خالي کولي...!!!
ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 14 منٽ
”عمر ڏس ۽ پنهنجا ارڪان ڏس رکيا! ڪل ٿڙئي اٿئي، لهي وڃ ان ڏائيءَ تان”.
”تون به ائين ٿو چوين جڙيا.”
“اڙي رکيا سچ ٿو چوان، تون پٽن، ڌئيرن،نهرن،پوٽن ۽ ڏوهٽن وارو آهين.هاڻي تنهنجي وهي ناهي شادي ڪرڻ جي، ڏس ته پاڻ کي لٺ کان سواءِ هلي سگهين ٿو. ويهڻ کان پوءِ اٿڻ ۾ هلاڪ آ.وري مڙس سنبريو آ ٻي شادي ڪرڻ لاءِ.”
“جڙيا ڀاڄائين مرهيات کان پوءِ منهنجا حال پلال ٿي ويا اٿئي. سڄو ڏينهن رڍن، ٻڪرين جي ڌڻ کي رلائي رلائي، لامارا ڏياري جڏهن سج لٿي جو گهر اچان ٿو ته ڪو کٽ تي رلهي به سڌي ڪري نه ٿو ڏئي. هي منهنجا ڪپڙا ڏسين ٿو ميرا گپ ٿي ويا آهن. ڪير آهي جو مون کي ڌوئي ڏي.”
“اڙي هاڻي کڻي بس به ڪر رکيا، تون ته شاديءَ لاءِ وهلور پيو وڃين، مون ته يڪو پئي سمجهيو ته تون ڀوڳ پيو ڪرين. پر ٻيلي تون ته انڌ جي گهوڙي تي سوار ٿيو پيو آهين، ته ڪو رلهي سڌي نه ٿو ڪري ڏئي، لٽا ميرا ٿي ويا آهن......، بلي! اڳي ته تون سائين صبح شام ويس وڳا مٽائيندو هئين. اڙي توکي ڪهڙي ضرورت آ ڌڻ ڌارڻ جي، گنج مولا جو اٿي هاڻي ته پيريءَ ۾ ويهي کاءُ.باقي اجايو بهانا ڇو پيو گهڙين، سڌي ڳالهه ڪر ته ستر سالن جي عمر ۾ مومل ماڻڻ ٿو چاهين!”
“هائو ٻيلي....،ڀلا تون جئين سمجهين جڙيا.” ڪراڙي رکيل مشڪي ڏنو.
جڙيل لانڌيءَ ۾ ٻرندڙ مچ ۾ پيل ڪاٺين کي اڳتي سوريو ته باهه جي تيز شعلن ۾ رکيل جو چهرو ٻهڪندي ڏٺائين.
“جڙيا پوءِ ڪر ڪا نه ڀلائي؟”
“اڙي رکيا ٻانهون مهانگيون ٿي ويون آهن. پاڻ ڏسين ٿو جهنگ ۾ رهيا پيا آهيون ته به ماڻهو لک ٿا وٺن. مٿان وري تون ستر سالن جو کک ڪراڙو، تون ڪٿان آڻيندي لک روپيه؟”
“هروڀرو هر هر مون کي عمر جو طعنو نه ڏي.اڙي هيڏي ٻڌ ته جڙيا ٻيلي قسم ٿر پرور جو تنهنجي عمر گهڻي ٿيندي؟”
“اڙي مان سٺ ۾ ٿو هلان رکيا.”
“بس نه....،پوءِ مان تو کان وڌ ۾ وڌ ٽئي چار سال ته وڏو آهيان،پر اڃان به ڀڙ لڳو پيو آهيان.” رکيل ڏڪندڙ هٿ سيڪيندي چيو.
“قهر پوئي شل ڪو رکيا...،اڙي قهاري اسان ٻار آهيون ته توکي مڇن جي ساول آ. اڙي هٿ ڏڪني ٿا، زبان ۾ لرزش اٿئي....،وري چوين ٿو ته جڙيا مان تو کان ٻه ٽئي سال وڏو آهيان.اڙي اسان ته تو اڳيان ڪلهه جا ٻار آهيون، تون ته وشهدي آهين.”
