تاجر جي زندگيءَ جو سڀ کان وڏو سبق
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 4 منٽ
هڪ سامونڊي جهاز قيمتي سامان سان ڀريل، سمنڊ جي ڇولين کي چيريندو پنهنجي منزل ڏانهن روان دوان هو. جهاز ۾ ڪيترائي واپاري سوار هئا، پر سڀ کان وڌيڪ سامان هڪ ئي واپاريءَ جو هو.
اوچتو موسم رخ بدلائي ڇڏيو. تيز هوائون لڳڻ شروع ٿي ويون، سمنڊ جون ڇوليون بلند ٿيڻ لڳيون ۽ جهاز زور زور سان لوڏجڻ لڳو. ٿوري ئي دير ۾ خطرو ايترو وڌي ويو، جو سڀني کي پنهنجي جان خطري ۾ محسوس ٿيڻ لڳي.
هڪ واپاري گهٻرائجي چيو:
"جيڪڏهن اسان جهاز جو بار گهٽ نہ ڪيو تہ هي ٻڏي ويندو!"
سڀني گڏجي صلاح ڪئي تہ ڪجهه سامان سمنڊ ۾ اڇلائڻو پوندو. پوءِ فيصلو ٿيو تہ جنهن واپاريءَ جو سامان سڀ کان وڌيڪ آهي، پهرين ان جو سامان گهٽايو وڃي.
جڏهن ان واپاريءَ کي اها ڳالهہ ٻڌائي وئي تہ هن احتجاج ڪندي چيو:
"رڳو منهنجو سامان ڇو؟ جيڪڏهن مقصد سڀني جون جانيون بچائڻ آهي تہ سڀني واپارين جي سامان مان ٿورو ٿورو سامان سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيون."
پر خوف ۽ گهٻراهٽ سبب ڪنهن بہ سندس ڳالهہ نہ مڃي. هنن زبردستي سندس سامان کڻي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو ۽ کيس بہ جهاز مان هيٺ اڇلائي ڇڏيو.
هو بي وس ٿي تيز ڇولين جي رحم ڪرم تي هو.
ڪڏهن هڪ ڇولي کيس مٿي کڻي ويندي هئي تہ ڪڏهن ٻي ڇولي کيس زور سان هيٺ پٽيندي هئي. کيس يقين ٿي ويو تہ هاڻي سندس زندگي ختم ٿيڻ واري آهي.
هو دل ئي دل ۾ پنهنجي رب کي پڪارڻ لڳو.
خبر نہ آهي ڪيتري دير کان پوءِ جڏهن کيس هوش آيو تہ پاڻ کي هڪ سامونڊي ڪناري تي پيل ڏٺائين.
هو زنده هو!
هن آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ بي اختيار چيو:
"اي منهنجا رب! تنهنجو شڪر آهي."
اهو هڪ غيرآباد ٻيٽ هو. نہ ڪو انسان، نہ ڪا آبادي ۽ نہ ئي مدد جي ڪا نشاني.
هن همت نہ هاري. ڪناري تي پيل ڪاٺيون گڏ ڪري پنهنجي مٿي لڪائڻ لاءِ هڪ ننڍڙي جھوپڙي ٺاهي ورتائين.
ٻئي ڏينهن کيس ٻيٽ تي ڪجهه سها نظر آيا. هو انهن جو شڪار ڪري پنهنجي زندگي گذارڻ لڳو.
ڏينهن گذرندا ويا.
هڪ ڏينهن هو پنهنجي جھوپڙيءَ جي ٻاهران کاڌو پچائي رهيو هو تہ اوچتو باهہ ڀڙڪي اٿي. هن باهہ وسائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي، پر تيز شعلن ڏسندي ئي ڏسندي سندس سڄي جھوپڙي کي پنهنجي لپيٽ ۾ وٺي ڇڏيو.
هو بي وسيءَ سان پنهنجي سڙندڙ جھوپڙيءَ کي ڏسندو رهيو.
