App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

ساھہ سڳي ۾ سور

ليکڪ: بانو محبوب جوکيو | پڙهڻ جو وقت: 23 منٽ

تنھن ڏينھن جڏهن ڀاڻس جي سڪ سندس من ۾ لڏا لاهي ويٺي هئي، تڏهن هن ضدي جي دل ڀرجي آئي هئي- تڏهن ڏاڍي نماڻي انداز ۾ زال کي چيو هئائين- ”منوءَ ماءُ! ڀائو کي منھنجي بيماري جو نياپو ڪري ڇڏ! هي اکيون مونسان بغاوت پيون ڪن- ڏاڍيون آتيون ٿي پيون آهن- دل جون پاڙون بہ ڄڻ کاڄنديون پيون وڃن، جن مان درد ۽ اڪيلائي جي ڪيري پئي ڇڻي- سو جود ڪري ڀائو کي نياپو ڪر! آءٌ الائي ڪھڙي لمحي هن بستري تي هوندي بہ نہ هجان تہ....“
۽ جڏهن ڀاڻس کي خبر پئي هئي تہ ڪيئن مينھن واچ ڪندو آيو هئس. اچيس بہ ڇو نه- هڪ ئي تہ دين دنيا ۾ ڀاءٌ هئس، جنھن کي هن دنيا ۾ پنھنجو سمجهندو هو- نہ تہ جوڻس جا مائٽ تہ سڀ اوپرا هئس- ڪم ڪڍائو مقصد جا مائٽ- منھن ۾ موسيٰ ۽ اندر جا ابليس- ويچاري ڪيڏو يتيمي جو زهر پيتو هو- مٿا هِن وڏي ڀاءُ جو بہ هٿ نہ هئس- جيڪو اول تہ چُرندو ئي ڪين هو- اگر چرندو بہ هو تہ زال جي چوڻ تي- پر سندس من ۾ ڀاءُ لاءِ محبت گُديل هوندي هئي- ان جي ڄاڻ تہ صرف سندس کي ئي هئي، پر جڏهن سندس ننڍي ڀاءُ عليءَ جي ساهُرن ساڻس علي جي غير موجودگي ۾ وڙهيا هئا تہ هن زال جي چوڻ تي اهو گهر ڇڏي ڏنو هو ۽ ڪافي عرصو نياڻيءَ جي در تي رهيو- پر ڄڻ برهمڻن ۾ اڇوٿ ٿي رهيو هو- هر ڪنھن کان ڪرڀ ڪرڻ وارا نياڻو ۽ نياڻي کيس ڪڏهن بہ هٿ سان ماني ڪونہ کڻي اچي ڏني هئس. ڇپري جي هيٺان، اڌ اُس ۽ اڌ ڇانؤ ۾ ٽنگن کان معذور پيو رهندو هو- ڀاءُ جي سڪ بہ ساڙيندي رهيس- پر گهر مان جو ضد ڪري نڪتو سو همراھہ ماڻھن کي لِکا ئي ڪين ڏيندو هو تہ ڪو هت ڪڪ آهي- جوڻس جي بہ ٽنگ تي ڪي تِرَ هئا- جو جواني کان رلڻ، پنڻ جي شونقين. پاڻ اقا، مقا گهمي ايندي هئي ۽ هو هڪ هنڌ پيو هوندو هو- نہ ريڊيو نہ راڳ- جواني کان وٺي راڳ جو شونقين هوندو هو ڪافي تہ پاڻ بہ ڪلام لکندو ۽ انھن جون ڌنو ٺاهي ڳائيندو هو ڪافي مزاحيہ شاعري بہ ڪندو هو، جو ٻڌندي پيٽن ۾ سور هوندا هئا- کل ۾ ٻٽجي وڃبو هو- پر هاڻ تہ ڪجهہ بہ نہ رهيو هيس- ڀاءُ جي گهر هوندو هو تہ اٽڪل ٻن هفتن کان پوءِ چار سيل آڻي ڏيندو هئس جو ڏينھن رات پيو ريڊيو ٻڌندو هو پر هاڻ تہ سيلن لاءِ بہ پئسا ڪين هئس- نہ سگريٽ، ماچيس لاءِ- نياڻي کان گهرندو ڪين هو- نہ ئي نياڻس کي ڪو شرم ايندو هو- هو ايڏو تہ ضدي هوندو هو جو شروع کان وٺي ڪنھن جي ڪاڻ ئي نہ ڪڍندو هو-
ڪجهہ ئي ڏينھن ٿيا هيس جو نياڻس سڌي منھن کيس چيو هو. چاچا! جمعا! تون آهين بيمار- ٻار آهن ننڍڙا- بيماريون بہ ڏائڻيون آهن وچڙندڙ- غريب، امير ڏسن ڪين- اسان وٽ ايتري پونجي آهي ڪونہ جو توهان مان ڪا بيماري اڏامي ٻار کي لڳي تہ ڪٿان پورا پونداسين. سو توهان ٻي جڳھہ ۾ وڃي رهو- آءُ جيئن تيئن ڪري ان جاءِ جو ڪرايو پيو ڏيندس“.