“جڙيا ڪاوڙ ڇو ٿو ڪرين، مان ڪٿي ٿو چوان ته مان تو جهڙو آهيان. ادا بس نه مان ئي وشهدي آهيان. هٿ ڪو نه ٿا ڏڪنم، آواز به ڀڙ بيٺو آ، ڪٻ ٻٻ جي به ڳالهه ناهي، ماڻهو ڌرتيءَ ڏانهن جهڪيل ڀلو آ. هيڏي ڏس سڌو لڳو پيو آهيان.” رکيل پنهنجي چيلهه، ڪلهن،ڪنڌ ۽ ڇاتيءَ کي سڌو تاڻيندي ڪر کڻڻ لڳو.
“ٺهيو ٺهيو هاڻي رکيا.” جڙيل ٽوڪيندي چيس.
“تون پئسن جو ڪو الڪو نه ڪر. لک گهرندا نه، هڪ وٺندا يا ٻه ٽئي وٺندا نه، ڏيندوسانِ. بس تون هن سياري ۾ سنبت ڪراءِ.”
“ڪاڏهون اندا اٿئي ايترا پئسا؟ ڌڻ کپائيندي ڇا؟”
“نه ڪو ڌڻ ٿو کپايان، ڪجهه بچت سچت هئي، وري هن سال ڪٽ سٽ ڪرائي فصل جا پئسا هٿ ڪيا اٿم.”
“باقي پٽن کي ڇا ڏنئي؟”
“اڃان ڇا ڏيانِ، سڄي حياتي ته ڏنو اٿمانِ، جي هن سال نه ڏنو مانِ ته ڪهڙي قيامت اچي ويندي.”
“اڙي پوءِ ان ٻچڙيوالن جو گذر سفر ڪئين ٿيندو؟”
“مر نه...، ساهه نه وڃئي، مٿئين ٻنيءَ جي ڏهن جريبن جو ان انهن کي ڏنو آهي. باقي ڪنڊيءَ واري ٻنيءَ جي نون جريبن جو فصل هن سال مان کنيو آهي.”
“ائين چوءُ نه ته روڪڙ تنهنجي پيٽ ۾ مروڙ وڌا آهن رکيا.”
“هائو...،ڏوڪڙ جام آهن. بس تون ڪا ڇوڪر ڏس. ٽڪا به ڏيندومانِ، ڳهه ڳٺا ۽ لٽا ڪپڙا به جام وٺي ڏيندومانِ.”
“تنهنجا پٽ ناراض نه ٿيندا رکيا.”
“ڇو ناراض ٿيندا؟ جي ٿين نه ته ڀلي ٿين، مان ڪو انهن کان ڊڄان ٿو ڇا! منهنجو پنهنجو معشوق منهن آ، هو مون کان ولايت پري ويٺا آهن. ڀل کڻي لوڙهو هڪ آ پر هر ڪنهنجو پنهنجو پنهجو منهن ۽ ڇن آ.”
“ چڳو هاڻي ٻڌ اسان جي ڳوٺ ۾ ملان سڄڻ جي ڀرسان نه جيڪو نظر علي ويٺو آ.”
“ڪهڙو نظر علي جڙيا؟”
“اڙي اهو نظرو جهرو.”
“ها ،ها ڇا هي ان کي؟”
“ اڙي اهي ٽڪن تي سنڱ ڏيڻ ۾ دير ئي ڪو نه ڪن. نه ڏسن ذات، نه حسب نه نسب، نه گهر گهاٽ....، هڪ ڇوڪر سامائي ويٺي اٿن. اٿئي به ڏاڌي ملوڪ، صورت ۽ مورت ۾ اصل منڊم اٿئي منڊم.”
