App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

وينٽيليٽرتي هلندڙ قوم!!!

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

روماسا منهنجي هيءَ وڌيل ڏاڙهي غربت جي ڪري نه وڌي اٿئي، پر اها منهنجي سُستي آهي.
روماسا غربت جي ڪري اسان جي پيٽن ۾ کڏون پونديون اٿئي ۽ پيٽ پٺيءَ سان وڃي لڳندا آهن. تارون زبان سان وڃي اٽڪندا آهن. اکيون دماغن ۾ ڊرل مشينين جيان گهري وينديون آهن. دليون مردھ ۽ روح هوائن ۾ ڪافور ٿي ويندا آهن. شعور، ساڃاھ ۽ احساس پنهنجي اهميت ۽ وقعت وڃائي ويهندا آهن، جذبا دم ڏئي ڇڏيندا آهن. سوچن جي ساهن کي غربت پي ڇڏيندي آهي.
روماسا غربت جي چيخ ڪڏهن ٻڌي اٿئي؟ ڪيڏي نه ڀوائتي هوندي آهي!
نه ٻڌي اٿئي نه؟
افسوس تو کي اهي غربت جون چيخون ٻڌڻ کپن. تون هن ڪائنات جو حصو آهين. هن معاشري جو فرد آهين. تون نه ٻڌندئين ته باقي ڪير اهي چيخون ٻڌندو.
اسين پنهنجي سماج جا حساس فرد آهيون. اسان تي فرض ٿو عائد ٿئي ته نه صرف اِنَ چيخن کي ٻڌون پر انهن جي داد رسي به ڪيون اسان نه ڪنداسين ته باقي ڪير ڪندو؟
روماسا دنيا جي ٽن حصن ۾ غربت جون تباھ ڪاريون فهليل آهن. دنيا ڏاڍي غريب آهي، غربت اُنَ جو ساھ نهوڙي ڇڏيو آهي. ڏسين نه ٿي اسان جي چوءُگرد غربت ئي غربت آهي. ان غربت اسان جي ماڻهن جو به ساھ نهوڙي ڇڏيو آهي.
غربت جي اِنَ آهن،دانهن،ڪوڪن ۽ ڪلورن ته منهنجو ساھ سُڪائي ڇڏيو آهي.
خبر اٿئي روماسا بين القوامي ادارا جيڪي غربت جي پاڙ پٽڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن اهي چون ٿا ته جهڙي ڀيانڪ، بدروح ۽ بد فضيلت غربت سنڌ ۾ آهي، اهڙي غربت افريڪا جي ڪارن بدون وٽ به نه آهي.
روماسا مان سوچي سوچي چريو ٿي پيو آهيان. رسرچ ورڪ کي ٻُڙي ٿي اچي وڃي. دل ته چوي ٿي چي گويرا وانگر اسٽين گن کڻي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ فهليل ان بين القوامي ادارن ۾ گهڙي پوان ۽ انهن کان پڇان ته هڪ طرف چوءُ ٿا ته سنڌ دنيا جو شاهوڪار خطو آهي، جنهن وٽ هر قدرتي وسيلو آهي. درياءَ، سمنڊ،پهاڙَ، نوجوان آبادي، وسيع ايراضي........، ڇا ڇا نه آهي جيڪواوهان اسان کي ٻڌايو نه آهي. پر پوءِ به وڏي نڪَ جي پڪائيءَ سان چوءُ ٿا ته سنڌ افريڪا کان وڌيڪ ڀيانڪ غربت جي منهن ۾ هلي وئي آهي.
روماسا سنڌ غربت جي طرف هلي وئي آهي يا ڌڪي وئي آهي. ڇا اهو تضاد نه آهي؟ اِنَ تضاد کي مون کي حل ڪري ڏئي نه ته صفِ هستيءَ تان مٽجي وينداسين. هڪ نئين موهن جي دڙي کي جنم ڏينداسين. جنهن مان ڪنهن ڪنگ پريسٽ جي عاليشان، ڪنهن ڊانسنگ گرل جا لازوال مجسما .......،ته نه ملندا پر ڪروڙين نٻل،ضعيف، بيمار، لاچار غربت جي ماريل غريب سنڌي انسانن جا پرزا پرزا ٿيل هڏاوان پڄرا ۽ ڍانچا ملندا. ان نئين موهن جي دڙي کي دنيا ڏسي پهرئين موهن جي دڙي کي هميشه لاءِ وساري ڇڏيندي.
روماسا مان ته چوان ٿو دنيا جي گولي تي سنڌ هائي اهو خطو آهي جيڪا غربت جو وڏو ڪوس گهر بڻجي پئي آهي. جيڪڏهن اسين اڃان به نه جاڳياسين ته ان جو اوس نتيجو تباهي ئي نڪرندو ۽ اها تباهي ڏاڍي ڀيانڪ هوندي.