جمعو ويچارو ڪڇيو ڪين- پر اندر ۾ ڪپجي ٻہ اڌ ٿي پيو- هڪ دل چاهيس تہ ڀاءَ وٽ هلي وڃي- جت ڀاڻس، سندس ڀائيٽون ارهي، سرهي، آنڌي، مانجهي، منھن کي پيا ڏسندا هئس- جيڪو انگل سو پورو ڪنس- صاف سٿرو، تيل ڦليل ڪنس- هت تہ بکن تي ويلا ٿو ڪاٽي ڪير کنگهي ئي ڪين ٿو هن کي- چِڪ جھڙي ميري رلھي ۽ ڪپڙا ٿي ويا اٿس تہ ڪير صابڻ جي چٽ بہ نہ ٿو هڻي ڏيئس. پر وري جهيڙي واري ڳالھہ ياد ڪري- قسم پئي کنيائين دل ۾ تہ ان گهر ۾ اصل نہ ويندس- ڪڍي تہ ڪاڻ نياڻي جي بہ ڪين هان پر مجبور هئو- سو زال جي مدد سان اتان لڏو پٽرائي ان ڪرائي واري جاءِ تي رهڻ لڳو- جاءِ ڇا هئي! گڏهن جو واڙو هو- آسپاس جي ڀتين پويان گڏھہ پيا آنڌي مانجهي هينگندا هئا ۽ ڌپ لِڏ جي کنيو ويندي هئي- سڀ ڪجهہ پيو سھندو ۽ ڪڙهندو هو- هوڏانھن جڏهن ڀاڻس کي خبر پئي تہ هو ڪاوڙجي ويو آهي تہ هن فيصلو ڪيو تہ کيس وٺي اچي پر ڀاءُ جي ضد کان واقف هئو ۽ هو پنھنجي ڀائٽي جي گهر بہ ڪين ويندو هو، سو هن پنھنجي ويجهي دوست کي هن ڏانھن موڪليو تہ هو کيس ڪجهہ خرچ لاءِ پئسا بہ ڏئي ۽ ڪيئن بہ ڪري پرچائي، معافيون وٺي، ساڻ وٺي اچيس- ويچارو پاڻ ڪونہ ويو جو کيس خبر هئي تہ ضديرو آهي ۽ نہ ايندو تہ کيس ڏک بہ ٿيندو- ٻئي پاسي جوڻس ۽ سھرنس جو دٻاءُ بہ هوندو هو تہ ”تنھنجو ڇا؟ تو جا خدمت ڪيس اها ڪافي آهي. هو چڙي ويو آهي- سو اچي بہ پاڻ- نہ اچي تہ کڏ ۾ وڃي پئي، تون ڇو ٿو پڇ ۾ لڙڪينس“- پر هو ائين ڪري نہ سگهيو جو ڀاءُ بہ تہ هڪ ئي هئس.
جمعي کي جو پيغام پھتو تہ هڪ دل پئي چيس: ڀاءُ ڏي هليو وڃي، پر سندس ڀاڄائي ۽ انھن جي مائٽن جي ڪيل جهيڙي کانپوءِ اوڏانھن وڃڻ شڪست کان گهٽ ڪونہ هو- ۽ هي شڪست تہ ڪنھن کان بہ قبول ڪرڻ جو عادي نہ هو- سو ڪين آيو- نيٺ اڪيلائي هڻي چيلھہ چٻي ڪري وڌس- بيماري ”اڪيلائي“ کان سواءِ ٻي ڪا آهي ڪونہ- ان اڪيلائي جي بيماري کيس ڊاهي وڌو هو- هوڏانھن ڀاڻس مختلف ماڻھن کي موڪلي معافيون، آزيون، نيزاريون، اچڻ لاءِ التجائون- ڪين گهٽايو پر جمن بہ ضد جي سُتي پي ويٺو هو سو ضد جو بت ڀڃي ڪير؟-
جڏهن صفا حالن ڪالن کان پئي ويو تڏهن ٻي ڌي ڏي نياپو ڪيائين جا کائنس ڪافي شھر پري رهندي هئي- ۽ هن واقعي کان بي خبر هئي- سا کيس پاڻ سان وٺي وئي جت سندس دوا سان گڏ سٺو کاڌو پڻ مليو ۽ سار سنڀال بہ پئي ٿيس- سو ڪجهہ وقت لاءِ نوبنو ٿي پيو- دل ڄڻ جوان ٿي پيس- پر چون تہ جواني گهڻو وقت وفا ناهي ڪري سگهندي- سو ڀاءُ جي سڪ ۽ سار کيس ايترو تہ نھوڙيو جو سندس دل جون تل، ترايون سڀ درد سان ٽمٽار ٿي ويون هيون پر جڏهن ڏٺائين تہ زندگي جا بچيل ڏينھڙا بہ سندس پچر ڇڏڻ خاطر سندس هٿن مان ڇڏائجندا پيا وڃن، تڏهن ڀاءُ ڏي نياپو ڪرايو هئائين- ۽ ڀاڻس اڪيلو ئي ساڻس ملڻ لاءِ هليو آيو هئو- جنھن ويل قربتن سڪ ۽ محبتن سان ٽمٽار ٻک ڀاڻس کيس وڌو، ان ويل اندر ئي اندر جمن ڀُري پيو هو. جمن، جو من هن جون منھنجون هارڻ لاءِ آتو هو- سندس اکيون روئڻ لاءِ بلڪل تيار بيٺيون هيون پر دل تي ايترو تہ قابو پائي ويو جو هڪ ڳوڙهو نالي ماتر بہ ڪين ڳاڙيائين- سڄو ڏينھن بنا هيرن، هُدرن ڏک ڏوراپن جي، هڪٻئي سان ماضيءَ جون، حال جون، مزيدار ڳالھيون ڪرڻ لڳا هئا ۽ موڪلاڻي ويل ڀاڻس جمن کي سگريٽن ۽ چانھہ جي بھاني کيس ڪافي پئسا ڏئي ويو هو- ۽ وري ٻئي ڏينھن اچڻ جو چئي ويو هئس. جمن ان ڏينھن ڏاڍو اٻاڻڪو هوندي بہ ڏاڍو خوش هو- ڀاءُ جي ڏنل پئسن کي ڪيئن کڻي ڇاتيءَ پئي لاتائين_ هڪ هڪ کي سڏي پئسا ايئن ڏيکاري رهيو هو ۽ خوش ٿي رهيو، جيئن عيد تي مليل خرچين کي ٻار وٺي خوش ٿيندا آهن_ ان ڏينھن هوٺُلھہ جھڙو ماڻھو سچ پنھنجي حرڪتن سبب ٻار لڳي رهيو هو_ ان ڏينھن هو ڍؤ تي کليو هو_ چرچا ڪرڻ لڳو هو_ ۽ ماضي جي سڀني ساٿين کي ياد ڪيو هئائين ۽ زال کي چيو هئائين.”منوءَ ماءُ! ياد اٿئي هوءَ ڳالھہ جڏهن مون کي وهنجارڻ لاءِ غلسخاني تائين ڇڏي ائي هئيئن، ٻاهر پڌر ۾ سمل سان ڪچھري ۾ لڳي وئي هئين_ منوءَ ماءُ! گهمڻ ۽ ڪچھرين ڪرڻ جي ڪوڏي بہ ڪا ازلئون هئين ٻيو! سو لڳي وئي هئين سمل جو ميڄالو چٽڻ _ آءُ بيٺو هجان انتظار ۾ تہ اچي وٺي وڃيم_ بيھي ڄڙھہ ئي نڪري وئي هئي_ هڪ انتظار ٻيو منھنجون ٻئي معذور ٽنگون_ بس حال کان بي حال پئي ٿيس_ پر تو قربائتي ڪڪڙ، ويندڙ سمل کي قوري پئي ويھاريو ۽ ڪچھريون پئي ڪرينس _ مائي جيئن اٿڻ جي ڪري تيئن تنھنجو پڇ ۾ لٽڪڻ تہ ”ائي ادي! ويھہ! گهڻن ڏينھن کان پوءِ آئي آهين_ سان بہ ائين مھل ۾ پيئي وڃين ڏاڍي ڪا پڪي آهين“ هڪ دل پئي چيو تہ نڪري پوان پر مائي جو خيال پئي آيو تنھڪري سوچيم تہ در کي کڙڪايانڍ_ پر ڄاڻ هئم تہ ڪچھري ويل تہ هوند تون عزرائيل جي بہ ٻڌين ۽ نہ کنگهين- ۽ ان کي بہ هوند اوسيئڙي ۾ ويھاري ڪڪ ڪرين- سو آءُ ڪھڙي باغ جي موري- تون تہ ٻڌڻ کان ڏين هان آنڱوٺو- سو چپ رهيس- جيئن تيئن ڪري مائي اڃان در ٽپڻ جي مَسَ ڪئي ۽ آءُ ڪاوڙ ۾ وهنجڻ وارو کونچو کڻي توکي وهائي ڪڍيو هو تہ ”اگر مائي وڃي پئي تہ توکي زوري ويھارڻ جي ڪھڙي گَتي پئي هئي“. رکي رکي جمن ساھہ کڻندي چيو: ”منوءَ ماءُ ڌڪ تہ ٻيلي! گهڻو نہ لڳو هيئه!؟ لڳو هجئي، تہ معاف ڪجان! جو تڏهن جواني هئي، ۽ جواني معنيٰ انڌو گهوڙو“.
”منوءَ پيءُ! هئين تون بہ سدائين انڌي گهوڙي تي سوار، جواني ويچاريءَ جو تہ نالو چڙهيل آهي- ان وقت ۾ اڇن وارن جو پورو ڇڄ هيئه مٿي ۾ چي جواني هئي- مڙئي! سنڱ وڍائي گابي پيو ٿين- اڃا بہ مولوءَ واري چرچي جون ڪر ڪر تہ مڃائين تہ ڪجهہ مڙيو ئي نالي ماتر جواني هيئه! جڏهن هڪ ڏينھن مولوءَ توسان چرچو ڪرڻ خاطر ٽوپيءَ وارو اڇو برقعو پائي تنھنجي غير موجودگيءَ ۾ دڪان تي آيو هو- ۽ پيغام ڏنو هئائين تہ ”جمعو اچي تہ ڏسجوس تہ سندس زال آئي هئي ۽ تنھنجو پڇي پئي- مان وڃان ٿي هوٽل تي چانھہ پيئڻ ۽ پوءِ اسٽيشن ڏانھن بہ وڃڻو آهي-“ ۽ تون پيغام ملڻ کان پوءِ ڳاڙهيون اکيون ڪري، مينھن، واچ ڪندو آيو هئين- خوب تپيو هئين خوب ٻُلا (دڙڪا) ڏنا هيئه- ۽ جڏهن چرچي جي ڄاڻ پيئي تڏهن ڪو ٺريو هئين ۽ مولوءَ کي ڏاڍو گهٽ وڌ ڳالھايو هيئہ“.