“ابا جڙيل جائي ٿو چوين.” رکيل جي واڇن ما گڦ ڳڙي پئي، پهراڻ جي سڄي ٻانهن سان واڇون اگهندي چيائين جڙيل تنهنجي وات ۾ مصري ۽ گلاب. ٻيلي وارو ڪر، منهنجي ڪاواهر ڪر. هيڏي ڏس نور مٺي جو قسم آ”(رکيل ٻئي هٿ پنهنجي اکين تي رکندي چوڻ لڳو) “تون جئين چوندي مان ائين ڪندس. منهنجي شادي ڪراءِ، ڌڻ مان جهڙي رڍ ۽ ڪاموري چوندي اها چونڊي ڪڌي ڏيندو مانِ.”
“خير آ رکيا خير آ، پنهنجا ڪي ليکا آهن ڇا. سڀاڻي ئي نظروءَ سان ڳالهه چوريان ٿو. پر ٻڌ اها جهٻ ڏاڙهي ۽ وار ٺهراءِ ته ماڻهو لڳين.”
“حاضر...،حاضر، اهو ڪم به ٿي ويو.”
‘‘‘‘‘‘______
“او...، اهيو اچي ويو مڙهو.” وڏي پٽ علڻ جي زال رکيل کي گهر جي در مان ايندي ڏسي رڙ ڪندي چيو.
“ڏس ته مائي هن عمر ۾ ڏاڙهي ۽ وارن کي ڪيس ڪرايا اٿائين.” بي پٽ رحيم جي زال جانل ڏيرياڻين کي عجب وچان چيو.
“ابا...، او....،ابا”. سڀ کان ننڌي پت ديدار رڙ ڪندي پيءُ کي سڏيو.
“ڇا هي ڙي...،اڄ مون لاءِ ڪهڙو هنيانوءُ ڦاٽو اٿوءَ جو سڀ گڏجي ابا ابا پيا ڪيو.”
“هيڏي اچ هتي اچي ويهه.”وچئين پٽ گل محمد نرڙ ۾ سونڊ وجهي، اکيون ڪرڙيون ڪندي رکيل جي ٻانهه ۾ هٿ وجهي وڏي ڀاءُ جي سامهون پيل کٽ تي زوري ويهاريندي چيس.
“هٿ ڪڌ منهنجي ٻانهن مان سوئر.....، اهي دوڏا ڦوٽاري مون ڏي نه ڏس ته ڪڍي نه ڇڏيان.” رکيل گل محمد کان به وڏيون رڙيون ڪندي وڏي پٽ جي سامهون ويهندي چيو.
“اڙي ڇا هي ڪانڀو خان.....، ڇو اچي هي ميلو مچايو اٿئي؟” رکيل چيس.
“چاچا هي ڪهڙيون ڳالهيون پيا ٻڌون؟ علڻ جي زال رکيل سان ڳالهايو.
“مائي تون مون سان نه ڳالهاءِ، مان تو سان ڳالهائيندو آهيان جو تون مون سان ڳالهائين ٿي”. رکيل وڏي ننهن کي ڇڙٻيندي چئي ڏنو ته ننهڻس مڙس علڻ جو چهرو تڪڻ لڳي.
“ابا هي ڇا ٿا ٻڌون...، ڪو ٿو چوي پڻهي نظرو جهري جي ڌيءُ جو پنهنجي لاءِ سنڱ ورتو آهي، شادي ٿو ڪري، ڪو ٿو چوي پڻهي حڪيم جمال کان ڪشتا پيو وٺي. ڪو ٿو چوي بابهين نئين ڪنوار لاءِ ڳهه پيو ٺهرائي. ڪير ٿو چوي ته ابهين جي ڪل ٿڙي آ جو لٽن جون ڳنڍيون ڀري نظرو وارن جي گهر پيو موڪلي، پنجن لکن ۾ سنڱ ورتو اٿائين. مائي کي ڪنڊيءَ واري ٻني به لکي ڏيندو.”
“بس ڳالهائي دنگ ڪئي نه.” رکيل وڏي پٽ جي اکين سان اکيون ملائيندي ڳالهايو.