پوءِ ڏک ۽ ڪاوڙ ۾ آسمان ڏانهن هٿ کڻي چيائين:
"يا الله! پهرين مون کي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو، منهنجو سڄو سامان مون کان کسي ورتو ويو، ۽ هاڻي منهنجي هيءَ جھوپڙي بہ سڙي رک ٿي وئي. هاڻي منهنجي وٽ بچيو ئي ڇا آهي؟ مان هاڻي ڪيڏانهن وڃان؟"
هو ٿڪجي، خالي پيٽ اتي ئي سمهي پيو.
صبح جڏهن سندس اک کلي تہ سامهون جو منظر ڏسي حيران رهجي ويو.
ساحل جي ويجهو هڪ ٻيڙي بيٺي هئي ۽ ڪجهه ناکئا سندس طرف اچي رهيا هئا.
هو ڊوڙندو انهن وٽ پهتو ۽ حيرت مان پڇيائين:
"اوهان ماڻهن کي ڪيئن خبر پئي تہ مان هتي موجود آهيان؟"
هڪ ناکئي جواب ڏنو:
"اسان کي خبر هئي تہ هي ٻيٽ غيرآباد آهي. پر ڪالهہ اسان کي پري سمنڊ کان هتان دونهون اٿندي نظر آيو. اسان سمجهيو تہ شايد ڪو ماڻهو هتي ڦاٿل آهي ۽ مدد جو انتظار ڪري رهيو آهي. ان ڪري اسان توکي بچائڻ لاءِ هلي آياسين."
واپاري ڪجهه دير خاموش رهيو.
پوءِ هن ناکئن کي پنهنجي سڄي ڪهاڻي ٻڌائي.
ناکئن هڪ اهڙي ڳالهہ ٻڌائي، جنهن سندس دل کي لوڏي ڇڏيو.
هنن چيو:
"جنهن سامونڊي جهاز مان توکي سمنڊ ۾ اڇلايو ويو هو، اهو اڳتي هلي طوفان جي لپيٽ ۾ اچي ويو ۽ آخرڪار ٻڏي ويو."
اها ڳالهہ ٻڌندي ئي واپاريءَ جي اکين مان ڳوڙها وهي نڪتا.
هو زمين تي سجدي ۾ ڪري پيو ۽ روئندي چيائين:
"يا الله! جنهن شيءِ کي مان پنهنجي تباهي سمجهي رهيو هئس، اها تہ منهنجي نجات جو رستو هئي. جيڪڏهن مون کي ان جهاز تي رهڻ ڏنو وڃي ها تہ شايد مان بہ ان سان گڏ ٻڏي وڃان ها."
هن آسمان ڏانهن ڏٺو ۽ چيو:
"پاڪ آهي اها ذات، جيڪا پنهنجي ٻانهن بابت سڀ کان وڌيڪ ڄاڻي ٿي. مان هڪ مصيبت کي بدقسمتي سمجهي رهيو هئس، پر منهنجي رب انهيءَ ئي مصيبت ۾ منهنجي زندگي لڪائي رکي هئي."
پوءِ کيس پنهنجي سڙي ويل جھوپڙي ياد آئي.
هو مرڪي چيائين:
"۽ جنهن باهہ کي مان پنهنجي تباهي سمجهي رهيو هئس، اها ئي منهنجي لاءِ مدد جو اشارو بڻجي وئي."
سبق
زندگيءَ ۾ ڪڏهن ڪو اهڙو واقعو پيش اچي، جيڪو اسان کي تمام وڏو نقصان محسوس ٿئي، تہ فوراً مايوس نہ ٿيڻ گهرجي.
ممڪن آهي، جنهن دروازي جي بند ٿيڻ تي اوهان روئي رهيا هجو، الله تعاليٰ انهيءَ ئي دروازي جي پويان اوهان لاءِ نجات جو رستو کولي رهيو هجي.
تنهنڪري هر ڏکيائيءَ ۾ صبر رکو، الله تي ڀروسو رکو ۽ اميد جو دامن ڪڏهن بہ نہ ڇڏيو.