App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

چار ايڪڙ ٻني

ليکڪ: شيخ اياز | پڙهڻ جو وقت: 10 منٽ

رات جو پويون پھر هو. ڪڪڙن دس ٿي هنيا، اُڀ تي ڦڪي چانڊوڪي ائين ٿي لڳي ڄڻ خدا زمين تي نھاري مرڪي رهيو آهي. ساري ڪائنات تي خاموشي وسي رهي هئي. انسان ۽ ان جا هل هنگاما سانت جي گود ۾ ستا پيا هئا. قرآن ۾ انسان کي اشرف بہ چيو ويو آهي تہ ظالم ۽ جاهل بہ. شايد رات جي وقت انسان اشرف آهي ۽ ڏينھن جي وقت ظالم ۽ جاهل. ڏينھن جي وقت هن جا جهيڙا ۽ جهڳڙا، ساڙ ، وير، غم غصو ۽ ڇڪتاڻ ڏسبي تہ هن جي فطرت کان نفرت اچي ويندي. پر رات جي وقت جڏهن هو ننڊ ۾ الوٽ هوندو آهي ۽ چانڊوڪي سندس منھن کي چمندي آهي تڏهن هن تي پيار اچي ويندو آهي تہ هي اهو آهي جنھنجي محنت خدا جي اڻ گهڙيل دنيا کي گهڙيو ۽ ٺاهيو آهي، جنھن هوا، باھہ ۽ پاڻيءَ کي مٺ ۾ آندو آهي ۽ هاڻي هڏ هڻي، کنبڙاٽيون کوهي، سانت جي گود ۾ سُتو پيو آهي. جنھن قدرت سان هو ڏينھن جو وڙهندو آهي، سا کيس لوليون ڏئي رهي آهي.
جنھن رات جي هيءَ ڳالھہ آهي، اها بہ اهڙي مٺڙي پياري رات هئي ـــ شاهوءَ ننڊ ۾ پاسا ٿي بدلايا. سندس منھن تي معصوميت وسي رهي هئي. سفيد ريش، نوراني ڀنل چھرو. اوچتو ڪتي جي ڀونڪ تي هو ڇرڪ ماري اٿيو، سندس رڳ رڳ ۾ آرس ڪر موڙڻ لڳو ــــ ڏکڻ جي هير ۾ سندس اکيون ٻوٽيون ٿي ويون ـــ پر اڄ رات آواندا ڀڃڻا هئا، سندس ۽ سندس وڏيري جي عزت جو سوال هيو. هن پنھنجي پٽن رمون ۽ جانوءَ کي ڌونڌاڙي اٿاريو جي سندس ڀرسان کٽولن تي ستل هئا. اکيون مھٽيندي رمونءَ پنھنجي سيرانديءَ کان لوڙھہ ڪڍي ۽ جانوءَ ڪھاڙي ۾ هٿ وڌو. ٽيئي موريءَ جو ٻنو ڏيئي هليا ۽ چوڌاري موٽي آيا.