“ها مان ڪيان ٿو شادي....، ڪو گناهه آهي. ها ورتا اٿم حڪيم کان ڪشتا، ڏوهه آهي. توهان کي به ڏيان کائيندوءَ، هن عمر ۾ سنڱ ٽڪن تي نه ملندو باقي مفت ۾ ملندو. پنج لک نه ڀريا اٿم، باقي ٽئي لک ڏنا اٿم. منهنجي ته ٻي شادي آ ڪنورار جي ته پهرين شادي آ نه، ان کي ڳهه يا لٽا ڪپڙا نه ڏيان ته ڇا باهه ڏيانس. ڪن کولي ٻڌي ڇڏيو، مان توهان جو پيءُ آهيان توهان سڀ منهنجا پئير نه بڻجو نه ته اهڙي ڪندوسانوءُ جو يا حياتي ياد ڪندوءَ! ٻني انهن کي ڇو لکي ڏيندم،ڌڻ به منهنجو آ. باقي جي نافرمان ٿيوءُ ته سڀ ڪجهه انهن کي لکي ڏيڻ ۾ ويرم ئي نه ڪندس.”
“اڙي هيءَ عمر آ تنهنجي شادي ڪرڻ جي، اڇي ڏاڙهي اٽو خراب. اهو سوچئي ته اڃان ديدار ڪنوارو ويٺو آهي ان کي پرڻايان؟ قبر ۾ پير اٿئي ته به شاديءَ جا شونق ٿو ڪرين. اڙي پيريءَ ۾ شادي پاڙي جو سک هوندي آهي”. وچون پٽ رڙيون ڪندي رکيل ڏانهن وڌڻ لڳو ته ننڌي ڀاءُ ديدار روڪي ورتس ته به گل محمد خاموش نه ٿيو. “ڏسان ٿو ته تون ڪئين ٿو شادي ڪرين. ان جڙي جون به ٽنگون ٻانهون ٿا ڀڄون، جنهن تنهنجو هن عمر ۾ ....خراب ڪيو آهي.”
“ پري ٿيو، هٽي پري ٿيو.” رکيل کٽ تان اٿيو، ڪاوڙ ۾ جيڪو زبان مان نڪتس اهو وڏي واڪ پئي چيائين. رکيل جا ٻوڪٽ ٻڌي سندس ٽئي ننهرون ڇن مان نڪري هلي ويون.
“نافرمانو منهنجو اڄ کان پوءِ توهان سان ڪو واسطو نه آهي، ڏسان ٿو توهان کي به، جي مڙس ماڻهو آهيو ته ڪنوار وارن جو۽ جڙيل جو نالو ته وٺي ڏيکاريو، پوءِ مڃيندومانوءَ. اڙي ڏائڻو! خوش ته نه ٿا ٿيو،اڃان پيا ڏمرجو. اڙي پاڻ ته رات جو اهي خچريون ٻکن ۾ ڀري ٿا سمهون! ڪڏهن ائين اچي رات جو منهنجو سماع لڌو اٿوءَ ته ابو ڪراڙو آ زندهه به آهي يا مري ويو.”
“پر ابا...”. علڻ ڳالهايو
“نه ڪر مون کي ابا توهان سڀ نافرمان آهيو.” رکيل بد شد ڳالهائيندو رڙيون ڪندو پنهنجي منهن طرف هليو ويو.
0000000_______
“لڳي ٿو صبح ٿيڻ وارو آهي جمعدار.”
سپاهي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل گهڙيءُ طرف ڏسي چيو،
“ نه نه اڃان صبح ۾ ڳچ وقت پيو آهي. هن وقت رات جا ٻه ٿيا آهن.”
“جمعدار اڄ کولي خالي پئي آهي، ٻه قيدي ڪراچي جيل هليا ويا، ٻه آزاد ٿي ويا. هڪڙو اسپتال داخل ٿيو آهي. مان به سڀاڻي آزاد ٿي ويندس. هن سال مڙئي جيل ٿڌو رهيو آهي.”
“چڳو ٿيو جو تو اڄ مون سان روح رهاڻ ڪئي نه ته هيڪلائي ۽ سياري جي رات ڏاڌي ڏکي گذري ها. مان ذري گهٽ پنج سال جيل ۾ گهاريا آهن.”
“ها ڇڏ ان ڳالهه کي اهو ٻڌاءِ ته پٽن سان جهيڙو ڪري شادي ته ڪيئي پر پوءِ ڇا ٿيو؟.
