App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

تاريخ جا جلاد

ليکڪ: منظور ڪلهوڙو | پڙهڻ جو وقت: 6 منٽ

روماسا توسان ملڻ لاءِ اڄ مَنُ ماندو هو. اُداسي اندر ۾ واسو ڪري وئي هئي،روح بي چين ۽ بيقرار هو. دل چيو تو سان ملان،اندر جي اُڪير اتاولو ڪري ڇڏيو هو. پڪو پھ ڪيم ته اڄ توسان هر حال ۾ ملندس. پر خبر اٿئي جڏهن تو ڏانهن پئي آيس ته اوچتو ياد اچي ويو ته اڄ آرٽس فيڪلٽي ۾ سنڌ جي تاريخ جي امام پير حسام الدين راشديءَ جي ياد ۾ پروگرام آهي.
روماسا پير حسام الدين راشدي سنڌ جو اهو موءُرخ ٿي جنهن سنڌ جي تاريخ تي سائنسي انداز ۾ ۾ مٿا ڪٽ ڪئي آهي. صدين جي دز کي هٽايو آهي. رحمدل،عادل ۽ الله لوڪ حاڪمن کي ظالم،سفاڪ،وحشي ۽ درندھ صفت ڪري بيهاريو آهي. هن مانجهي مڙس سنڌ جي تاريخ کي ڇنڊي ڇاڻي اَڇو اُجرو ڪري دنيا اڳيان رکيو آهي. ان ڪري ان جي عظمت جي محرابن ۾ سجدھ ريز ٿيڻ لاءِ تو ڏانهن ايندڙ قدم اُن ڏانهن مُڙي پيا. معاف ڪجاءِ روماسا، پر يقين ڄاڻ منهنجو روح تنهنجي جند سان جڙيل اٿئي. منهنجي ساھ جون تندون تنهنجي جند جي تند جي سهاري اٿئي. پر سنڌ جي معاملي ۾ ان ساھ جي تند کي به ٽوڙي ٿو ڇڏيان. تڙپان ٿو،لُڇان ٿو، پڄران ٿو.....، خبر نه ٿي پئي روماسا ڪڏهن ڪڏهن الائي ڇا ٿي وڃي ٿو. سوچيان ٿو نيشنلسٽ ته آهيان،پر خوف ٿئي ٿو ته ڪٿي شائونسٽ نيشنلسٽ ته نه آهيان.
پر روماسا مون ڏانهن ڌيان ته ڌر، آرٽس فيڪلٽيءَ ڏانهن تڪڙو تڪڙو وڌيم ته ڪٿي هال نه ڀرجي وڃي ۽ وڃي ۽ ويهڻ لاءِ ڪا ج ڪرسي به نه ملي. ڀلي نه به ملي ها پوءِ به بيهي حسام الدين کي پنهنجو خراج ۽ سلام پيش ڪيان ها. پر ڏاڍو ڏک ٿيو روماسا جڏهن هال ۾ پهتم ته ڪاريءَ وارا ڪک، ڪلاڪن جي انتظار کان پوءِ هڪ ٻه استاد، ٻه چار آرگنائيزر اٺ، ڏھ ٻڌڻ وارن جي اچڻ سان پروگرام شروع ٿيو.
روماسا دانشور قومن جو سرمايو هوندا آهن،صدين پڄاڻا قومن ۾ ڪي ديده ور جنم وٺندا آهن. اڄ منهنجي رڳَ رڳَ تڙپي اُٿي جڏهن خبر پئي ته اڳئين هال ۾ ميوزيڪل پروگرام هلندڙهو ۽ اهو کچا کچ ڀريل هو. پر اسان جي هال جو حال اسان جي سنڌ جهڙو هو.