”ها ....!! ڏاڍو ڪو لاھہ هيو- ماڻھس الائي ڪيئن کيس ڄڻيو هئو- ڏاڍو ڪو مسخرو ۽ مذاقي هو- ٻيو ڀاڻس تہ صفا چريو- خبر ٿئي؟ ويو هو پنجاب ڪمائڻ ۽ پئسا گڏ ڪرڻ- ويچاري کان اتي ايڏو تہ ٻنين، گهرن جو ڪم، ڍوئڻ اهي ڳوڻيون ۽ ڀاڄيون، بس بيخ ڪڍي ڇڏينس- ايڏو ڪم ورتنس! جڏهن موٽيو تہ ڪم جي عيوض پوري ڀري ٻڌي آيو هو نوٽن جي، ڪم بہ ڏھہ سال ڪيائين سو بہ رات ڏينھن- آيو تہ خوشي ۾ نہ پئي ماپيو- هئه! منوءَ ماءُ! خبر ٿئي گهر اچي کيسا جاچيائين تہ پئسا ئي غائب هئا. هڪ ويچاري جو رت محنت سڪايو، ٻيو ڪوڙن پئسن- پنج ڏينھن کٽ تي ڪريو وري نہ اٿيو- پر مولو تہ لاھہ هو- هڪ ڏينھن هليو شادي تي – اتي گهوٽيتن ڪو نڪاح لاءِ سڪل ڇونھارا ڪي ورتن- بس جيڪو سرس سڪل ڇونھارو پئي هٿ لڳس- سو ٺڪاءُ ڪرائي گهوٽ جي ٽڪڻ تي ڪو منھن تي- ويچارو گهوٽ دوڏا ڦرڪائي سڀن ڏي پئي ڏٺو_ نيٺ ڪَل پيس پر شرم کان ڪجهہ ڪڇيو ئي ڪين- ڪنھن ڪنھن ويل گهوٽ جي ڀرسان لنگهندي چوندو پئي ويو تہ:
”گهوٽ چڙهيو گهوڙي، ناس پتو ٻوڙي“
شل نہ روزن جو مھينو اچي، اهڙي ٻيگهي مچندس جو وڃي ٿيا خير! سڄو ڏينھن هوڙي پئي هلندس کائي پي سُچر لڳو پيو هوندو هو شام ٿيندي ئي منھن ڀيلو ڪري ايندو مسجد ۾، ”روزائتو“ پاڻ کي ڄاڻائي لڳي ويندو ان ماني کي جيڪا روزن جي ڏينھن گهرن مان مُلن لاءِ موڪلي ويندي هئي. وڻ وڻ جي ڪاٺي جي ڀاڄي بہ مختلف- بس پوءِ اچي ٻڌائيندو ”اڄ فلاڻ کاڌم، فلاڻ کاڌم-“
۽ هوءَ ڳالھہ ياد اٿئي مَنوءَ ماءُ! تہ ڪجهہ ڏينھن شھر ۾ هراس پکڙجي پيو هو تہ مَمَ پئدا ٿي آهي ملڪ ۾- سو رات جو تھہ سياري جي اڌ رات جو ماڻھن جا مَمَ در ٿي کڙڪائي_ ۽ عجيب آواز ٿي ڪڍي_ ماڻھن تہ سوير ئي گهرن ۾ بند ٿي ويندا هئا_ ڪجهہ ماڻھو همت ڪري ان مَمَ کي ڏٺو ۽ ٻڌايو تہ هنن باقاعدہ هڪ عجيب قسم جي لباس ۾، عجيب مخلوق ڏٺي آهي. بس ابا! سڀني کڻي خدا کي ياد ڪيو- خيراتون ڪيائون- نيٺ ٽن چئن مھينن جي تلاش کانپوءِ مَمَ ظاهر ٿي هئي ۽ اهو ولو ئي هئو- ماڻھن بہ باھہ ۾ ٿاڻي ۾ وجهرائينس_ نيٺ نڪري آيو پر ساڳيو زخم- ساڳيا سور جيان پنھنجي ڪرت نہ ڇڏيائين- محرم ايندو هو تہ ويندا هئا مجلسن تي پر جيسين ذاڪر مجلس پڙهن تيسين مونن ۾ منھن وجهي ننڊ پيا هوندا هئا- ۽ جيئن نياز ورهائبو هئو تہ نياز تي ٽٽندا هئا- ۽ جڏهن مونن ۾ منھن وجهي ننڊ ڪندا هئا، تڏهن دوستن کي چوندا هئا تہ ”نيازِحسين پاٽوڙن ۾ پئي تہ اٿارجو“ هر پڙ تي جيئن ئي نياز ورهائڻ لاءِ ماڻھو ٿالھہ جهلي ڀڳڙن، ريويڙين جو بيٺا هوندا هئا- هو ۽ هن جا دوست ٺلھہ جيڏا، ۽ ٻار چؤطرف ڦري بيھندا هئا نياز وٺڻ لاءِ تڏهن هو جهپ ئي هڪ هڻندو هو- دوست اڳواٽ رومال يا جهول جهلي بيٺا هوندا هئا- جيئن ئي ٿالھہ اونڌو ٿيندو هو- جيڪو پيو سو پيو رومالن ۾ ٻيو ٻار پيا جهپيندا ۽ ميڙيندا هئا- ولوءَ جو پيءُ تہ اصل اهڙو مومن هوندو هو جو جيئن ئي ذاڪر اسٽيج تي چڙهي اڃان مجلس پڙهڻ لاءِ شروعات ئي مَسَ ڪندو هو جو امالڪ روئڻ جو آواز ايندو هو جان کڻي نظر ڪبي هئي تہ ولوءَ جو پيءُ پيو روئي. منوءَ ماءُ! اهي بہ ٻيلي ڪي ڏينھن هئا جيڪي ڄڻ خوشبوءِ ٿي اڏامي ويا“.