“پوءِ جمعدار...، رکيل وڏو ٿڌو ساهه کڻي چيو،“ڇوڪر گلن جهڙي پشم جي گڏي هئي.ڇا ته اکيون هيس، گلابي ڳل، ڀورو ڀورو باهه بدن،چيلهه تائين وڏا ڪارا وار. جهڙو سونهن نالو هيس اهڙي ئي سوهڻي هئي.اصل ويٺو ڏسجيس.” رکيل اکيون بند ڪري ڇڏيون. کوليءَ جي ٻاهران اسٽول تي عبدالطيف رائيفل سنڀاليون،لوئي ويڙهيون ويٺو هو.رکيل ۽ ان جي وچم لوهي سيخن جو دروازو هو. سڄي خالي کوليءِ ۾ رکيل پٽ تي وڇايل رلهيءِ تي سوڙ ويڙهيون ويٺو هو.
“پوءِ ڇا ٿيو ڪراڙ....؟”
“ڇا وري ڇا ٿيو جمعدار، مون وڏا هيلا هلايا،وڏا وس ڪيا،نامي گرامي حڪيمن کان پاڻ ڦرايو،ڪک ڪشتا،ملمون مک ۽ ليپن تي لک لٽايا، پر نه وري ڪجهه نه وريو.هن کي جواني جي باهه ۽ مان برف جي ڇپ! جئين ويو وقت گذرندو،تئين وئي سونهن ڳرندي ۽ جهرندي.ويرم ئي نه لڳي خزان جيان اجڙي وئي،ڪاڏي وئي سونهن ۽ ڪاڏي وئي ان جي مڻيا،اصل ڳري ڪنڊا ٿي وئي.
مارون به ڏاڌيون ڏنيون مانس،اصل لٺيون ئي لٺيون ڀڳيون مانس،جسم تي نيرا نير پئجي ويندا هئس.پهريان ته دانهون ڪوڪون ڪندي هئي.پر پوءِ ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڌندي هئي،نه ڪو اک ۾ ڳوڙهو هوندو هيس. ماءُ پيءُ ڏانهن به بند ڪيومانس ته متان ڪٿي اک نه اڙجي وڃس.ڪٿي گل محمد جا طعنا سچ نه ٿي پون ته پيري جي شادي....”.
“سال ٻه جمعدار اهو ملهالوهلندو رهيو،پهريان ته هوءَ منهنجي پٽن ۽ ننهرن سان کل کل نه ڪندي هئي.پر پوءِ آهستي آهستي انهن سان به پير ڀرڻ لڳي. مون ڀانيو ته اسان سان هري مري وئي آهي،ڪجهه ڳر ڪرڻ به لڳي.مون سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ ۽ خيال ڪرڻ به لڳي هئي.مان اهو ڏسي خوشيءَ ۾ نه ماپندو هئس ته نيٺ اسان سان ٺهي وئي.هاڻي ڪڏهن ڪڏهن فرمائشون به ڪرڻ لڳي هئي نه ته پهريان مجال آ جو تيل،صابڻ،ميٽ يا لٽن ڪپڙن يا ڪنهن شيءِ شغل جو ذڪر ڪندي هجي.”
“پرهاڻي ته هو اڳ جيان نکري پئي هئي،ميرانجهڙو مک وري مرڪي پيو هوس، بدن ۾ به ڀرجي وئي هئي. منهن مان رت ٽمڻ لڳو هوس،ڳاڙهو ڳٽول چهرو،چمڪندڙ ڌور جيڏيون اکيون منهن ۾ لڳل آئيني ۾هر هر نهارڻ لڳيون هيون.هڪ رات هوءَ مون سان ستي پئي هئي منهنجي بند اکين ۾ ننڊ نه هئي. هن جي ڳت کي هلڪو سٽڪو آيو.پهريون ته مون کي ڪجهه سمجه ۾ نه آيو،خيال ڪيم ته منهنجو اجايو وهم آهي.پر ٿوري دير کان پوءِ هن چرڻ شروع ڪيو،مان گهري ننڊ ۾ ستل هئڻ جو ڇانور ڪري سمهيو رهيس ۽ هوءَ آهستي اهستي منهنجي پاسي مان اٿي هلي وئي. مان به جونءَ پير ڪندو ان جي پٺيان ويس ته ڇن اندر هن کي پنهنجي ننڌي پٽ سان قرب ونڊيندي ٻڌي ورتم ۽ ساڳئي کٽ تي اچي سمهي پيم.وڏي اسر سان هوءَ به اچي منهنجي ڀر ۾ سمهي پئي.”
