صفحن جو ناول ”Suitable Boy“ اڌ قيمت تي مليو پئي پر اهو ايترو ته ڳرو هو، جو ان کي گهر کڻائي وڃڻ لاءِ به ايترن پئسن جي ضرورت هئي، جيترن پئسن ۾ ڪو اسان جي پاڙي جو ”Suitable Boy“ به ملي وڃي ها.“ يا جيئن هڪ انگريزي ڪتاب جو ترجمو ”جهنگ جي شهزادي“ ايترو ته مهانگو پئي مليو جو ايترن پئسن ۾ ماڻهو جهنگ جي شهزاديءَ سان نڪاح ڪري ٻه ٽي ٻار نپائي به سگهيو ٿي!
سنڌي شاعرن جا ڪتاب ته اهڙا آهن، جو جيسين توهان انهن جي چانهه نه پيئو تيسين اهي ڪو نه وڻندا. جيئن ڊڄڻو هالائي ايترو ته بهترين شاعر آهي جو اسين هن جي شاعري رڳو ان ڪري ڪو نه پڙهندا آهيون جو اسان کي پڪ هوندي آهي ته هن جي شاعري هونءَ ئي سٺي هوندي، ان ڪري پڙهڻ مان فائدو! جيئن هڪ ليکڪا کي چيم، ”توهان جو تازو ڪتاب ڏاڍو سٺو آهي!“ چيائين، ”ڪيئن ڀلا؟“ چئمانس، ”ڇو ته اهو مون پڙهيو ئي ڪونهي...“ سنڌيءَ ۾ مون کي هميشه ڊاڪٽر نبي بخش ۽ پنجابيءَ ۾ سلطان راهيءَ متاثر ڪيو. جيئن ماهتاب محبوب جو هر ڪتاب آئيڊيل ڪتاب هوندو آهي ۽ لڳندو آهي ڄڻ هر ڪتاب هن پاڻ لکيو آهي...بلڪل ائين ئي نوشي گيلانيءَ جو هر ڪتاب اسان وٺندا آهيون، چاهي پڙهندا کڻي ڪو نه آهيون.!
ناول ٻن قسمن جا ماڻهو لکندا آهن. هڪڙا پروفيشنل ۽ ٻيا واندا. سنڌيءَ ۾ اسان وٽ ٻئي ڪونه آهن. پروفيشنل ان ڪري ڪو نه آهن جو جيڪي پروفيشنل هئا، انهن ٻيا پروفيشن کولي ڇڏيا آهن ۽ واندا ان ڪري ڪو نه آهن، جو جيڪي واندا هئا انهن سڀني شاعري ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي. اسان ته بس ناول پڙهڻ ائين ئي شروع ڪيو ته جن جن ناولن تي بندش هوندي هئي رڳو اهي پڙهندا هئاسين. انهن ناولن کي ته اسان بار بار پڙهيو جن کي رڳو ڏسڻ لاءِ وٺبو آهي. ائين اسان ڏسڻ جي شوق ۾ پڙهڻ جي نشي ۾ ملوث ٿياسين. انگريزي ناول پڙهڻ جي شروعات وري هر سنڌي اهڙن ناولن کان ڪندو آهي، جيڪي اڌ قيمت تي وٺبا ته به جهڙا سڄي قيمت تي لڳندا...هنن ڪتاب مان هڪڙو ته انگريزيءَ جي خبر پوندي آهي ۽ ٻيو انگريزياڻين جي.
ڪتاب علم جو اسمگلر هوندو آهي، ڇو ته اهو علم کي هڪڙي جاءِ تان ٻي جاءِ تائين پهچائي ٿو. ان ڪري اسان ڪنهن کان ڪتاب اڌارو وٺڻ به ڇڏي ڏنو آهي، ڇو ته جنهن کان گهرندا آهيون، اهو خود ڪنهن ٻئي کان اڌارو وٺڻ جو سوچي رهيو هوندو آهي. اڄ جا نوجوان ڪتاب نٿا پڙهن...هُو پڙهندا آهن پر رڳو ڪتابي چهرا...۽ شڪر جو نوجوان ڪتاب گهٽ ٿا پڙهن ان ڪري ڪافي اديب بچيل آهن. جيئن هڪ نوجوان چيو، ”ڪتاب رڳو اهي دوست هوندا آهن، جيڪي پنهنجن پئسن سان وٺبا آهن.“ ائين ئي هڪ شاگردياڻيءَ چيو ته، ”ڪتاب کي آئون پنهنجو دوست نٿي بنائي سگهان، ڇو ته اسان جي خاندان ۾ دوست بنائڻ جي اجازت ناهي!“ ۽ وري هڪ شاگرد چيو، ”ڪتاب فرينڊ ته ٿي سگهي ٿو، پر گرل فرينڊ نٿو ٿي سگهي!“
سنڌي ماڻهو ڪڏهن به سنڌي ڪتاب کي خراب نه چوندو. جيڪڏهن ڪو سنڌي چوي ته اهو ڪتاب سٺو ناهي ته ان جو مطلب اهو هوندو ته اهو ڪتاب هن پڙهيو ئي ناهي. اهو ڪتاب جيڪو توهان پڙهو ۽ ان جو عنوان وساري ڇڏيو ته ان جو مطلب به اهو ٿيو ته اهو ڪتاب به توهان کي نه وڻيو آهي. اسان ته سنڌي ڪتاب خريد ڪرڻ رڳو ان ڪري ڇڏي ڏنا آهن ڇو ته هڪ ڪتاب پڙهڻ جي لاءِ ٻن ڪتابن جيترو مهاڳ به پڙهڻو پوي ٿو ۽ مٿان وري قيمت ايتري هوندي آهي جو ان جيتري اڌ قيمت تي خود ليکڪ کي سڏائي سڄو ڪتاب ٻڌي سگهجي ٿو. هونءَ به سنڌيءَ ۾ اڄڪلهه ڪتاب ايترو پڙهيو ڪو نه ٿو وڃي جيترو ڏٺو ٿو وڃي...ڪجهه ٿلها ڪتاب ته ڏسي ماڻهو پڇندا آهن ته، ”هن ڪتاب پڙهڻ جو گهڻو ملندو؟“ جيئن اسان هڪ اديب جو سفر نامو پڙهيو”روم کان باٿ رُوم تائين!“ هن ٻڌايو ته هن اهو سفر نامو انهن ڏينهن ۾ لکيو جن ڏينهن ۾ هن جو هاضمو داءَ تي لڳل هو...۽ هي ڪتاب بوڪ اسٽالن تي به ائين ئي پيو هو ڄڻ ڪتاب ڪتاب نه هجي، ڪارمينا جي شيشي هجي!
ڪاوش، سومر 8 مارچ 2004ع