App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ازل جو متلاشي

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

”هن سماج ۾ منهنجو ساھ ٿو منجهي روماسا.“
”هتي نفرت،تعصب پرستي ۽ انتها پسنديءَ جي گدلاڻ ايترو ته وڌي وئي آهي جو منهنجي نس نس ان زهريلي مادن سان سينوارجي چڪي آهي.“
”هتي ڪئين جئيجي؟ جتي بيزارگيءَ جا اڙاھ ٻرن ٿا. جن ۾ نه رڳو جسم جلن ۽ پڄرن ٿا پر دليون ۽ روح به فنا ٿين ٿا. ان احساسن جي قتلِ عام تي ڪهڙو ماتم ڪجي روماسا جن جا وجود هن ظالم سماج جي بيرحم ۽ بيقدر ٺيڪيدارن کي نظر ئي نه ٿا اچن.“
”ڇا زندگي ڪموڊٽي جو نالو آهي؟ جنهن ۾ ڌن، دولت ۽ اسٽيٽس ئي ميٽر ڪن ٿا.“
”زندگي ته فطرت جو آبشار آهي. جنهن مان پيار،محبت،رنگن روپن،سنگيت ۽ ڪلا جا جهرڻا قدرت جيان پنهنجو پاڻ ڦٽي فنا ۽ بقا، بقا ۽ فنا جي منزلن جا متلاشي رهن ٿا.“
”ٻڌاءِ مون کي اسين ايڏا سيلفش ڇو بڻجي پيا آهيون. اسان ننڌڙي پتڪڙي ذات جي خولن ۾ جئيڻ کي ڇو ترجيع ڏيون ٿا؟! جو اسين ذات پات، رنگ نسل،اوچ نيچ، افضل ۽ ڪمتر،اعليٰ ۽ ادني'،برهمڻ ۽ اڇوت.....،جي بيڪار ۽ واهيات ڪُنن ۾ پنهنجا وجود ڏئي سَنڌُ سَنڌُ مان ڪڙڪاٽ ۽ ٽڙڪاٽ ڪڍرائڻ ۾ مگن ۽ مست ٿي ان بيڪار جئيڻ کي به جئيڻ چئي وڏي شان سان جئيڻ جا ڍونگ ڪيون ٿا.
”ڇا اسان ڍونگي نه آهيون؟ ٻڌاءِ مون کي....“
”اڄ مون سان ڳالهاءِ، نه ته مان واڪا ڪري مري ويندوسانءِ. هن ڪمري جي ديوارن سان سِرُ ٽڪرائي ٽڪرائي پنهنجو انت آڻي ڇڏيندوسانءِ.“
”سمجهاءِ مون کي...،“
”اهو ڍونگ هاڻي بند ٿيڻ نه کپي ته اسان عظيم آهيون. ڇو ته موهن جي دڙي جا وارث آهيون.“
”اڙي ! موهن جي دڙي وارن ته سمبارا تي ساھ ڏنو.پر اڄ سنڌ سهڻين جا ساھ ٿي وٺي.انهن جا روح ٿي گهٽي، انهن جي احساسن جا انت ٿي آڻي. جسمن تان لٽا ليڙون ليڙون ڪري لاهي ٿي. پوڄڻ جهڙن بتن جا ماس ڳڀا ڳڀا ڪري مقدس رت جا ٽيپا ٽيپا ڪري نالين ۽ گٽرن ۾ وهائي ٿي.“
”ڇا اهي آهن عظمتن جا امين؟“
”اسان ته ان عظمت جا بدروح آهيون. جن جا چهرا ڏسي سمبارا بَرُ منهن ڪري هلي وئي آهي!“
”ڇا مان غلط ٿو چوان روماسا؟ ٻڌاءِ اسان ڍونگي نه آهيون؟. ڇا تون نه ٿي سمجهين ته ڍونگي ڇا کي چئبو آهي؟“
”او....،تون ته شهري ڇوڪري آهين نه! ٿي سگهي ٿو ته تون نه سمجهي سگهندي هوندينءَ ته ڍونگي به منهنجي مٺڙي ٻوليءَ جيان اسان وٽان آهستي آهستي متروڪ ٿيندو پيو وڃي. هل مان تنهنجي لاءِ ڍونگي متعلق انگريزيءَ جو مروج لفظ فراڊي ٿو ڪتب آڻيان“.
