App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

لاڪ ڊائون

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 8 منٽ

ضمير ٻہ سال اڳ پنهنجي زال ريشمہ، ٻہ ننڍڙيون ڍئيرن ۽ ٻہ ننڍڙا پٽ ساڻ ڪري ڳوٺ مان لڏي شهر جي نيو سائيٽ ايريا ۾ رهڻ لڳو هو. جتي نالي ماتر هڪ ٻہ فيڪٽري هئي. باقي خالي پلاٽ رڃ ئي رڃ ۽ ويرانو هو. ضمير جڳهن جي اڏاوات ڪندڙ ننڍڙي ٺيڪيدار ڌمالي جو منشي بہ هو تہ مزدور بہ. ڌمالي جيڪو اڳ پاڻ ڪاريگر هو پر پنجن روپين جوڙڻڻ کان پوءِ هُو ٺيڪيداري ڪرڻ لڳو هو. مالڪن ۽ مزدورن کي ٻنهي هٿن سان ڦريندو هو. ڌمالي هاڻي روايتي سرمائيدار هو. جڳھن جي مالڪن کان تہ ايڊوانس پئيمنٽ وٺندو هو پر پنهنجي مزدورن کي هڪ تہ پنهنجي مرضي تي ڏهاڙي ڏيندو هو ۽ ٻيو وري رڙائي رڙائي ڏيندو هو. ان ڪري ٻن چئن مزدورن کان سواءِ سيٺ ڌمالي وٽ مستقل مزدور ٽِڪي نہ سگهندا هئا.ڌمالي کي پرواھ بہ نہ هوندي هئي هِڪڙا ويندا هئا تہ هُو انهن جي جاءِ تي ٻين کي وَٺي ايندو هو. ضمير کي غربت ۽ بيروزگاري جي شدت جي خبر هئي ان ڪري ڌمالي جي ها ۾ ها ملائيندو هو تہ متان ڌمالي ڪڏهن ناراض ٿي مون کي ڪم تان ڪڍي نہ ڇڏي. ان ڪري ضمير مفت ۾ هن جي مُنشيگيري جو بہ ڪم ڪندو هو ۽ موٽ ۾ ڌمالي ضمير کان سائيٽ ايريا جي پلاٽ تي جڙيل ٻن ڪمرن واري جاءِ جي ٻہ هزار ماهوار مسواڙ وٺندو هو. ان جاءِ ۾ ڌمالي جو ٽريڪٽر، ٽراليون، ڀرائي جو سامان ۽ ڇٽنگ جو سامان پيل هوندو هو. ضمير مفت ۾ ان جو بہ چوڪيدار هو.
ضمير پنج درجا ۽ ريشمہ اٺ درجا پاس هئي. ڳوٺ مان لڏي اچڻ کان پوءِ ريشمہ جي خواهش هئي تہ هن جا ٻار اسڪول ۾ پڙهن. سائيٽ ايريا کان پرڀرو جمن شاھ پاڙي ۾ قائم هڪ پرائيوٽ اسڪول ۾ پنهنجي ٻارن کي ساڻ ڪري هڪ ڏينهن ضمير جي اجازت سان هلي وئي هئي. اسڪول جي مالڪ ۽ پرنسپال جڏهن في ٻار جي اٺ اٺ سوءَ فيس ٻڌايس تہ رڙ نڪري وئي هيس،
اِي! ايتري فيس!
ٺپ ٺري ويا هئس. هڪ لمحي ۾ خواب چڪنا چور ٿيا هئس.
اوهان ڪيتري ڏيڻ چاهيو ٿا؟
اسان تہ غريب آهيون!
اوهان ڪيترو پڙهيل آهيو؟
مان اٺ درجا پاس آهيان.
بس! اٺ درجا! ڀلا اوهان اهو ٻڌايو تہ اوهان ڪهڙي مضمون ۾ هوشيار آهيو.
مان!
ها اوهان...
مان، حسابن ۾، سنڌي ۾ ۽ اسلاميات ۾.