سپاهي رائيفل ٺلهه سان ٽيڪ لڳائي رکي ڇڏي.پينٽ جي کيسي ۾ رکيل سگريٽن جو پاڪيٽ کولي ان مان سگريٽ ڪڌي دکائي هڪ وڏو ڪش هڻي چيائينس،“جاري رک ڪراڙا”
“جمعدار جيل ۾ تو منهنجو ڪافي خيال ڪيو آهي.تون ڪو ڀلو ماڻهو آهين،تڏهن ته تو کي دل جو حال ٻڌايو اٿم نه ته اڄ تائين ٻاڦ ٻاهر نه ڪڌي اٿم.”
“تون فڪر نه ڪر مڙها منهنجو سينو به مڪليءَ جو مقام آهي، جيڪو به تو هن وقت تائين بيان ڪيو آهي اهو هميشه لاءِ سمجهه دفن ٿي ويو.”
“بروبر جمعدار....،جمعدار هاڻي مون کي سونهن جي خوشيءَ جو پتو پيو.ديدار ۽ سونهن جو مان روزانو لقاءُ ڏسندو رهيس.ديدار ڏينهن رات ڀونئر جيان منهنجي منهن ۾ ڀيرا ڏيندو رهندو هو،مان به ڪڇي نه سگهيس!”
“ان رات مون کي الائي ڇا ٿي ويو.ديدار ان جي ڳت کي سٽ ڏئي هليو ويو.هوءَ به ساڳئيءَ ريت ٿوريءَ دير ۾ ان ڏانهن هلي وئي.جوانيءَ کي جواني ملي وئي هئي.منهنجي غيرت ڀڙڪو کاڌو،گل محمد جو طعنو منهنجي ڪنن ۾گونجڻ لڳو.رڳ رڳ ۾ باهه ڀرجي وئي،مان ڪهاڙي کڻي سڌوديدارجي منهن ۾ آيم.رڙ ڪري ڪهاڙي الاريم،هو هڪا ٻڪا ٿي ويا.اهڙي ته سينڌ واري ڪهاڙي وهائي ڪڌيمانس جو کاٻي اک ۽ نڪ کي چيريندي ڪوپري ٻه اڌ ڪري ڇڏيمانس.رت ڦوهارا ڪري وهڻ لڳس.اصل پکيءَ جيان کرڙيون ئي ٻه چار هيائين۽ ساهه پرواز ٿي ويس.دل ته چيو ته ديدار کي به ڳڀا ڳڀا ڪري ڇڏيان،پر اهو مون کان نه ٿي سگهيو.”
“ڇو.....،؟”. سپاهي پڇي ورتس.
“جمعدار اهو ته منهنجو جگر جو ٽڪرو هو نه، ڀلا ڪو پنهنجي جگر کي به ڳڀا ڳڀا ڪندو آهي!”
“هوءَ به ته ڪنهن جي جگر جو ٽڪرو هئي نه؟”
“ها سچ ٿو چوين جمعدار...،پر منهنجو ته نه هئي نه!”