”اچي پرھہ ٿي آهي.“ رمونءَ اکيون مھٽيندي چيو. ٿڌي هير کين ننڊ ۾ جهوليءَ ۾ ڇڪي رهي هئي. ٽيئي ٻہ چار جهوٽا کائي ليٽي پيا. شاهو پريو مڙس هو. رمون ڪرڙوڍ ۽ جانو ڳڀرو. شاهو سوچي رهيو هو، خدا خير ڪري باقي اڄ لٺ ضرور لڳندي. هن اڳ بہ گهڻائي جهيڙا ڪيا هئا. مٿا ڦاڙيا ۽ ڦاڙايا هئا. اڃا سندس ڪھاڙيءَ تان رت بہ نہ سُڪي هئي. اها بہ رات هئي جڏهن هو شانيءَ سان روح ريجهائي رهيو هو. شاني جنھنجو بدن ڪنھن سنگتراش ٺاهيو هو. شاني، جنھنجون چيريون اکيون اڃا بہ کيس گهوري رهيون هيون. جنھنجا ماسيرا ڳل ياد ڪري اڃا بہ سندس روح ۾ گلاب ٽڙي رهيا هئا. جنھن جا ڊولائتا انگ اڄ بہ سندس روح ۾ گلاب ٽڙي رهيا هئا. جنھن جا ڊولائتا انگ اڄ بہ سندس اکين اڳيان ڦري رهيا هئا. اي محبت تون سدا جوان آهين. تون هميشہ زندہ آهين. شاني اڃا زندہ هئي توڙي کيس ڪاري ڪري ماريو ويو هو. شاهوءَ کي ياد هو تہ ڪيئن شاني سندس ڇاتيءَ سان ڪرڙي وانگر چھٽي پئي هئي تہ ڪوٺي تان ٻہ جوان لٿا، هڪڙي ڪھاڙيءَ سان شانيءَ جي سري لاهي ڇڏي، ۽ ٻئي هن تي وار ڪيو پر هي ٻانھن ڏئي ڌڪ بچائي اٿيو مس تہ ٻئي ڪوٺو ٽپي ڀڄي ويا.
هاءِ ڙي سنڌڙي. تو ۾ ڪيترا معصوم گنھگار ماريا ويا آهن، ڪيترا اٻوجهہ ڏوهي ڪُٺا ويا آهن! ان وقت شاهوءَ شاني ڏانھن ڏٺو هو تہ سندس لڱ لڱ ڪانڊارجي ويو هو. سري ڌار، ڌڙ ڌار، نہ انگل نہ ارڏايون، نہ ماڻا مھڻا نہ ناز نخرا، نہ چرپر نہ سس پس. ڄڻ هوءَ بہ ڪا کٽ هئي، بسترو هئي، ڀت هئي . . . . ڪجهہ بہ نہ. گهڙي اڳي جا سندس هٿن مان مڇيءَ وانگر ٿي کسڪي وئي، سندس ڇاتيءَ سان ڪرڙيءَ وانگر ٿي چنبڙي پئي، سا ائين ساڪن ۽ خاموش پئي هئي جيئن چانڊوڪيءَ ڀت تي پاڇو. ڄڻ سندس روح نڪري ان چانڊوڪيءَ جي پاڇي ۾ ملي ويو هو ۽ نور جي لھرن ۾ لڙهندو دور وڃي رهيو هو. دور جتي تارن جي کٽ تي هن لاءِ بسترو وڇايل هو، جتي فرشتا لوليون ڏئي رهيا هئا.
شاهوءَ ٿڌو ساھہ ڀريو ۽ سندس ذهن ورانگ ڀري ڏھہ سال اڳتي وڌي ويو. هنکي ياد آيو تہ ڪيئن هو پھريون دفعو چوريءَ لاءِ نڪتو هو، ان وقت ڄڻ ساري ڪائنات دم روڪي بيٺي هئي. ڄڻ ستارا اکيون ڇنڀي ڏسي رهيا هئا. لوڙهو ٽپي هن مينھن ڇوڙي مس تہ ڀاڳيو جاڳي پيو هو ۽ کيس هڪل ڏئي اک جو ڀينڊ ٺڪاءُ ڪرايو هو. شاهوءَ اک کي ائين مھٽيو ڄڻ اڃا تائين اها ڏکي ٿي. هن پاسو ورايو تہ کيس ياد آيو تہ وڏيري کيس ٻي چوريءَ تي گهرايو جا هن نہ ڪئي هئي. وڏيري کيس ڀونگو باسيو هو، ڀونڊو ڏنو هو، چٽ ملائي هئي، چپاٽ هنئي هئي، پڳ لاٿي هئي، ڏاڙهي پٽي هئي، پر هن چوري ڪئي هجي تہ سلي. نيٺ وڏيري هن کي پوليس ۾ ڏنو هو ۽ هن پھريون دفعو ڪورٽ ڏٺي هئي، جتي قانون ئي قانون هو، انصاف ڪونہ هو. ”اهو وڏيرو، اها پوليس، اهو قانون، سڀ هڪ وڏي سازش آهي.“ هن سوچيو، ”اها جانڊه جنھن ۾ اسانجي هڏي هڏي پيسجي ٿي وڃي تہ هو دنيا کي چون ٿا تہ اسان هنکي ڇڙي ڇانڊي، اڇو اجرو ڪري ڪڍيو آهي.“
اڄ انھي وڏيري جي لاءِ هو سر ڏيئي رهيو هو. شاهوءَ مٿي نھاريو. ٿڌو نيرو آسمان خدا جي پيشانيءَ جيان ٿي لڳو. هڪ هلڪي ڪڪري چنڊ جي مٿان اچي هٽي وئي. شاهوءَ ائين محسوس ڪيو ڄڻ چنڊ مٿانئس اوچتو نگاه وجهي تعجب مان ڏسي رهيو هو. هن منھن وارئي رمونءَ ڏانھن ڏٺو. شايد هو بہ ائين محسوس ڪري رهيو هو. رمونءَ ڪڪري ڏانھن نھاري دل ۾ سوچيو تہ بادل ٺھي ٺھي هليا ٿا وڃن. برسات جي بوند بہ نہ پئي آهي. پر سال بيگاري ڏنيءَ ڪنيءَ ٿي وهي. هيل سڪ ٻڌ آهي. اڳي ئي پاڻي ٿورو وري جڙي ماڇيءَ وارا سندس موريءَ جا آواندا ڀڃي پنھنجي ٻنيءَ ڏانھن پاڻي لاڙڻ جا دڙڪا ڏيئي رهيا هئا. رمونءَ چار ايڪڙ ٻني ڪئي هئي. ان تي سندس زندگيءَ جو دارومدار هو. ان ۾ هن پنھنجو پگهر پوکيو هو. سلن سان گڏ سندس آسون اميدون اسري رهيون هيون. ڇا بہ ٿئي پر آواندا ڀڃڻ ڪونہ ڏيندو. سندس ڌيءَ کي سال کان ٽيئڙ تپ هو. سندس زال جو ڳھہ ڳٺو، چوڙي ٻانھين سڀ خرچ ۾ ڳري ويو هو. فصل لھندو تہ کيس چار پئسا ٿيندا ۽ ڌيءَ جي دوا ڪرائيندو.
اوچتو سندس دل ۾ وهم جاڳيو تہ سندس نياڻي نظيران مري ويندي. سندس دل گائون مائون ٿيڻ لڳي. سندس هانوَ کي اڇل آئي ۽ ڳوڙها سندس اکين ۾ تري آيا. خدا کيس سالن کانپوءِ نياڻيءَ سان نوازيو هو. ننڍڙو گڏيءَ جھڙو ٻار. گهر جي سونھن، پيءُ ماءُ جي ورونھن. افسوس صد افسوس. اهو ابھم دوا دارون جي خرچ نہ هئڻ ڪري مري ويندي. ڪيئي طبيب ڪيئي دوائون. پر هن وٽ پئسو ڪونہ هو جو اهي خريد ڪري. شايد انسان جي زندگيءَ کان پئسو وڌيڪ قيمتي آهي. شايد طبيب ڇٽائڻ لاءِ نہ ڪمائڻ لاءِ آهن. شايد دوا شفا لاءِ نہ پر بھا لاءِ آهي. پئسي نہ هئڻ ڪري موت سندس جهوليءَ مان نياڻي کسي رهيو هو. اي موت ذرا ترس. جي پئسو نہ آهي تہ مون وٽ نہ آهي. هن نياڻيءَ، هن ابھم جو تہ ان ۾ ڏوھہ نہ آهي. هنکي ڪھڙي خبر تہ مان جنھن وٽ ڄمنديس سو سڃو هوندو، ڀينگيو هوندو، ڏينھن رات پگهر جو پورهيو ڪندو هوندو تہ بہ چار پئسا بچائي نہ سگهندو هوندو. ٻڌين ٿو اي موت. انھيءَ اٻوجهہ ابھم کي ڇا معلوم تہ هوءَ ڄمندي تہ تھہ سيارو هوندو، پارا پوندا هوندا، ڏند ڏڪندا هوندا، لڱ لڱ ۾ ٿڙڪڻي هوندي ۽ سندس ڪنگال پيءُ وٽ پئسو نہ هوندو جو هو ڪمبل وٺي. هن کي ڪھڙي خبر تہ هيءَ دنيا پئسي جو چڪر آهي. پئسو انھن وٽ آهي جي ڀڀ ڪڍي، طول ويھائڻ تي ٽيڪ ڏئي ويھن ٿا. پر جن جي رونبو ڪري چيلھہ چٻي ٿي وئي آهي تن جي لاءِ پئسو نہ آهي. تن جي لاءِ محنت ۽ مشقت آهي، بک ۽ ڏک آهي، مرض ۽ موت آهي. رمونءَ مٺيون ڀڪوڙيندي پڪو ارادو ڪيو تہ آواندا ڀڃڻ نہ ڏيندس، پوءِ سر وڃي تہ وڃي. آواندا ڀڄندا تہ فصل سوڪ ٿي ويندو، کيس پئسو نہ ٿيندو ۽ سندس نياڻي ٽيئڙ تپ وگهي مري ويندي. هنکي جڙي ماڇي وارن تي سخت ڪاوڙ آئي ۽ ڪھاڙيءَ ۾ هٿ وڌائين. جڙيو ماڇي هو. پر جڙيو ماڇي تہ هن جو لنگوٽيو يار هو. ننڍي هوندي هو گڏ ٻڪريون چارڻ ويندا هئا. جڙيو ڪنڊيءَ جي وڻ تي چڙهي سڱر ڇاڻيندو هو تہ ٻنھين جون ٻڪريون چرنديون هيون ۽ هو سچين ڪوڏين جھڙا ڏند ڪڍي رمونءَ کي چوندو هو، ”اسان تہ نوريئڙي وانگر وڻ تي چڙهي ٿا وڃون. تون ڇا چڙهندين، ٻليءَ وانگر ٿو ٿڙ وٽ بيھي تڪين.“ جڙيو ۽ هو گڏ بيگاريءَ ۾ ترندا هئا، ٻلھاڙو کيڏندا هئا. رمون نڙ وڄائيندو هو تہ جڙيو ڪَن تي هٿ رکي ڪافي ڳائيندو هو:

منھنجا گهوڙي سوار ــ تنھنجي چھبڪ ڪئي هان چري
تنھنجي چھبڪ ڪئي هان چري
الا مان وڃان ٿي مري
ڪڏهين ايندين وري ــ منھنجا پرڏيھي يار
تنھنجي چھبڪ ڪئي هان چري ــ منھنجا . . .

اهو راڳ اڄ بہ رمونءَ جي ڪنن ۾ ٻري رهيو هو. اهو راڳ ٻڌي رمونءَ کي ڪيترو نہ جڙي تي پيار ايندو هو! اڄ اهو جڙيو سندس رت پيئڻ لاءِ تيار هو. اڄ اهو جڙيو سندس آواندا ڀڃڻ ايندو. ڪھاڙيون هلنديون. رت وهندي. دوستي زخمي ٿي لڇندي. انسان ڪھڙو نہ ذليل آهي. پنھنجي سَڌن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪيترو نہ ڪُڌو ٿو ٿي وڃي. هاءِ رمون کي ڪھڙي خبر تہ جڙي کي بہ چار ايڪڙ ٻني آهي. هنکي ڪھڙي خبر تہ موريءَ ۾ پاڻي گهٽ ڇو هو. هن جو بہ بٽئي وقت اڌ اَن وڏيرو کڻي ويندو هو. هن جو دارومدار بہ انھن اَن ڪڻن تي هو. هن کي ڇا معلوم تہ موريءَ جي مُھڙ تان سڄو پاڻي وڏيرو ﷲ بخش ٿي کڻي ويو.