”اڄ ڇو توکي انھن جي پچار لڳي آهي- آرام ڪر تہ ڪو سگهو چاق ٿين-“ منوءَ ماءُ کيس مٺي انداز ۾ نھاريندي چيو- رکي رکي وري ڪجهہ سوچيندي چيائين ”منوءَ ماءُ! هوءَ زينا ڪيئن! جڏهن اسان جي گهر آئي هئي- مون کي ليٽيل ڏسي اتي ئي بيھي وئي_ برقعي جي پڙي بہ هيٺ هجيس پر اندر نہ پئي آئي تہ ان مرد کي ٻئي ڪمري ۾ اماڻ_ تو گهڻو چيس تہ ”معذور آهي هلي ڪو نہ ٿو سگهي_ ويچاري جي نظر بہ گهٽ آهي“ پر هوءَ ڊٺ ماري بيٺي هجي، اچي ئي نه_ ان ويل ريڊئي تي قمر سومرو ڪلام ڳائي رهيو هو: ”هلي آءُ! پير ڀري هلي آءُ!“ تڏهن هن جي ايتري چوڻ تي ڪاوڙ ڪين پئي لڳس- باقي مون تي پئي ٽٽي- نيٺ ايلاز منٿن سان وٺي آئينس سو بہ برقعو مٿي نہ ڪيائين منھن تان جا روز اچي توهان کي چريو ڪندي هئي تہ تعويذ ٿي لکان- بس هڪ ٽِپُ آهن“ ۽ توهان اٻوجهڙيون پئسا پيون ڦرائينديون هئو- جڏهن مٽجندي هئي تہ ڪيئن سڀن جا پول پڌرا ڪندي هئي_ اڇا_ ڪارا سڀني جا کڻي ظاهر ڪندي هئي تہ فلاڻي پئي فلاڻي لاءِ تعويذ لکرائي ۽ فلاڻي، فلاڻي لاءِ-“
”هئي بہ رن ڪا رهزن- هئي بہ تہ هڪ اک کان ڪاڻي- تون سچ چوندو هئين منوءَ پيءُ تہ ڪاڻا ماڻھو شيطان هوندا آهن- تنھن ڏينھن ڪيئن رعب رکڻ خاطر ڪيئن چوندي هئي تہ ”اڄ رات اکين سان مون نوراني چھري واري بزرگ کي ڏٺو آهي“- ۽ ڪڏهن چوندي هئي تہ ”فلاڻي وليءَ کي ڏٺو اٿم“- ڪوڙي ڪنھن جاءِ جي- ان ڏينھن بہ تو واھہ جي ٻڌايس تہ: ”پيغمبر ۽ پير بہ ڪين ٿا گهٽائين، ڏاڍا ڪي بي پرواھہ آهن. هن هڪ اک واريءَ کي بہ ڏسڻ ۾ اچن ٿا- باقي اسان ٻن اکين وارن کي نظر نہ ٿا اچن“-
جمن ٿورو مرڪي ٿو ۽ مرڪندي چئي ٿو: ”هن بہ ڪھڙيون نہ ست سريون ٻڌايون هئائين تہ: ”هو ساڃھہ وارا آهن- انھن گنھگار اکين کي منھنجو آڱوٺو ڏيکارين جن سڄي عمر گناھہ ڪيو- تن جو مولا نور چٽ ڪندو آهي- تنھنجون کڻي ٽنگون چٽ ڪيون اٿئين پر عقل جا انڌا ڪٿي ٿا سمجهن پوءِ جيڪا راڻي ڀنگياڻيءَ ڪيس هن تہ ورندو سندس پول کڻي پڌرا ڪيا-“
”راڻي ڀنگياڻي!؟.... اها وري ڪھڙي پيو چوين؟“ جوڻس جيڪا پنھنجي ڪجهہ ياداشت کان هٿ ڌوئي ويٺي هئي شايد- سا ذهن تي زور ڏيندي بہ پڇڻ لڳس.
”هوءَ نہ هوندي هئي! سنہي ۽ اڇي رنگ جي- جنھن جو مڙس ڍؤ تي ڪارو ۽ ٻٻ جھڙي آفت لڳندو هو- سدائين مٿي تي گند جو دٻو هوندو هئس- واندڪائي ملندي هئس تہ گند جو دٻو وڄائيندو بہ هو تہ ڳائيندو بہ هو_ الائي تہ ڇا هو هن جي آواز ۾“ جمن ڪجهہ دير راڻي ڀنگياڻي جي مڙس جي آواز ڪنن ۾ گوجندو ڄڻ محسوس ڪيو ۽ سندس اکيون ڪجهہ لمحي لاءِ ٻوٽجي ويون.
”ها....! ها....! ياد آئي منوءَ پيءُ! اها ٿو چئين ني؟ جا توکي ليٽيل پئي تہ پنھنجي جتي ڳنڍيندي ڏسي وئي هئي- ۽ ٻئي ڏينھن گند کڻڻ واري ٽين جي وڏي دٻي ۾ ڍير جوتا کڻي آئي هئي ڳنڍڻ لاءِ جيڪي ابن، ڏاڏن اوڙي، پاڙي جا ڄڻ جوتا گهلي آئي هئي- ڇوري هئي ڏاڍي واترادي هن کي ڇيڙڻ ڄڻ اَڪَ سان کنھڻ هئو- چوندا ناهن تہ ”ديواني کي ڇيڙبو ئي چئن گارين لاءِ آهي“ هوءَ بہ ٿوري ڳالھہ تي گارين جا ديوان کولي رکندي هئي- توکي ڪونہ کنبھڙين کان پئي پٽيائين تہ: ”چاچا! هل! هلي ٻاهر ڏس ڪيڏو گند پيو آهي- اصل ڍير لڳا پيا آهن، اُهي مان صفا هلڪڙي جان ڪيئن کڻندس؟ تنھنجو جند ڇڏائڻ هن جي ڇڪ ڇڪان تہ ”هلي اکين سان ڏس- اگر مون تي اعتبار نہ هجئي-“ ان ويل ڪو کيس احساس ئي ڪين هو تہ تون معذور آهين-“
جمن زال جي ڳالھہ ٻڌڻ کان پوءِ هڪ ٿڌو ۽ اڀو ساھہ کڻندي چيائين ”بس! منوءَ ماءُ!....
