ڪارخانو
ليکڪ: سڪندر گلاب سومرو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ
ڀوتار: ”خيرل اسان معافي ٿا گهرون. اسان کي هن شهر جو ٻه دفعا ٻڏڻ جو ميان ڏاڍو ڏک آهي ميان. پر ڇا ڪجي چوندا آهن تھ منهن به پنهنجو موچڙو پنهنجو. مٿان کان ئي مدد نه ٿي، مدد ٿئي ھا ته شهر نه ٻڏي ها. هاڻي اسان جي قيادت هن شهر جي قسمت کي بدلائڻ جو پڪو پهه ڪيو آهي. مس مس مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن. اسان توهان وٽ لڙي آيا آهيون. هن ڀيري به اسان کي ووٽ ڪريو. توهان پاڻ ڏسندا ته مان هن شهر جي لاءِ ڇا نٿو ڪريان. اصل جيئن چوندين تيئن ڪنداسين.“
خيرل: ”سائين ڪا ڳالهه ڪانهي ڪا. توهان اسان جي در تي لڙي آيا آهيو توهان جا وڏا وڙ. ووٽ ته برابر توهان کي ڪبو پر هن ڀيري منهنجي هي گذارش آهي ته اسان جي پاڙي ۾ هڪ آزار آهي ان کي ختم ڪرائڻ جو وعدو ڪريو ته منهنجي گهر جا سڀ ووٽ توهان جي حوالي آهن.“
(ڀوتار پنهنجي واٺي کي هٿ جي اشاري سان سڏي ٿو ۽ آزار جي باري ۾ پڇا ڪري ٿو).
واٺو: ”ڀوتار... خيرل اصل ۾ مون واري ڪارخاني جي ڳالهه پيو ڪري. ڪارخانو پاڙي جي وچ ۾ هجڻ ڪري توتڙي، مٽي ۽ دز جو سبب ضرور بڻيل آهي پر صفا ائين به ناهي جيئن خيرل بيان ٿو ڪري. اڄڪلهه هر ڪنهن جو مٿو خراب سوشل ميڊيا به ڪيو آهي.“
ڀوتار: ”ها ها بابا ڇونه اسان جي حڪومت ته آهي ئي ماحوليات دوست. توهان صرف مونکي کٽرايو. مان پاڻ انهيءَ ڪارخاني کي ڪڍڻ جي پويان لڳي ويندس. آخر عوام جي اهنجن جو احساس اسان کي نه ٿيندو ته بابا ٻيو ڀلا ڪنهن کي ٿيندو.“
خيرل: ”جي سائين جي. گذريل چاليهه پنجاهه سالن کان اسان جو سڄو پاڙو هن آزار کي منهن ڏئي رهيو آهي. ڪيترائي ماڻهو ساهه جي تڪليفن کي منهن ڏئي رهيا آهن. سڄو ڏينهن توتڙي پئي ٿي منهن تي وسي. صبح ساڻ اٿ ته سڄو گهر ڌوڙ لڳو پيو هوندو آهي.“
ڀوتار: ”سائين توهان اصل الڪو ئي نه ڪريو. انشاء الله منهنجي کٽڻ بعد ۽ ميونسپل جو چيئرمين ٿيڻ بعد هن ڪارخاني جو نالو نشان ئي نه هوندو.“
خيرل: ”سائين خدا کي مڃو. اسان سان اھڙا ڪوڙا وعدا نه ڪريو. گذريل چونڊن ۾ به توهان کي چيو هو ته شهر ۾ ماڻهن نالين جي مٿان ڪاڪوس ٺهرائي ڇڏيا آهن. گهرن کي مٿي ڪري ڏاڪڻيون گهٽين ۾ ڪڍي اڌ گهٽيون والاري ڇڏيون اٿن. توهان اسان سان وعدو تھ ڪيو هو ته انهن جي خلاف قدم کنيو ويندو. توهان جي ميمبر ٿيڻ بعد، اهو ڪم رهندو ٻيڻو ٿي ويو آھي ۽ هاڻي ته ماڻهو لاشن کي به پوتڙن تي کڻي ٿا اچن. قبرستان جي پرگهور لاءِ عرضي ڪئي هئي سين ته قبرستان سوڙهو ٿي ويو آهي ان لاءِ به ڪجهه ڪريو. توهان وعدو ڪيو هو ته اهو ڪم به ٿي ويندو. هاڻي وري ٿا چئو ته اسان کي ووٽ ڪريو.“
واٺو: ”ادا خيرل، توهان جي ويڙهي ۾ ڪل چاليهه ووٽ آهن. اهي چاليهه ووٽ ملندا ته ڀوتار کٽي ويندو. جڏهن کٽي ويندو ته هن ڀيري هو توهان جا ڪم ضرور ڪندو. مڃان ٿو ڪارخانو منهنجو آهي. توهان مونکي به ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ته ڪارخاني کي پاڙي مان ٻاهر ڪڍي شهر جي ٻاهران لڳايان پر يار مان به ڇا ڪريان هڪ سياسي ڪم ڪاريون ٻيو عوام جي خدمت چاڪري جي ڪري وقت ئي ڪونه پيو ملي پر هن ڀيري مان مڙساڻو وعدو ٿو ڪريان ته ووٽ ڏيو اسان کي. اسان ڪارخاني کي ضرور ضرور ختم ڪنداسين.“
(سڀ پاڙي وارا ٻڏتر جو شڪار آهن. هو ٻن ٻوڏن جي تجربن مان به گذريا آهن ۽ هنن کي سياستدانن جا ڪيل وعدا به ياد اچي رهيا آهن. ڪجهه وڏن جو خيال آهي ته ووٽ ڪجي ۽ نوجوانن جو زور آهي ته ووٽ نه ڪجي. انهيءَ دوران واٺو، ڀوتار جي ڀرسان اچي ان کي ڪن ۾ ڪجهه چئي ٿو. ڀوتار ڪنڌ سان هائوڪار ڪري ٿو).