“پوءِ..؟”
پوءِ جمعدارٿاڻي تي پيش پيم،چيم ڪاري ماري اٿم ڪارو ڀڄي ويو،ڏسندس ته سڃاڻيندس.پنجون سال آ ڪيس هلي پيو،پٺيان ڇوڪرن ٺاهوڪو وڪيل ڪيوآ. منهنجو ڪيس پئي رڙهيو، ڇوڪرن مڙسي ڪئي آ،نظرو جهري کي کڻي سوگهو ڪيائون ته ڪارو ٻڌاءِ نه ته آڪهه سوڌو دڦ ڪنداسئي. ڪچي پنڊي ڇا ڪري، نيٺ قران مصاف کڻي جرڳو ڪرايائين، ڀوتار فيصلو ڪيو ته رکيل لاءِ ڪورٽ ۾ معافي نامو لکي ڏيو،باقي نظرو ساک کڻي چيو ته ڪاري جي مون کي خبر نه آهي. ڪيس آيو ويو،جمعدار ڪورڙ سڳوري منهنجي آزاديءَ جو پروانو ڏئي ڇڏيو آهي.صبح جو ڇوڪرا آيا هئا،چيائون اباسڀاڻي پروانو جيل پهچي ويندو ۽ ما آزاد ٿي گهر هليو ويندس. پر جمعدار هي ڏس”، رکيل اڇي ڏاڙهيءَ تي هٿ رکندي چيو،
“تو کي دعوت ڏئي ڳوٺ گهرائيندس.“
سپاهي سگريٽ جو آخري ڪش هڻي فلٽر کي پنهنجي لانگ بوٽ هيٺيان چيٿاڙي ڇڏيو، پنهنجو بت باهه ڀائيائين، هٿن ۾ رڦڻي ٿيس، اکيون ٻاهر نڪري آيس.پينٽ جي کٻي پاسي جي کيسي مان چاٻي ڪڌي کوليءَ جو در کوليائين. رکيل سپاهي جو چهرو ڏسي ڳالهائي ويٺو.
“تو کي ڇا ٿيو جمعدار؟”
جيل جي چبوتري تي گهنٽ لڳو، جيل جي مسجد جي اسپيڪر تي مولوي الله اڪبر چيو.
سپاهي رکيل کي پت تي ڪيرائي، وهاڻو سندس وات تي رکي چوڻ لڳو،
“پاپي...،خوني...،وحشي....،درندا...،سونهن منهنجو پيار هو. مان تنهنجي ڳوٺ جي ڀرسان حاجن شاهه جي ڳوٺ جو ويٺل اهيان. ڊاڪٽر شام ڪمار جي اسپتال ۾ ڊسپينسر هئس، سونهن ڊاڪٽر کان دوا وٺڻ آئي هئي. اتي منهنجو ان سان نيهن جو ناتو جريو هو، مان جيل پوليس ۾ سپاهي ڀرتي ٿيس. ويساهه ٿيم ته هاڻي سونهن جي لالچي پيءُ کي بئنڪ مان قرض کڻي لک ڏئي سونهن کي پنهنجو بڻائيندس. مان اڃان ٽرينگ تي مس ويس ته پٺيان تو نوٽن جو ڍير ڏئي مون کان منهنجي سونهن کسي ورتي. ڏس قسمت توکي منهنجي هٿان موت ڏيارڻ لاءِڪئين گهلي کڻي آئي آهي. ڏس پاپي اڄ کولي خالي آهي، کوليءَ جي تالي جي چاٻي مون اڳ ئي ٺهرائي ڇڏي هئي، اڄ اها ڪم اچي وئي!
عبدالطيف رکيل مٿان وهاڻي کي وڌيڪ دٻائي ڇڏيو. رکيل کرڙيون هڻڻ لڳو،ٻانهون هلڻ لڳس،آواز دٻجي ويس، ٿوري دير ۾ ٽنگون ٻانهون بيهجي ويس. آذان پورو ٿيو.
عبدالطيف رکيل مٿان وهاڻو هٽائي مٿن کان ڏئي ڇڏيس، رکيل جون اکيون ٻوٽيل ۽ وات پٽيل رهجي ويس.عبدالطيف سوڙ کڻي مٿان جسم ۽ منهن کي ڌڪي ڇڏيس. تڪڙ تڪڙ ۾ کوليءَ مان ٻاهر نڪري آهستي آهستي دروازو بند ڪري تالو لڳائي رائيفل کڻي ورانڊي ۾ پهتو ته صبح جي شفٽ واري سپاهي سلام ڪندي چيس صبح جو سلام وڏا....!!!
ختم