.... ڪڏهن ڳاڙهو گهوٽ، ڪڏهن مڙھہ مقام ۾-
ڪيڏو رعب هو- جو ماڻھو صرف منھن ڏسي نوڙت منجهان جهڪي پوندا هئا_ جلال جي ڄاڻ اٿئي؟ جڏهن وهانءَ تي ويو هئس-انھن ديڳڙو ڀت جو گهر لاءِ ڏنو هئن- سو بہ ٻر، ٻرندو- ڪوسو جھڙو باھہ- جلال کي چيم تہ ”کڻ مٿي تي!-“ جهٽ ۾ کڻي ديڳڙو مٿي تي رکيائين- رڙ بہ ڪين ڪيائين ”سائين مٿي تي سينھو بہ ڪونھي، مٿو سڙندو_“ مون بہ اوڏانھن ڪو خيال نہ ڪيو مون سوچيو مٿي تي سينھو رکي پوءِ ديڳڙو رکيو هوندائين- نہ ڄاڻ تہ گهر اچي ديڳڙو لاٿم تہ حيرت لڳي جو جت ديڳڙو رکيل هئو- اهو حصو وارن جو چٽو جو چٽو سڙي ويو هئس پر ڪڇيو ڪين-
”هئہ! ڪڏهن ائين هياس، جو پنھون ڌوتم ڪپڙا،
هاڻ ائين ٿياس، جو جت نہ نين پاڻ سين.“
جوڻس کيس ٿڌو ساھہ کڻندي ڏسي چيو: ”منوءَ پيءُ! مون سان سَلِ تہ سھين! ڪٿ ڳوٺ جي سار تہ نہ ستايو اٿئي جو سڀن کي پيو ياد ڪرين؟“
”لڳي آهي هي سارَ تہ ڇاهي؟ ڪو ڏوھہ تہ ڪونہ ڪيو اٿم-“ هن ڪجهہ تيز انداز ۾ چيو ۽ پوءِ پاڻ ئي نرم ٿيندي چيائين ”پر ان ڳوٺ جا بہ عجيب رواج آهن- جيڪو ان ڳوٺ ڏانھن وڃڻ لاءِ آتا هوندا آهن- انھن لاءِ ان ڳوٺ ڏي ويندڙ موت جي گاڏي رڪجندي ئي ناهي- ۽ جيڪو نہ وڃڻ لاءِ پيو واجهہ وجهندو ان کي ٽنگوٽالي ڪري بہ زوري ان گاڏي ۾ وجهن- آءٌ بہ جلد ان گاڏي ۾ وڃڻو آهيان پوءِ شرافت سان، يا ٽنگوٽالي ٿي- پر وڃڻو ضرور آهي-“ ائين چئي هن پاڻ کي هنڌ تي ڊگهو ڪيو-
”ڇڏ موت ٻوت کي- ڳاٽو ڪو ڀڄيس موت جو- ان مئي کي ياد ئي نہ ڪر- خدا ڪندو! تنھنجي ڇانؤ اڃان سِرَ تي رهندي- شل! تنھنجي ئي هٿن ۾ قبر ڪک پوان- پوري عمر تنھنجو ساٿ ڏنو آهي_ تون ڪيئن بيوفائي ڪري هليو وڃڻ جو سوچين پيو_“ جوڻس جي پوڙهين اکين ۾ ٻہ جوان گرم لڙڪ تري آيا_
”هئہ!.... ڪھڙو تہ مان ڏنگو هوندو هئس-“ جمن ڳالھہ مٽائيندي چيو: ”ادي بچيءَ سان تہ پئي رينگو هلندو هئو- ﷲ جنت نصيب ڪريس هئي اهڙي جو ڏينھن خالي نہ هوندو هو جو نہ وهنجندي هئي- جاري ۾ ڪربلا واري وٽي ۾ سرمي جي شيشي ۽ سرائي ٿڌي پاڻي ۾ پئي ڀڄندي هئي_ صبح جو روز هڻي تيل ڦليل ڪري ويھندي هئي_ پوڙهي ٿي وئي هئي تہ بہ صفائي کي هٿؤن نہ ڇڏيائين- هنڌ تي ڪو ميرو ٻار، ميرن پيرن سان چڙهيس تہ اصل تپي باھہ ٿي ويندي هئي- مڙس پيو ڊڄندو هئس_ دير سان ايندو هو تہ در نہ کوليندي هئس پر ادي جو بہ منوءَ ماءُ! ڏوھہ ڪين هيئہ- جت مائي ڏسندو هو- وات پٽجي ويندو هئس- ايندي هئي ڪا مائي تہ پلٿ ماري ويھندو هو- هوندي هئي ڪا اهڙي تھري مائي تہ ڳالھہ ڳالھہ تي تاڙي جي انداز ۾ ڌڪ وهائي ڪڍندو هئس- اديءَ بہ اهڙن ئي ڪمن تي ڪاوڙجندي هئس- پر هيو مومن! دڪان کوليو هئائين تہ دشمن، دوست، اوڙي پاڙي جي ٻارن کي مفت ۾ شيون ڏيندو هئو ۽ ادي چڙندي هئيس تہ باقي ڪمائڻ جو ضرور ڪھڙو اٿئي. بس اهڙا ئي ڪم هوندا هئس- باقي ڀائو کي پاليائين واھہ! ڀيڻويو ئي ڪري_ مان ڀاءُ ئي ڪو سھارو نہ ڏئي سگهيومانس- ايئن چئي هو ڪجهہ دير ماٺ ٿي ويو ۽ وري چيائين ”مينھن وسندو هو تہ بس مزا هوندا هئا اديءَ جا جيئن کنوڻ کلندي هئي- تيئن قرآن ڪڇ ۾ ڪري ٻاڏائيندي هئي- شل نہ ٻار چون تہ:
”ڀيڄ مولا! ڀيڄ ڀٽائي، ڪر ملڪ مٺائي_“
پوءِ تہ گارين جا ڌوڙيا هوندا هئا ٻارن تي- مان ڪيئن سدائين پيو گويا فنڪار ٻڌندو هئس ۽ هوءَ مڇرجندي هئي ۽ ڳالھہ ايستائين هڪ ڏينھن پھتي جو هڪٻئي کي هيرا هُدرا ڏناسين تہ تون مر تہ مان تنھنجو ڪانڌپو کاوان- هوءَ چئي تہ تون مر، تہ مان کاوان. نيٺ! ها! اسان کي بدنصيب کي ئي ڪانڌپو نصيب ٿيو-“ جمن جي زال جا مٿي کي هٿ ڏئي سامھون ويٺي هئس سان هٿ کي لوڏيندي چيو: ”اديءَ مرحيات جا فرشتا پيا ٻڌن پر هئي ڪجهہ تيز- بس اها عادت مڙيو ئي مزي جي ڪا نہ هيس-“