ڀوتار: ”خيرل ڀاءُ اسان کي احساس آهي. هن ڀيري ته اصل پڪو وعدو ٿو ڪريان ته اسان شهر ۽ توهان جي پاڙي جي لاءِ ضرور ڪجهه ڪنداسين. اچي هي ڏس مون توهان جي چوڻ کان اڳ ۾ ئي دستاويز تيار ڪرائي ڇڏيو آهي. اچ هيڏانهن اچ. ڀلي سڀني پاڙي وارن کي بھ ڏيکار ۽ پڙهاءِ ته هن ۾ ڇا لکيل آهي. هن ۾ هي لکيل آهي ته پڳدار پاڙي مان ڪارخاني کي ڪڍيو ويندو. شهر تي مناسب ڌيان ڏنو ويندو. ۽ شهر جي بندن کي مضبوط ڪيو ويندو ته جيئن هي شهر ٽيهر نه ٻڏي. شهري دربدر نه ٿين. ادا خيرل توهان ڇاٿا سمجهو ته اسان بس چپڙي ڪري ويٺا ھوندا آهيون. اسان جي قيادت جون ننڊون ڦٽل آهن ميان.“
(پاڙي وارا دستاويز کي ڏسن ٿا. هڪٻئي جي منهن ڏانهن تڪن ٿا ۽ هائوڪار جي صورت ۾ ووٽ ڏيڻ جو اقرار ڪن ٿا. ڪجهه نوجوانن جو موڊ خراب ٿي وڃي ٿو ۽ اهي ڪارنر گڏجاڻي مان ٻاهر نڪري وڃن ٿا. ڀوتار جي منهن تي فتح جي مسڪراهٽ تري اچي ٿي).
چونڊن جي ٽن مهينن بعد:
پاڙي ۾ ان ڪارخاني سان لڳو لڳ هڪ ٻيو ڪارخانو ٺهڻ لڳي ٿو. شهري ٽيهر ٻڏڻ جي خوف ۾ ورتل آهن. خيرل جي ذهن تي دٻاءُ آهي. سوچي ٿو ”اسان ڪونه سڌرنداسين. اسان پنهنجا دشمن پاڻ آهيون.“ آسمان ڏانهن نظر ڪري ٿو. چنڊ پنهنجي جوڀن ۾ آهي. پنهنجي ٻن پٽن، هڪڙي ننڍڙي ڌيءَ ۽ ڀاءُ ڏانهن ڏسي ٿو جيڪي اگهور ننڊ ۾ آهن. هن کي پٽن جي ڪلهه واري التجا ياد اچي ٿي. ”بابا جيڪڏهن اسان سڀاڻي امتحان جي فيس نه کڻي وياسين ته سائين اسان کي اسڪول مان ڪڍي ڇڏيندو.“ خيرل کي ٺيڪدار جا هي لفظ به ياد اچن ٿا. ”خيرل سڀاڻي ڪم تي جلدي اچجانءِ. دير سان آئين ته ٿاڻي جو منھن ڏيکاريندو سانءِ. قرض کڻي ٿا گهر هلايو. ميان شرم ڪريو. ٻڏي بھ نٿا مرو.“ هن کي هيانءَ تي مونجهه محسوس ٿيڻ لڳي ٿي. هن جو ساهه ٻوساٽجڻ لڳي ٿو. خيرل کي گهر واري نظر اچي ٿي جيڪا ڪجهه ئي عرصو ٿيندو ته علاج جا پيسا نه هجڻ سبب هڪ ڪيلنڪ تي گذاري وئي هئي. هو پنهنجي ڀاءُ کي رڙ ڪري ٿو. ڀاءُ تڙ تڪڙ ۾ اٿي ٿو. خيرل زمين تي ڪِريِ پئي ٿو ۽ هن جو دم پروازڪري وڃي ٿو. ڏينهن جي روشني ۾ خيرل جي لاش کي پوتڙن تي کڻندي سوڙهين ۽ گندين گهٽين مان گذرندي نئين ٺهندڙ ڪارخاني جي سامهون روڊ تي جنازي نماز لاءِ آندو وڃي ٿو. هن جي ڀاءُ کي پنهنجي ڀاڄائي جي جنازي نماز ياد اچي وڃي ٿي جيڪا ان ميدان تي پڙهي وئي هئي جنهن ميدان تي هاڻي ٻيو ڪارخانو ٺهي رهيو آهي. ھن کي ھي بھ ياد اچي ٿو تھ سندس جي ڀاڄائي ڪارخاني جي دز سبب ئي ساھ جي تڪليف مبتلا ٿي وئي ھئي. ساھ جي تڪليف جي ڪري ئي ان جو موت ٿيو ھو.