”هاڻي ٻڌاءِ ڀلاءِ اسان عظيم آهيون؟ ان ڪري ته لطيف سائين جي شاعري جنهن ۾ امن ۽ آشتي، عشق،حسن،حق،سچ ۽ انقلاب جا فڪر ۽ فلسفا سمايل آهن. اهااسان جي ميراث آهي.“
”پر روماسا هڪ لمحي لاءِ سوچ ته مان اجايو رڻ ۾ رڙيون ته نه پيو ڪيان؟“
”ان ميراث جا موتي هاڻي ڪير ٿو ميڙي! ڪير ٿو ان آفاقي ۽ لافاني فڪري پيغام کي پٺيون ڏئي پرتي منهن ڪري. اسين مزارن جا مجاور ڏاڍا ڀلا ثابت ٿيا آهيون. پرواعظ ۽ ووءِ ووءِ ڪندڙ ڏاڍا خسيس ثابت ٿيا آهيون.“
”تند تي ڪنڌ ڪڪوري ڏيڻ وارا نه رهيا آهيون. اسين ميڙائي آهيون.“
”روماسا اسان هاڻي اهڙن تماشبينن جو گروھ بڻجي ويا آهيون، جيڪي پاڻ تي خلقون کلائين ٿا. سنسار ڀلائين ٿا،جڳ جڳ ۾ پاڻ کي رسوا ڪرائين ٿا.“
”مون کي ته خوف ٿو ٿئي ته اسان جو ڇا ٿيبدو؟ جن جو ماضي غلاميءَ جو گند آهي. حال هي برو هي ڀنڀور آهي ۽ مستقبل انويزبل آهي. اسين ڪنهن جا متلاشي آهيون؟ اسان کي ڪنهن جو انتظار آهي. ياد رک، ڀلي لکي ڇڏ اسان جي مقدر ۾ هاڻي ڪو به مسيحا لکيل نه آهي.“
”ڇو ته اسين محسن ڪش آهيون. اسان پبهنجن مسيحائن جا قاتل آهيون.جن کي اسان پنهنجي بي قدريءَ جي صليب تي سنگسار ڪري پاڻ کي تاريخ جي دوءُرن ۾ ذليل، خوار ۽ رسوا ڪري رڙهندا رهيا آهيون.“
”ڇا مان غلط ٿو چوان ...،؟ بڪواس ٿو ڪيان.“
”تو نه ٻڌ وآ. تو نه پڙهيو آ. ڏس ڏاهر، دودو،دولھ، هوشو ۽ هيمون.....،اڃان به نالا وٺان . ڪنهن ڪنهن کي ياد ڪيان روماسا. منهنجي اندر جا بکيا اُڊڙي پيا اٿئي. منهنجي من جو مندر ڪڏهن جو ڊهي ويرانيءَ جو شڪار ٿي ويو اٿئي.“
”هن قوم کي ٻڌاءِ روماسا توهان لاءِ هاڻي ڪو به مسيحا نه ايندو، توهان پاڻ مسيحا بڻجو. مافوق الفطرت جي آسرن،اميدن مان ٻاهر نڪري آ. ڳول پنهنجا مارڪس، ڪڍي وٺ پنهنجي اندران پنهنجا لينن، اٿار پنهنجي هو چي منھ کي، سنڀار پنهنجي مائوزي تنگس کي. تنهنجي اندر ئي سمايل ٿي روسو، والٽئير، رسل.....“
”کلين ٿي مون تي تي روماسا، ٺٺوليون ٿي ڪرين نه تون به مون تي. نه کل مون تي خدا جي واسطي، نه ڪر ٺٺول مون تي. مان فراڊي نه آهيان، مان ڍونگي نه آهيان روماسا. مان ته پنهنجي ازل جو متلاشي آهيان. پر ڇا ڪيان منهنجو ابد اچي مون اڳيان بيٺو آهي.“
”ڪيڏو نه درد ناڪ منظر آهي روماسا، جيڪو ازل جي تلاش ۾ سرگردان هيو ان جي ابد سان ملاقات ٿي وئي آهي. مان ڇا ڪيان ان ابد کي، ڪئين ٽاريان ان کي.“
”مان اڪيلو آهيان روماسا،کڻي تون به منهنجو ساٿ ڏئين . پر پوءِ به ٻه ڄڻا آهيون، هيڻا آهيون ڪمزورآهيون. ٻن ٻين جي ضرورت آهي، اڃان به ٻن ٻين جي ضرورت پوندي. مڙي مُٺ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي. تڏهن اهو ابد اسان مٿان ٽرندو.“
”پر روماسا اسان کي ڪو هوش نه آهي. ڪا سياسي ساڃاھ ڪونهي. اهو ابد اسان کي گهڙيءَ گهڙيءَ گهاوءَ ڏئي ٿو. پنهنجي ڪاري انڌاري وجود ۾ ڳهندو ٿو وڃي.“
”سڇ ٿو چوانءِ روماسا اهو ابد ڪاري رُمَ جهڙو قهري اٿئي جيڪو اسان کي نيست ۽ نابود ڪري رهيو آهي.“
”ٻڌاءِ روماسا مان ڇا ڪيان؟ مان بن بن ڀٽڪيو آهيان. مون در در تي سين ڏني آ. پر ڪو سڏ ورنائڻ وارو ئي نه آهي.“
”انڪري چوانءِ ٿو مري ويندوسانءِ. وڇڙي ويندوسانءِ. مور نه موٽي ايندوسانءِ.“
”ڳالهاءِ مون سان تنهنجي خاموشي اڄ منهنجو انت آڻي ڇڏيندي.“
”ڳالھ روماسا.....، منهنجو اندر پرزا پرزا ٿي پيو آ. روح ريزا ريزا آهي. ڇا تون منهنجي روح جا رانڀاٽ نه ٿي ٻڌين؟ً“
ڪمرو سڏڪن سان گونجي اٿيو. ٻاهر آسمان ۾ گجگوڙٿي، کنوڻين کيل شروع ڪيا. اوچتو فليٽ نمبر 74 جو انٽر لاڪ ٻاهران کليو ۽ شهريار اندر آيو. ڪمري ۾ گگھ اونداهي هئي. سرمد کي اڪيلو آرام ڪرسي تي ويٺل ڏٺائين جنهن جو دامن ڳوڙهن سان ڀڳل هو.
”ڇا ٿيو آ سرمد....“
”ڪجھ به نه آهي شهريار.“ سرمد سڄي هٿ جي اشد آڳر پنهنجي چپن تي رکي اشاري سان خاموش رهڻ جي التجا ڪيس.
”او سڀاڻي واري ڊرامي جي ريهرسل پئي ٿئي. رائٽر، ايڪٽر،ڊائريڪٽر سرمد يار تون به وڏو ڪو ڍونگي آهين!!!“
manzoorkalhoro2k16@gmail.com
THE END.