ڇا ڪجي هن قوم کي روماسا جيڪا دانشورن کي ڍڪي ڍوڻي ڌار ڪري تماشبينين کي چچڙن جيان چنبڙي پئي آهي. مڃان ٿو موسيقي هن قوم جي خمير جو اٽوٽ انگ آهي. ساز ۽ سرود اسان جي روح جا ماخذ آهن. پر روماسا اڄ اسان جا هال هيڻا آهن.
مان بار بار تاريخ،تاريخ ڇو ورجائيندو آهيان. ان ڪري ته روماسا تاريخ قومن جو آئينو آهي. جنهن ۾ ان جي ماضي، حال جي منظر ڪشي ۽ مستقبل جي تعمير جو تعين ٿيندو آهي.
سنڌ دنيا کي روشنيءَ جو دڳ ڏيکاريندڙ رهنما رهي آهي. هڪ عظيم سلطنت ۽ مڌر آف سولائيزيشن آهي،ارتقا جي امين آهي. دنيا جي پهرين تهذيب ۽ تمدن جا بنياد اسان وڌا روماسا. پر وقت جو ستم ته ڏس اڄ اسان جو تاريخ ۾ڪٿي به ڪو مناسب ذڪر تو کي نه ملندو. اسين صرف غلام نه رهيا آهيون. پر هزارين سال آزاد فضائن ۾ ساھ کڻندا رهيا آهيون. اسان عربن، ارغونن،ترخانن،مغلن ۽ انگريزن جا جبر به سَٺا آهن روماسا، ان کان انڪار نه آهي. سنڌين جي شڪستن جا ڪارڻ مان ڄاڻان ٿو پر جن سنڌ جي مڙس مٿيرن انهن غاصبن،وحشين،درندن ڌارين کي ٽوٽا چٻايا انهن مانجهي مڙسن جا ذڪر اذڪار اسان جي تاريخ مان ڪنهن لڪائي، ڦٻائي اتهاس ۾ اسان کي ڀاڙي، گيدي،سست،ڪاهل ۽ جاهل بڻايو آهي؟
روماسا منهنجي هزارن سان جي تاريخ ڇو خاموش آ؟ انهن مڙس مٿيرن متعلق جن دنيا کي آدرش ڏنا، انسانيت،مڙس امن،آزادي،حق ۽ سچ ۽ نيهن جا نعرا،پروگرام ۽فلسفا ڏنا.
ڪيڏانهن گم ڪيا ويا اسان جا اهي سورهيه جن سُرن تي سِرَن جا نظرانا ڏنا!
ڪاڏي ويا اهي سُوروير جن رڻ گجايا ۽ راڙا ڪيا،اڄ ڪير انهن جا پڙلاءَ ٻڌي ڇو نه ٿو سگهي. اسان ڪو به مانجهي، سُور وير،مڙس مٿير، سورهيه ۽ سو ڀارو نه آهي جنهن جو تاريخ ورجاءُ ڪري.
روماسا ائين نه آهي ته اسان سدائين مفتوح ۽ محڪوم رهيا آهيون. اسين آزاديءَ جا سورهيه پٽ آهيون، آزادي اسان جو آشيرواد آهي. اسين آزاد فضائن جي فلسفن جا موجد آهيون. روشنين ۽ رنگن، احساسن ۽اظهارن جا خلقڻهار آهيون. پوءِ به اسان کي غلامين، ناڪامين، نامرادين سان ڇو شناسائي ڪرائي وئي آهي؟! ڇا اسان تاريخ جي ڌرتيءَ تي رڳو شڪستن جا صليب کڻي هلندا رهنداسين؟
نه نه اسان آزاديءَ جا علمبردار آهيون، بني نوع انسان جا پيمبر آهيون. حق، سچ، امن..... جا داعي آهيون. بس وقت اسان سان ويل وهايا آهن ته جيڪي ظالم،سفاڪ،وحشي درندھ صفت، بدروح ۽ مڪروھ هئا، اهي اسان جا هيرا، محسن ۽ مشڪل ڪشا بڻايا ويا آهن.
