هر جنگ وڙهڻ ضروري ناهي!
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ
جهنگ جو بادشاهہ شينهن وڏي اطمينان سان پنهنجي رستي تي وڃي رهيو هو تہ اوچتو سندس سامهون هڪ جهنگلي سوئر اچي ويو.
اهو مٿي کان پيرن تائين گپ ۾ لت پت هو.
ان سوئر نہ رڳو شينهن تي گپ اڇلائي، پر غرور سان کيس للڪاريو ۽ ساڻس وڙهڻ جو چئلينج بہ ڏنو.
شينهن جي انا جاڳي پئي.
هن سوچيو تہ جيڪڏهن مون جواب نہ ڏنو تہ شايد منهنجي عزت گهٽجي ويندي.
ڪاوڙ ۾ هن بنا سوچڻ سمجهڻ جي سوئر جي پٺيان دلدل ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو.
پر سوئر لاءِ اها دلدل ڪا نئين جاءِ نہ هئي.
گپ سندس ماحول هو، دلدل سندس ميدان هو ۽ اتي وڙهڻ کيس چڱيءَ طرح ايندو هو.
شينهن جيئن ئي دلدل ۾ لٿو، سندس ڳرا پير زمين ۾ ڌٻڻ لڳا.
سوئر کلندو ٻئي پاسي کان نڪري ويو.
شينهن جيترو ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو ويو، اوترو ئي وڌيڪ اونهو ڌٻندو ويو.
آخرڪار...
جهنگ جو طاقتور بادشاهہ ڪنهن طاقتور دشمن جي هٿان نہ ماريو ويو، پر پنهنجي اجائي انا، ڪاوڙ ۽ هڪ غلط فيصلي سبب انهيءَ گپ ۾ ڦاسي پنهنجي جان وڃائي ويٺو.
اصل سبق ڇا آهي؟
زندگيءَ ۾ اوهان کي اهڙا ماڻهو ضرور ملندا، جيڪي اوهان تي ڪوڙا الزام، بي بنياد ڳالهيون ۽ اجائي تنقيد جي گپ اڇلائيندا.
اهي اوهان کي ڪاوڙائڻ، ڀڙڪائڻ ۽ پاڻ سان الجهائڻ جي ڪوشش ڪندا.
پر حقيقت ۾ هو چاهيندا ڇا آهن تہ اوهان بہ سندن سطح تي اچي وڃو.
سندن پنهنجيون محروميون، ناڪاري سوچ ۽ خراب جذبا کين ٻين کي گهٽ ڏيکارڻ تي مجبور ڪندا آهن.
هو چاهيندا آهن تہ اوهان کي پنهنجي ٺاهيل گپ ۽ دلدل ۾ ڇڪي وٺي وڃن.
۽ ياد رکو...
جڏهن اوهان سندن چئلينج قبول ڪري سندن سطح تي لهي ٿا اچو تہ پوءِ اوهان ساڻن بحث ۾ کٽو يا هارايو، ٻنهي صورتن ۾ ان گپ جا داڳ اوهان جي ڪردار تي لڳي ويندو.
سوئر جو ميدان گپ آهي پر اوهان جو نہ.
تنھن ڪري جيڪڏهن ان سان وڙهڻ لاءِ اوهان بہ گپ ۾ لهي ويندو تہ ممڪن آهي دشمن کان وڌيڪ نقصان اوهان پنهنجو ئي ڪري ويهو.
سمجهدار انسان هر جنگ کي پنهنجي جنگ ناھي سمجهندو.
هو ڄاڻي ٿو تہ هر الزام جو جواب ڏيڻ ضروري نا هي..
هر تنقيد جو جواب ڏيڻ ضروري ناهي..
۽ هر ماڻهوءَ کي پنهنجي صفائي پيش ڪرڻ بہ ضروري ناهي..
ڪڏهن ڪڏهن سڀ کان طاقتور جواب...
خاموشي هوندي آ.
اوهان جو وقت، اوهان جو سڪون، اوهان جي عزت ۽ اوهان جي ڪاميابي انهن ماڻهن کان وڌيڪ قيمتي آهي، جيڪي اوهان کي گهٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.
ياد رکو:
اوهان جي ڪاميابي، اوهان جو وقار ۽ اوهان جي خاموشي ئي انهن ماڻهن لاءِ سڀ کان وڏو جواب آهي، جيڪي اوهان کي پنهنجي گندگيءَ ۾ گھلي وڃڻ چاهين ٿا.
هر جنگ کٽڻ ضروري نہ آهي... ڪجهہ جنگين کان پري رهڻ ئي اصل ڪاميابي هوندي آهي.