استاد جي تعليم رٽائرمينٽ کان پوءِ بہ جاري !
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ
هڪ معزز اسڪول جو استاد تازو ئي رٽائر ٿيو هو.
هو ۽ سندس گهرواري اسلام آباد جي هڪ فليٽ ۾ رهندا هئا.
هڪ ڏينهن هنن فيصلو ڪيو تہ پنهنجي اباڻي شهر وڃي مائٽن سان ملي اچجي.
روانگيءَ کان اڳ استاد صاحب سوچيو:
"اسين ڪيترن ڏينهن لاءِ گهر کان ٻاهر رهنداسين. جيڪڏهن ان دوران ڪو چور گهر ۾ گهڙي آيو تہ؟ هو الماريون ڀڃي، سڄو گهر الٽو پُلٽو ڪري ڇڏيندو، جڏهن تہ گهر ۾ ڪا خاص رقم يا قيمتي شيءِ موجود ئي نہ آهي."
تنهنڪري گهر کي نقصان کان بچائڻ لاءِ هن ميز تي 1000 رپيا رکي ڇڏيا، ۽ گڏ هڪ نوٽ بہ لکي ڇڏيو:
پيارا اڻڄاتل چور!
سڀ کان پهرين تہ توکي مبارڪ هجي، جو تون ايتري محنت ڪري منهنجي گهر ۾ داخل ٿيو آهين.
پر افسوس، مان هڪ وچولي طبقي جو ماڻهو آهيان ۽ رڳو پنهنجي پينشن تي گذارو ڪندو آهيان. منهنجي گهر ۾ ڪا بہ قيمتي شيءِ موجود نہ آهي.
مون کي ڏک ٿيندو جيڪڏهن تنهنجي محنت ۽ قيمتي وقت اجايو هليو وڃي.
تنهنڪري تنهنجي محنت جي احترام ۾ هي ٿوري رقم قبول ڪر.
۽ تنهنجي هن 'پيشي' ۾ وڌيڪ ترقيءَ لاءِ ڪجهه صلاحون بہ ڏئي رهيو آهيان..
- اٺين ماڙ تي هڪ ڪرپٽ وزير رهي ٿو. 💼💰
- ستين ماڙ تي هڪ ڌوڪيباز پراپرٽي ڊيلر رهي ٿو. 🏢
- ڇهين ماڙ تي ڪوآپريٽو بينڪ جو چيئرمين رهي ٿو. 🏦
- پنجين ماڙ تي هڪ وڏو صنعتڪار رهي ٿو. 🏭
- چوٿين ماڙ تي هڪ مشهور وڪيل رهي ٿو. ⚖️
- ٽين ماڙ تي هڪ ڪرپٽ سياستدان رهي ٿو. 🏛️
انهن سڀني وٽ سون ۽ روڪ رقم جا ڍير پيا آهن. تنهنجو 'ڪاروبار' انهن کي ڪو خاص نقصان بہ نہ ڏيندو، ۽ سڀ کان سٺي ڳالهہ اها آهي تہ هو پوليس وٽ شڪايت ڪرڻ کان بہ لهرائيندا!
ڪجهہ ڏينهن کان پوءِ جڏهن استاد صاحب واپس گهر پهتو، تہ ميز تي هڪ وڏو ٿيلهو پيل ڏٺائين.
ٿيلهو کولي ڏٺائين تہ ان ۾ 10 لک رپيا نقد موجود هئا.
گڏ هڪ خط بہ رکيل هو:
محترم استاد سائين! 🙏
اوهان جي رهنمائي ۽ تعليم لاءِ دل جي گهراين سان شڪريو.
مون اوهان جي صلاحن تي عمل ڪيو، ۽ منهنجو مشن ڪامياب ٿي ويو.
شڪريي طور هي ٿوري رقم اوهان لاءِ ڇڏي رهيو آهيان.
اميد اٿم تہ اوهان جي رهنمائي ۽ برڪت مون کي مستقبل ۾ بہ ملندي رهندي.
اوهان جو شاگرد — چور.
اهو خط پڙهي استاد صاحب زور سان کلڻ لڳو ۽ چيائين:
"مان تہ سمجهيو هو تہ مان رٽائر ٿي ويو آهيان، پر لڳي ٿو منهنجي استادي اڃا بہ جاري آهي!" 📚🤣
سبق (مزاحيه انداز ۾):
سچي استاد جي تعليم ڪلاس روم تائين محدود ناهي هوندي. ڪڏهن ڪڏهن سندس ڳالهيون اهڙن ماڻهن تي بہ اثر ڪري وينديون آهن، جن بابت پاڻ استاد بہ ڪڏهن سوچي نہ سگهندو آهي! 😄