مان نه ٿو مڃان انهن ڪوڙين عظمتن کي، مان انڪاري آهيان انهن جي درٻاري وظيفه خور ۽ ثنا خوان موءُرخن جو، جيڪي منهنجي تاريخ جا جلاد آهن. جن هر دءُور ۾ مون کان منهنجي نج نبار تاريخ کسي آهي. منهنجي ڌرتيءَ جي هر صبح جي سچ کي سوليءَ تي سنگسار ڪيو آهي.
روماسا اسين رڻ ۾ رُلي ويا آهيون. تاريخ جي هر دوءُرَ ۾ ڌارين جي چالبازي ڏنگي ٿي. سنڌ جي رڳن ۾ صدين جو زهر ڀريو ويو آهي. ان ڪري اڄ اسين ڏاهپ جا انڪاري ٿي پيا آهيون. حق، سڇ،امن ۽ آجپو اسان جي ترجيع نه رهي آهي. قرباني کان ڪوهين ڏور
ڀڄون ٿا.
مان سچ ٿو چوانءِ روماسا مون کي صدين جو سوداءُ ورائي ويو اٿئي، وڏو عرصو ٿيو آ نه سنڌ جو رڻ گجيو آ ۽ نه راڙو ٿيو آ. نه ڪو ٽن ۽ ڪڙولن کي ٽوڙيو آ، نه صدين جي ڏهڪاءَ کي ڀورا ڀورا ڪيو آهي. اسان جي سرڪشي شايد خدڪشي ڪري ڇڏي آهي. بغاوت اسان جي بنيادن کان باغي ٿي وئي آهي.
روماسا ڌرتي اڄ اسان کان ريج گهري ٿي. هن قوم کي ڌرتيءَ کي سيرياب ڪرڻو پوندو نه ته صفِ هستيءَ کان مٽجي وينداسين. دنيا جي گولي تان ميسارجي وينداسين.
ڏس ڏکن ڏوجهرن اسان جا ڪهڙا هيڻا حال ڪري ڇڏيا آهن، اسين قرونِ وسطي' جا مسافر ٿي پيا آهيون.
سوچي سوچي منهنجوبساھُ ٿو سُڪي، مان مري ويندوسانءِ، پر اهو ياد رکجاءِ منهنجو روح هن اُداس ۽ بي چين ڌرتيءَ تي ان جي ويڳاڻي تاريخ جيان ڀٽڪندو رهندو. پر مان ووءِ ووءِ نه ڇڏيندوسانءِ. هن ستل قوم کي هن تاريخ جي اهم موڙ تي جاڳائي رهندس. اُن کي ڌانڌوڙيندس. ٻاڪاريندس، واڪا ڪندس، پر خاموش نه ويهندس. مري مري وري جئي اٿندس، جوڻ مٽائيندس پر پوءِ به هتي ايندس، نيٺ ان کي ڳولي لهندس.
اکين مان ڳوڙها ڳڙي پيس،سڏڪن سناٽو چيري ورتو.
روماسا منهنجيون ڳالهيون توکي وياڪل ٿيون ڪن مون کي معاف ڪجاءِ. مان توکي سنڌ جيان اُداس ٿو ڪري ڇڏيان. پر ڇا ڪيان توکان سواءِ ڪو ٻيو اِهي ڳالهيون ٻڌڻ لاءِ تيار به به آهي.
ڄامشوري جي تيز ٿڏي هوا جي جهوٽي جسم مان سسراٽيون ڪڍرائي ڇڏيس ته اوچتو شاگردن جي گذرندڙ هڪ ٽوليءَ مان هڪ نوجوان چيس،
او تاريخ جا پٽ.......، چرڪٽ اڄ وري ڪاڏي نڪتو آهين!!!
چشمو لاهي ڳوڙها اُگهندي اڳتي وڌندو هليو ويو.
email#manzoorkalhoro2k16@gmail.com