ڇا مان غلط ٿو چوان روماسا، ڳالهاءِ نه،....، تون ڇو نه ٿي ڳالهائين؟. ڳالهاءِ نه ته ٻين سنڌين جيان غربت تنهنجي اندر به واسو ڪري وينديءِ. هي برق زرق ويس وڳا اجايا رهجي وينديءِ. هي ڪاسٽلي ڪاسٽيومس، هي جيولري، هي برانڊيڊ پرسون، موبائيلون، هي فيشنبل گلاسز ۽ هي لگزريس گاڏيون ڪنهن ڪم جون نه رهنديءِ. غربت ماڪڙ جيان انگ انگ پٽي ۽ چٽي اُگهي کائي هلي وينديءِ.
ڳالهاءِ خدا جي واسطي مون سان ڳالهاءِ. مان ڏاڍو اڪيلو آهيان. هيڻو ٿي پيو آهيان، ڪنهن در وڃي دانهن ڏيان. ڪنهن ڪنهن کي پُڪاري اُٿاريان ته اُٿو امير سنڌ اسان کان غربت کايون، ڦريون لٽيون پئي وڃي. ڏسو نه ٿا هي سرڪاري،خانگي اسپتالون، هي ميڊيڪل سينٽر، هي سينيٽوريم زندھ لاشن سان ڀريا پيا آهن.
ڪڏهن ٻڌيون هيئي ڪينسر، هيپاٽائيٽس،ڊينگي ۽ ڪانگو وائرس..... جهڙا موضي مرض. هاڻي اهي مرض اسان کي سڳن ڀائرن ۽ سوءُٽن جيان چنبڙي پيا اٿئي. نيوٽريشن جي ڪري اسان جا شهڪار قد ڄامڙن جا پاڙيسري ٿي پيا آهن. ٿيليسميا اسان جي گلابن ۽ رابيلن کي پن پن ڪري ڇاڻي اُڏاريندي پئي وڃي.
اڄ غربت سنڌ تي ننگي جارحيت مڙهي ڇڏي آهي روماسا. جنهن ۾ ساھ چوري، قرض ۽ مهلتن تي کڄن ٿا.
اسين وقت جي آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي هلندڙ قوم جا فرد بڻجي پيا آهيون، جيڪي زهر کائين ٿا ۽ زهر پئين ٿا.
اها ستم ظريفي نه آهي روماسا ته هڪ طرف سنڌ انساني وحشتن جو شڪار بڻيل آهي ۽ ٻئي طرف سنڌ ايڪالاجيڪل تبديلين کي ڀوڳيندڙ اڳڀري ديس جو اعزاز به وٺندڙ هجي.
روماسا غربت نسورو گند آ، جيڪا اسان جي وجودن ۾ آسيب جيان اچي ويهي رهي آهي. اها ايڏي ته ڀيانڪ، بدصورت ۽ بد بخت آهي جو جنهن جو پاسو وٺي ٿي ان کي صفِ هستيءَ تان مٽائي پوءِ دم پٽي ٿي.
پر مان ان غربت جي ڏڪار مان هن قوم جي جند آزاد ڪرائي پوءِ ساھ پٽيندس. پر تنهنجي ساٿ ۽ سهڪار جي ضرورت آهي. تو بنا مان ڪجھ به نه آهيان، صرف تون گڏ هج مان دنيا جي سڀني خدائن سان وڙهي پوندس ۽ يقين سان چوان ٿو انهن کي شڪستن جي دلدلن ۾ ڌڪي ڇڏيندس. پر تنهنجو ساٿ کپي. اچُ ته ان غربت جي وبا کي پاڙون اُکيڙي پنهنجا نسل آجا ڪرايون. ڪي خوشين جا، آزادين جا گيت سنگيت ڳايون، ويس وڳا پايون، جهمريون ناچ ۽ گانا ڳايون.
پر روماسا اڄ منهنجا آنڊا منهنجي وات ۾ اچي ويا جڏهن منجهند ٽاڪ جو مان اسٽيڊيم کان پئي گذريم ته هڪ نوجوان ڇوڪري جنهن جي ڪڇ ۾ هڪ ابهم ٻارڙو هو. هڪ هٿ ۾ دوائن جي ٿيلهي ۽ايڪسري جا وڏا وڏا لفافا هيس. ان ڇو ڪري مون کي روڪي چيو موٽر سائيڪل تي مون کي جاڏي وڻئي کڻي هل، جيڪو وڻئي اهو ڪجاءِ پر مون کي هڪ هزار جو نوٽ ڏجاءِ. پنجين وڳين ڊاڪٽر ايندو، پنج سوءُ پنهنجي فيس وٺندو باقي پئيسن مان ننڌڙي جي دوا وٺي گهر هلي ويندس. مون تي رحم ڪر، هن معصوم جي مدد ڪر نه ته هي مري ويندو. جي هي مري ويندو ته مان به جي نه سگهندس. اڄ عزت ممتا تي قربان ڪيان ٿي. صاحب مان پيشور نه آهيان، پر ماءُ آهيان!!!
روماسا اکرُ اُڪلي نه سگهيم، نير نيسارا ٿي وهي هليا. دل جي ڌڙڪن ڪجھ لمحن لاءِ بند ٿي وئي. منهن مٿي ڪري اُڀ ۾ نهاريم، جيڪو زبان تي آيو اهو ڳالهائي ڇڏيم. پنهنجي پرس ڪڍي جيڪو ڪجھ هو اهوان ماءُ کي دانُ ڪري ڇڏيم ۽ چيو مانس سنڌ ائين نه ڪندي آهي منهنجي امڙ!!!
ختم.
manzoorkalhoro2k16@gmail.com