جمن بہ شھادت واري چيچ کي لوڏيندي چيو: ”شاباس! منوءَ ماءُ ڪرين تونِ بہ بڇ ڪاريءَ واري ڪار ٿي ٻيو! تنھنجون وري ڪھڙيون ڀلوڙ عادتون هيون- مرد وڃن ٻاهر گهمڻ- مايون ويھن گهر- پر تون ان جي ابتڙ مان معذور گهر ۾ ويٺو تنھنجو اوسيئڙو ڪيان ۽ تون اڪامقا گهمڻ ۾ پوري- گهر ۾ هونديءَ تہ سڄو ڏينھن چانھہ جي ڪٽلي چلھہ تي چڙهيل ڄڻ ازل جي ٽيپ ڪاٽيندي هجي- هڪ تُتو پاڻي جنھن ۾ ڇينڊ يا ڳاڙ مَسَ کير جي نالي ماتر پيل هوندو هو، جنھن ۾ ڍنڍ پاڻي جي ۽ ڳُڙ يا ديسي کنڊ ۽ پڙين واري پتي پيل- ايئن پئي ڪڙهندي هئي، ڄڻ دشمن جي ڪا دل هجي- ياد اٿئي؟ منوءَ ماءُ! چانھہ چکڻ جي بھاني ست، اٺ ساسرون چانھہ جون پي ويندي هئين- شل! نہ ڪو چانھہ ويل گهر ۾ مِڙي، کير جي ڳاڙ ۽ سير پاڻي جو اڳواٽ چڙهيل هوندو هو- ڏسندي هئين ڪو آيو آهي تہ پيالو پاڻيءَ جو اضافي وجهندي هئين تہ فلاڻو بہ آيو آهي اهو بہ پئندو ۽ اهڙي ريت اڌ پاءُ کير ۾ پيا پاڻي جا پيالا پوندا هئا-“
”هئه! سِنڱ وڍائي گابي پيو ٿين- تڏڪي اها چانھہ پئندو تہ هئين. تون بہ چوٽ جو موالي هئين چانھہ نہ ملندي هئي تہ سليماني چانھہ پئندو هئين- جمن جي زال پنھنجن ڪمزور هٿن کي لوڏيندي چيو جنھن ۾ ڪجهہ چڙ جو انداز بہ جهلڪي رهيو هو.
”وڏي ڪا زورآور آهين! ڪوسي تہ ڪيئن پئي ٿين- ٻيلي! هاڻ مڃيم سچ ڏاڍو ڪڙو آهي- باقي منوءَ ماءُ اڄ پيو سليان- ٻيلي! تنھنجي چانھہ کان تہ ائين ئي ڀلا هئاسين پر مڙئي جُڙيءَ کي جس-“ ائين چئي ڪجهہ مرڪي زال ڏانھن نھاريائين، جيڪا سندس نھار جي موٽ ۾ مجبورن مُرڪي-
”..... ڀلا ياد اٿيئي! فوٽي زنوار جي هوٽل جتان تون چانھہ گهرائڻ لاءِ نياپو ڪندين هيئن صفا هوبھو تنھنجي چانھہ جھڙا مھانڊا هوندا هئس- فوٽي زنوار جا بہ تہ سندس چانھہ جا بہ- سدائين سيارو، اونھارو ڪوٽ پاتل هوندو هئس- جيڪو ميرو چِڪ لڳو پيو هوندو هو- هڪ ڏينھن چيومانس: ”هي چانھہ آهي زنوار! ڪي تنھنجي ڪوٽ جو ڌوتل پاڻي؟“ تڏهن ٿورو گرم ٿيندي چيائين ”يار! مان ڇا ڪيان؟ مينھون کير ئي ڇڊو ٿيون ڏين- خبر ناهي رنن مينھن کي ڪٿان جو واءُ لڳو آهي، جو اهي بہ ملاوٽ تي هريون آهن-“
جمن جي زال کان ڪراڙو ٽھڪ نڪري ويو ۽ چيائين ”وڏو ڪو لاھہ هيو.....“
جمن ڳالھہ کي وڌائيندي چيو: هڪ ڏينھن تو ڏانھن نياپو آيو چانھہ جو، ان ڏينھن پئسا هئا ڪونه، ڪاوڙ مان ٻارن کي چيم تہ: ”ناليءَ (ڪسي) مان ڪٽلي ڀري کڻي وڃوس، هن کي خبر ئي ڪا نہ پوندي تہ ڪو ناليءَ جو پاڻي آهي يا زنوار جي چانھہ“ هو بہ ڪو ان ويل نازل ٿيڻو هو. بس ڳالھہ ٻڌي همراھہ چڙي پيو پر ان ڏينھن کانپوءِ چانھہ منوءَ ماءُ! چڱڙي، منھن مھانڊي واري ڏيندو هو-“ جمن جي زال گول شيشن واري عينڪ کي لاهي صاف ڪري وري پائيندي چيو: ”منوءَ پيءُ! اڄ ڇو کڻي پراڻا آثار کوٽيا اٿئي. ڇڏ اِهي پچارون، مئن جون ڳالھيون ئي ماري ڇڏ_ تون بس آرام ڪر ۽ اهو ئي ڪافي آهي، ڪجهہ ڏينھن ۾ ڏس مڙِي آيو آهين- اڃا بہ توکي سٽرو، وٽرو ڏسڻ ٿي چاهيان! ڇا ٻڌئي؟-“
جمن مرڪي ڏانھس نھاري ٿو ۽ سندس پوڙهي هٿ کي جهلي ٿو ۽ سوچي ٿو موت ڪيڏو نہ عجيب آهي_ صفا ان ظالم وڏيري جيان جيڪو هن پوري دنيا ۾ وڏيرڪي ٿو هلائي- کيس ڪو بہ جهلڻ وارو ناهي. ڪنھن ويل ڪنھن گهڙي، زندگيءَ جي حسين نينگريءَ کي ٻانھن ۾ وڪوڙي ٿو ڇڏي، جنھن جي ظلم خلاف ڪو بہ ٿاڻو رپورٽ درج نہ ٿو ڪري، ۽ اداس اکين سان پنھنجي زندگي جي ساٿياڻيءَ ڏانھن ڏسي ٿو، جنھن جي چھري تي انيڪ گهنج پکڙجي ويا هئا ۽ سوچي ٿو تہ هن ساڻس ڪيئن هن معذوري جي حال ۾ بہ گذاريو آهي، هو کيس ڪجهہ بہ ڏئي نہ سگهيو آهي- ۽ هاڻ ورندو کيس اڪيلو ڇڏي وڃڻ جا سانباھہ پيو ڪري. جمن پنھنجي چپن تائين زال جو ڪراڙو هٿ آندو تہ سندس اکيون آليون ٿيون پر آڻ نہ مڃڻ واري انداز ۾ مرڪي چيائين: ”منوءَ ماءُ! تون بہ صفا ڪا خزان ٿي وئي آهين- ڏس تہ تنھنجون ڪراڙيون ۽ سانوريون چيچون صفا ڄڻ ڇونھارا پيا لڳن.