وڏيرو ﷲ بخش لکھا جريب ٻنيءَ جو خاوند هو. سڀ ڪامورا ڪڙا هن وٽ ايندا هئا ۽ کانئس رسائي وٺندا هئا. رشوت جو نالو رسائي آهي. رشوت بيشڪ رسائي آهي. انسان جي انسان تائين رسائي، انسان جي خدا تائين رسائي، سڀ رسائي رشوت رستي ٿي سگهي ٿي. غريب هارين جي رت پيڙي وڏيرو ﷲ بخش هر سال زڪوات ڪڍندو هو ۽ خدا تائين رسائي ڪندو هو. ۽ ماڻھن کي مرڪي چوندو هو تہ منھنجو نالو ئي ﷲ بخش آهي ۽ مولوي ثناء ﷲ کيس ٽيڪو ڏيندو هو. اي ﷲ، تنھنجي بخشيش ايتري سستي تہ نہ هوندي. اي ثناء ﷲ، شايد تنھنجو ﷲ رشوت بہ وٺندو آهي؟
رمونءَ کي سنبرندو ڏسي جانو ڇرڪ ڀري اٿيو. جانو انھيءَ جهيڙي جي بلڪل خلاف هو. هن جڙي جي ڌيءَ نازيءَ سان ياراڻي رکي هئي. جهونجهڪڙي مھل نازي دلو کڻي کوه تي ايندي هئي ۽ واٽ تي لوَن جي اوٽ ۾ جانوءَ سان روح رهاڻ ڪندي هئي. گهڙي کڻڻ سان نازيءَ جي چيلھہ بيد جي لڪڻ وانگر مڙي ويندي هئي ۽ جانو جهونگاريندو هو:

جيڪي چيلھہ تي چار گهڙيون تنھنجي
مان تنھن گهڙي تان گهوريس وو
مان تنھنجي جدائيءَ جهوريس وو
جيڪو چيلھہ تي چار گهڙيون تنھنجي
الا چيلھہ تي چار گهڙيون تنھنجي

ستارن جي ڇانو ۾ اهي پيار جو گهڙيون جانوءَ کي ابدي زندگيءَ جيان لڳنديون هيون. هن دنيا جي ڌرتتيءَ ۾ جنھنکي گهڙي پل پيار جي ڇايا ملي اهو ڪھڙو نہ خوش نصيب آهي. جانوءَ کي نازيءَ جو خيال آيو. سندس ڇيھہ ڇڄي پيا ــــ هو ڪيئن پنھنجي محبوبڙي جي ميار کڻي، سندس پيءَ تي هٿ هلائي. پر چوندا آهن تہ رت راڻي آهي. جانوءَ جي ڀاءُ ۽ پيءُ تي ٻري ايندي تہ هو ڪيئن ماٺ ڪري ويھندو. ”شل چار ايڪڙ ٻني ئي غرق ٿئي.“ جانو دل ۾ چيو، پر ريج لاءِ پاڻي پورو ڪونہ هو، ٻني غرق ڇا ۾ ٿيندي.
پرھہ ريکون ڪڍيون. اوچتو ڪوڏر جو کڙڪو ٿيو. جانو ٽپ ڏيئي اٿيو، ”نہ ويندءُ.“، رمون هڪل ڪئي. ۽ ٽيئي ڪھاڙيون ۽ لوڙهيون کڻي ڊوڙيا ”ماريو نہ ڇڏيو“ جون رڙيون سناٽو چيرينديون ويون. ڏسندي ڏسندي ماس جا ڳپل اڏامڻ لڳا، رت جون سيرون وهي ڇڙيون ۽ ٻہ جوان ڌرتيءَ تي ڪري پيا. هو پاڻيءَ تي وڙهي رهيا هئا. هر ڪو چوي تہ منھنجي چار ايڪڙ ٻني آباد ٿئي. هي چار ايڪڙ زمين مون لاءِ آهي. هي منھنجي زمين . . . . ۽ زمين چئي رهي هئي تہ مان ڪنھن جي بہ نہ آهيان. توهان سڀ منھنجا آهيو. گهڙيءَ کان پوءِ توهان سڀني جا لاش منھنجي آغوش ۾ دفنائبا.