App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

مُٺ ڍري رکندا ڪريو تہ رزق ۾ برڪت محسوس ٿيندي

ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ

هڪ پراڻي گهٽيءَ جي ڪناري تي، هڪ ننڍڙي دڪان ۾ هڪ پوڙهو دڪاندار ويٺو هوندو هو، جنهن کي ماڻهو پيار مان ”بابا “ چوندا هئا. بابا وٽ رڳو ڪتاب ئي نہ هئا، پر زندگيءَ جي تجربن ۽ دانائيءَ جا خزانا بہ موجود هئا.
سندس هڪ پراڻي ڊائريءَ ۾ اشفاق احمد صاحب جو هي قول لکيل هو:
”مُٺ کي اوهان جيترو مضبوط ڪري بند ڪندا، ان ۾ اوتري ئي گهٽ شيءِ ايندي. جيڪڏهن مُٺ ڍري رکندا تہ ان ۾ وڌيڪ شيءِ سمائجي سگهندي. خيرات جو بہ اهو ئي طريقو آهي. اوهان جيترا پئسا مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندا، الله رزق ۾ بہ اوتري ئي گهٽتائي ڪندو.“
هڪ ڏينهن بابا وٽ هڪ نوجوان ڇوڪرو آيو. هو ڪافي پريشان هو ۽ سندس چهري تي مايوسيءَ جا آثار نمايان هئا. هن بابا کي پنهنجي پريشاني ٻڌائيندي چيو تہ هو تمام گهڻي محنت ٿوڪري پر پوءِ بہ وٽس پئسا بچن ئي نہ ٿا.
بابا سندس ڳالهہ غور سان ٻڌي ۽ پوءِ کيس پنهنجي ڊائريءَ مان اشفاق احمد صاحب جو اهو قول پڙهڻ لاءِ چيو.
ڇوڪري قول پڙهيو، پر کيس ڳالهہ سمجهہ ۾ نہ آئي. هن پڇيو:
”بابا ! هن قول جو ڇا مطلب آهي؟“
بابا مسڪرائي کيس هڪ ننڍڙي ڪهاڻي ٻڌائڻ شروع ڪئي.
هن چيو:
”هڪ ماڻهو هو، جنهن وٽ تمام گهڻا پئسا هئا. هو تمام گهڻو ڪنجوس هو ۽ پنهنجا پئسا مضبوطيءَ سان پڪڙي رکندو هو. کيس لڳندو هو تہ جيڪڏهن هن پئسا خرچ ڪري ڇڏيا تہ وٽس ڪجهہ بہ نہ بچندو.“
بابا اڳتي چيو:
”هڪ ڀيري اهو ماڻهو سخت بيمار ٿي پيو. کيس ڊاڪٽر جي ضرورت هئي، پر وٽس ڊاڪٽر کي ڏيڻ لاءِ پئسا نہ هئا. پنهنجي ڪنجوسيءَ سبب هو پنهنجي ئي پئسن مان فائدو حاصل نہ ڪري سگهيو.“
بابا وري چيو:
”ٻئي طرف هڪ ٻيو ماڻهو هو، جنهن وٽ ٿورا پئسا هئا. هو تمام سخي هو ۽ پنهنجي وس آهر ٻين جي مدد ڪندو رهندو هو.“
ڇوڪري بابا جي جي ڳالهہ غور سان ٻڌي ۽ پڇيو:
”تہ بابا ! هن قول جو مطلب اهو آهي تہ اسان کي سخي ٿيڻ گهرجي؟“
بابا مسڪرائي چيو:
”ها! هن قول جو مطلب اهو آهي تہ جيڪڏهن اسان پنهنجي مُٺ ڍري رکون ۽ ٻين جي مدد ڪريون، تہ الله بہ اسان جي رزق ۾ برڪت وجهي ٿو.“
ڇوڪري بابا جي ڳالهہ سمجهي ورتي. هن بابا جي سان واعدو ڪيو تہ هو بہ سخي بڻجندو ۽ ٻين جي مدد ڪندو.
ان ڏينهن کان پوءِ هن پنهنجي مُٺ ڍري رکڻ شروع ڪئي ۽ کيس پنهنجي رزق ۾ بہ برڪت محسوس ٿيڻ لڳي.
اشفاق احمد صاحب جي هن قول سندس زندگي بدلائي ڇڏي. هن اهو سبق سکي ورتو تہ خيرات ڪرڻ سان نہ رڳو ٻين جي مدد ٿئي ٿي، پر ان سان اسان جي پنهنجي رزق ۾ بہ برڪت اچي ٿي. 🤲❤️