۽ موٽ ۾ هوءَ مرڪي ٿي نھاريس-
اهو ڏينھن ڄڻ جمن جو آخري هو، رات جڏهن سرڪي آئي هئي تہ هڪ ڀيرو وري هو ماضي ڏانھن هليو ويو هو- سڀ جڏهن ننڊ ۾ هئا- تڏهن هن امالڪ دل جي ڀر ۾ لڳل کيسي مان ڀاءُ جا ڏنل پئسا ڪڍي کين ائين چمندو رهيو ڄڻ کيس پنھنجي ڀاءُ جو چھرو چمڻ لاءِ مليو هجي- کيس ياد ٿو اچي ڀاءُ جو عڪس، جو سندس کٽ جي سامھون رکيل پينگهي ۾ لڏندو هو- سدائين چپ، سدائين سوچ ۾ ٻڏل ۽ سدائين غم کائو- هڪ پاسي ساهرن جي ڇن، پٽ ٻئي پاسي ڀاءُ، ڀيڻ جو وجود، سندس ساهرا ۽ زال تہ اهو سھندا ئي ڪين هئا تہ اهي گهر ۾ رهن- باقي پاڻ کائڻ پيئڻ جا ڪوڏيا- جا شيءِ ايندي هئي ٻہ حصا ٿيندا هئا شيءِ جا! هڪ حصو ڀاڻس جي غريب ۽ بکين ساهرن ڏي ويندو هو ۽ ٻيو حصو گهر جي ڀاتين ۾” تنھن تي جمن جي ڀيڻ جو تڪرار تہ منھنجي ڀاءُ جي ڪمائي تي ڀاڻس جي ساهرن جو حق ڇو؟ جنھن تي ڀاڄائي، نڻان جا جهيڙا. جمن جي ڀيڻ لاءِ خراب الفاظ ڀاڻس جا ساهرا ڪم آڻيندا هئا سڄو ڏينھن جهيڙو ڀنڻ، ڪروڌ، نيٺ جمن جي ڀاڄائي ۽ ان جا مڪار ساهرا، پنھنجن ڪامياب سازشن سان جمن جي بيواھہ ڀيڻ کي ڌار ڪري ڇڏيو. هڪ گهر ۾ ٻہ ديڳڙا چڙهندا هئا- ۽ جمن جو ڀاءُ اهو نہ چاهيندي بہ چپ رهيو پر ڀيڻ کي پئسا ڏيندو رهيو پر سندس ساهرن جو پوءِ بہ من نہ ٺريو- ۽ نيٺ جمن سان جهيڙو ڪري کيس بہ ان گهر مان لوڌي ڪڍيو. هاڻ جمن بہ گهر ڇڏي هلي آيو هو. ڀيڻس بہ ڪافي مھينا اڳ گذاري چڪي هئي ۽ هاڻ هن جو ڀاءُ ۽ سندس بکيا ۽ مطلب پرست مڪار ساهرا هئا، جن جي وچ ۾ جمن جو ڀاءُ ائين چپ چاپ پيسجندو رهيو جيئن جنڊ ۾ ان جا ڪڻا. ڏينھون ڏينھن اندر کاڄندو پئي ويس. مٿان ڀاءُ جي جدائي تہ کيس جهوري وڌو هو ۽ ڀاءُ کي ڪجهہ پئسا ڏئي ويو هو تہ جيئن هو پنھنجي نياڻي جي ڪاڻِ نہ ڪڍي، پر افسوس! جو جمن موت جي ڪاڻ ڪڍي ويٺو ۽ ٻئي صبح تي سندس ڪفن تيار ٿيڻ لڳو هو. يتيمي جي ڊگهي ساري سفر کانپوءِ جڏهن جمن جي ڀاءُ پنھنجي آخري سچي سھاري کي بہ ويندو ڏٺو، تڏهن ڏاڍو ڊهي پيو هو.
جمن جي مئل دل مٿان اڃان بہ ڀاڻس جا ڏنل پئسا پيا هئا جن تي ڀاڻس جا لڙڪ ايئن پکڙيل هئا، جيئن سندس ننڍڙي يتيم ڀاءُ جي من ۾ اڪيلائي، اداسي ۽ درد جا پاڇا پکڙيل هئا.