تہ پوءِ ٺيڪ آهي، مان اوهان جي ٽن ٻارن کي مفت ايڊميشن ڏيان ٿو. انهن کي ڪتاب، يونيفارم ۽ بيگس بہ هر سال فري ڏيندس. ان ڪري تہ بڪ اسٽور ۽ يونيفارم وارا ڪجھ ٻارن لاءِ اسان کي اهي فري ڏيندا آهن تہ پوءِ ڇو نہ اوهان جهڙن ضرورتمندن جي هيلپ ڪجي جن جو خواب آهي تہ انهن جا ٻارڙا پڙهي پون ۽ ها مان اوهان کي پنهنجي اسڪول ۾ ٽيچر مقرر ڪرڻ جي آفر ڪريان ٿو ۽ ماهوار ٽي هزار پگهار بہ ڏيندس. اوهان هيٺين ڪلاسن کي سنڌي، حساب ۽ اسلاميات پڙهائجو. جنهن سبجيڪٽ ۾ اوهان ويڪ هوندا مان اوهان کي ٽرينڊ ڪري ڇڏيندس!
ريشمہ جي خوشي جي انتها نہ هئي. ان ڏينهن هن ضمير جو گهر اچڻ جو جنهن شدت سان انتظار ڪيو هو اهو هن اڳ زندگي ڀر نہ ڪيو هو. ضمير جڏهن گهر آيو هو تہ ان کي اها خوشخبري ٻڌائيندي خوشيءَ وچان اکين مان ڳوڙها وَهِي هليا هئس. ٻئي ڏينهن صبح سان ساجهر ضمير کي ساڻُ ڪري اسڪول وڃي مالڪ/ پرنسپال سان ان کي ملائي اسڪول ۾ پڙهائڻ شروع ڪيو هُئائين.
اڄ لاڪ ڊائون جو ڏهون ڏينهن هو. ان کان ٻہ هفتا اڳ ڌمالي جو ڪم بند هو، ڪو نئون ٺيڪو نہ مليو هئس جنهنڪري پنهنجو سامان مهيني جي مسواڙ تي ٻئي ٺيڪيدار کي ڏئي ڇڏيو هئائين. ضمير سميت سڀ مزدور بيروزگار ٿيا هئا انڪري واپس پنهنجي ڳوٺن ڏانهن هليا ويا هئا. ڌمالي بہ پنهنجي پٽ ڏانهن سانگهڙ هليو ويو هو.
ضمير وٽ ڪا بہ بچت سچت نہ هئي. ان ڪري ريشمہ جي ٽن هزارن مان جيڪي ڏينهن گذر ڪري سگهيا هئا سو ڪيائون. نيٺ پنهنجي پراڻي ڪي پيڊ واري موبائيل کپائي ٻہ چار ڏينهن ڏکيو سکيو پنهنجو ۽ پنهنجن ٻچڙن جو پيٽ گذر ڪيائون.
