App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ميگھہ ۽ نرتڪي

ليکڪ: يسرا عباسي | پڙهڻ جو وقت: 2 منٽ

ميگهہ: نرتڪي تون ڇو اٻاڻڪي ويٺي آهين، هن پھر ته تنھنجي شور، ٽھڪن ۽ رقص سان سڄو وايومنڊل گونجندو آهي اڄ توکي ڇا ٿيو آهي، ڇو تون ڪنجهي جي مورتيءَ مثل چپ آهين؟.
نرتڪي: ميگهہ ڪڏهن ڪڏهن دل جي دنيا اماس بڻجي ويندي آهي...
مونکي اچرج آهي توکي منھنجي سانت تي الڪو ڪيئن ٿيو آهي ! جڏهن تہ مون سان کلڻ کيڏڻ وارن تہ مون کي ڏکوئڻ لاءِ وسان نہ گهٽايو.
ميگهہ: نرتڪي، مان موقعي پرستن جيئان بي حس ناهيان ، مون کي تہ خلقيو ئي ڏکويلن لاءِ ويو آهي ڪڏهن اک مان لڙڪ بڻجي وسڻ لاءِ ته ڪڏهن اڀ مان وسڪارو بڻجي دلين جو بوجهہ لاهڻ لاءِ.
نرتڪي: ميگهہ ڇا تون ماڻهن جي دلين، نيتن ۽ ذهنن جو مير به ڌوئي سگهندو آهين؟
نہ نرتڪي نہ، مان شفاف دلين جو درمان بڻجندو آهيان.
ميگهہ !: ڪير ڏَسي دلين جي شفافيت ۽ نيتن جي کوٽ بابت اها سڌ تہ ڪنھن کي ئي ناهي.
بالڪل آهي نرتڪي فقط انهن کي جيڪي دغا، دولاب ۽ ڏيکاءَ کي پنھنجي حياتين جو محور ناهن بڻائيندا تن کي ڄاڻ آهي.
هو ڏس نرتڪي سامهون هڪ مور نانگ کي کائي رهيو آهي، کيس ڏسڻ وارا اهو نہ سوچيندا ته مور ان جيوَ کي ناش پيو ڪري جيڪو نہ پنھنجو سڃاڻي نہ پرائو بس وجهہ مليس ۽ ڏنگڻ جي دير، پر دز لٽيل نيڻن وارا ماڻهو سندس ان خصلت لاءِ ساڻس ڪراهت جو اظھار ڪندي نہ ٿا مڙن.
جيڪر مان برسي پوان ۽ مور ناچ ڪري تہ سندس سندرتا تي عش عش ڪري اٿندا، جيئن ئي من ڀرڀن تہ ميگهہ ناد کي فطرت جي ارپيل ڪلنگي تي رشڪ ايندن ۽ پوءِ...
نرتڪي: پوءِ ڇا ميگهہ
ميگهہ: پوءِ کيس سندس ئي پير ڏيکاري روئاڙي ويندا.
ميگهہ: نرتڪي تون بہ پکين جي سلطان کان جيون جي سکيا وٺ، خوشيءَ ۾ ڳوڙها ڳاڙ ۽ لڙڪن ۾ جهومي اٿ... پر پنھنجي مقصد کان مُور پئتي نہ هٽ.
نرتڪي: ميگهہ تون وسڪارو ٿي تہ مان آسمان جي وسعتن کي ڏسي جهومي پوان ۽ مقصد حيات کي ورجايان پورڻماسي جيئان...