اڄ ٻيو ڏينهن هو ٻارن سڪل ۽ رکن ٽڪرن کان سواءِ ڪجھ بہ نہ کاڌو هو. ضمير ڪرياني جي دوڪان واري کي ايلاز منٿون ۽ لولهٽ ڪري هڪ ٻن ڏينهنن جو سودو ورتو هو. ان جي اڳ واري اوڌر پڻ رهيل هيس. ان وٽان بہ سودي ملڻ جي اميد نہ هيس، پر هاڻي تہ لاڪ ڊائون کان پوءِ ان جو بہ دوڪان بند هو. ضمير ٻچڙن جي بک، پنهنجي غربت ۽ بيوسي ڏسي جمن شاھ محلي جي مسجد جي پيش امام وٽ بہ ويو هو تہ ونڊ جي بچيل ماني اٿوءَ تہ ڏيو منهنجا ٻچڙا بک تي آهن. غريب مزدور آهيان ڪجھ بہ نہ اٿم. ملان ٿيهلي ۾ هڪ ٻہ ماني ۽ دال ذري وجهي هٿ ۾ ڏيندي چيس تہ سڀ طالب پنهنجن پنهنجن ڳوٺن ڏانهن هليا ويا آهن، جماعتي بہ خوف وچان نماز تي نہ ٿا اچن. ان ڪري ماني ڪونهي! هو پوليس وارن کان لڪندو لڪندو گهر آيو هو. ماني کي ٻار ماڪوڙن وانگر چنبڙي ويا هئا. ڪالھ تہ ضمير، ريشمہ ۽ ٻارن جي حالت ڏسي چوري جي خيال سان نڪتو پر ڪٿي بہ داءُ نہ لڳس، ڀٽڪون کائي کائي واپس موٽي آيو هو. پر رستي ۾ پيٽرول پمپ تي لڙي سڌو مينيجر جي آفيس ۾ وڃي سامهون ڪرسي تي ويٺل اڪيلي همراھ کي پنهنجو سڄو سربستو احوال ٻڌائيندي روئي مدد جي گهر ڪيائينس تہ ان همدري مان چيو هئس تہ بيشڪ تون پينو فقير نہ لڳين، سچو آهين. پر مان پاڻ غريب هيلپر آهيان، مالڪ ڪونهي. مئينيجر بئنڪ ويو آهي. تون پنهنجي ايڊريس ٻڌائي ڇڏ، اچن تہ مان انهن کي ٻڌائيندس. گهر اچي ريشمہ کي اهو بہ ٻڌايو هئائين.
اڄ ٻار بک ڪري غشي ۾ هئا ريشمہ جي اندر ۾ وَڍَ پوڻ لڳا. ضمير جون اکيون بہ ڏرا ڏئي ويون هيون. هوءَ ڀڙڪو کائي اُٿي جلدي جلدي کاري مان ٿانوءَ کڻي ڳنڍ ٻڌي تڪڙي تڪڙي جمن شاھ پاڙي ڏانهن سِڌَ ڪيائين. دماغ ۾ سوچن جو سمنڊ هئس. الائي ڪهڙا ڪهڙا ارادا گهڙيندي گهڙيندي اسڪول واري گهٽي ڏانهن مُڙي پئي. اسڪول جي گهٽي ٻُسي ۽ خالي خالي هئي. اسڪول جي مين گيٽ جي تاڪ کي هٿ سان زور ڏئي ڏٺائين تہ تاڪ کليل مليس. اسڪول اندر اچي پرنسپال جي آفيس ۾ هلي وئي.
ريشمہ تون؟ پرنسپال اُٿي بيٺو
اچ ويھ ....ويھ، چوندي آفيس مان ٻاهر وڃي ٻاهريون دروازو بند ڪري آفيس اندر موٽي آيو.
هن وقت تون ڪئين هتي ريشمہ.....؟
مون کي ڪجھ پئيسا گهرجن، منهنجا ٻچا ٻن ڏينهن کان بک تي آهن. هو مري رهيا آهن. اڄ جيڪڏهن انهن کي ڪجھ نہ مليو تہ سڀ مري ويندا....،
کوڙ پئيسا، پرنسپال پاسي واري کيسي مان پرس ڪڍي ان مان هزارَ جا نوٽَ ڪڍي ٽيبل تي رکي اوچتو ريشمہ کي ڀاڪر ۾ ڀريندي چيائينس، ڇھ مهينا ٿيا آهن جو مان ان ڏينهن جو انتظار ڪري رهيو هوس. تون پهرين ٽيچر آ جنهن مون کي ايترو ستايو آهي نہ تہ منهنجي لاءِ مهينو ئي ڪافي آهي. مان تہ پهرين ڏينهن ئي توکي ڏسي تو تي قربان ٿي پيو هوس. تو تي ايتريون مهربانيون ڪيون پر تو تہ لفٽ ئي نہ ڪرائي. ڪيترا ڀيرا اشارن اشارن ۾ سمجهائڻ جي ڪئي مانءِ، ڪرونا جي موڪلن کان ٻہ ڏينهن اڳ جڏهن هن آفيس ۾ ستايو مانءِ تہ ڪئين هٿ ڇڏايون هلي وئينءَ ۽ ٻئي ڏينهن تي چئي تہ هاڻي مان ڪڏهن بہ اسڪول نہ ايندس نوڪري ڇڏيان ٿي ٻارن جا سرٽفڪيٽ ضمير کي ڏجو چئي هلي وئينءَ تہ منهنجو اندر ٻہ اڌ ٿي پيو، چوندي پرنسپال ريشمہ کي ڀاڪر ۾ وڌيڪ ڀڪوڙيندي هاڻي ان کي چمڻ لڳو. ريشمہ تون مون سان دوستي رکي تہ ڏس نہ...... هوءَ بي ست بيٺي رهي اکين ۾ ضمير ۽ ٻارن جا بکايل چهرا تري آيس تہ نيرَ نيسارا ٿي وهڻ لڳس. پرنسپال جا جملا اندر ڪارائي وانگر چيرڻ لڳس.
پرنسپال آهستي آهستي پنهنجو سڄو هٿ ريشمہ جي سلوار طرف وڌايو. ريشمہ جون بند اکيون کُلي پيون. بت ۾ باھ ڀڙڪو ڏئي ٻري پيس.الائي ڪٿان طاقت مِڙي آيس ٽيبل تان سنگ مر مر جو گلدان کڻي اوچتو پرنسپال جي مٿي تي وهائي ڪڌيائين. پرنسپال کان رڙ نڪري وئي، هو ٿاٻڙجي وڃي ڪنڊ ۾ ڪريو. اڇا ڪپڙا رتورت ٿي ويس. ريشمان ٽيبل تان هزار جو نوٽ کڻندي چيس، هي منهنجي ڏهن ڏينهنن جي رهيل پگهار هئي جيڪا کنيون ٿي وڃان. چوندي تيزي سان اسڪول مان نڪري گهر طرف هوا جيان ڊوڙڻ لڳي. رستي ۾ سوچيندي آئي تہ ضمير کي چوندس ٿانوءَ کپائي هي هزار وٺي آئي آهيان، جود ڪر سودو وٺي آ تہ ٻارن کي ڪجھ کارايون.
تڪڙي تڪڙي گهر اندر داخل ٿي تہ ضمير رڙ ڪندي چيس،
تون ڪاڏي وئي هئينءَ؟
اچ اچ، جلدي ڪر ماني کاءُ. هي ڏس ڪيتري ماني ملي آهي.
تو کاڌي ضمير؟ ريشمان پُڇي ورتس.
مان ڀلا تو بنا ڪئين کائيندس! ضمير گرھُ ٺاهي وات ۾ وڌس تہ اوڇنگارون ڏيندي ضمير کي ڀاڪر ۾ ڀري سڏڪن ۾ پئجي وئي.
چري روئين ڇو ٿين! الله وڏو آهي! تو کي ٻڌايو هيم نہ تہ پيٽرول پمپ تي مدد لاءِ ويو هوم اهي ڳوليندا ڳوليندا هتي پهتا هي ماني، ڪچو سودو، هي ڏس پنج هزار بہ ڏئي ويا آهن. چوندي پئيسا ريشمہ جي هٿن ۾ ڏيندي چيائيس،
تون ڪاڏي وئي هئين بنا ٻڌاڻ جي ريشمہ؟ منهنجو تہ ساھ سڪي ويو هو.....
ضمير اڄ منهنجو لاڪ ڊائون پئي ٿيو جيڪو ٽوڙي تو وٽ هلي آئي آهيان پنهنجي حڪمرانن کي چو تہ وائرس وڌ ۾ وڌ ماري ڇڏيندو نہ پر انهن جا لاڪ ڊائون ڪٿي غريبن جي عزتن جا جنازا نہ ڪڍرائي ڇڏين !!!
ختم