ٻہ ترازو
ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 3 منٽ
هڪ ڳوٺ جي چوراهي تي ٻہ ماڻهو رهندا هئا؛ شيخ ڪريم ۽ استاد رحيم. ٻئي هڪ ٻئي جا پاڙيسري هئا، پر سندن سوچ ۽ نظرين ۾ زمين آسمان جو فرق هو.
هڪ سال ڳوٺ ۾ زوردار مِينھن پيا ۽ ٻوڏ اچي وئي.
نديءَ جي ويجهو استاد رحيم جو پڪو گهر ٻوڏ جي تيز وھڪري جي ور چڙهي ويو ۽ ڊهي پٽ ٿي پيو. استاد رحيم ڀڳل سرن جي ڍير وٽ ويٺل هئو ۽ سندن اکين ۾ ڳوڙها هئا.
اهو ڏسي شيخ ڪريم وٽس آيو. افسوس سان ڪنڌ ڌوڻي، همدرديءَ جي لھجي ۾ چيائين:
”رحيم ڀائو! انسان جا عمل ئي سندس پاڇي وانگر موٽي اچن ٿا. آخر تون بہ سڄو سال وياج تي ڪاروبار ڪندو رھين ۽ ماڻهن جي مجبوريءَ مان فائدو وٺندو رھين. الله جو نظام انصاف تي ٻڌل آهي. هي سڀ تنھنجن گناهن جي سزا کان سواءِ ٻيو ڇا آهي؟“
استاد رحيم خاموش رھيو. سندن دل ٽٽي پئي هئي، پر هن ڪو جواب نہ ڏنو.
ڪجهہ ئي هفتن کان پوءِ آفت پنھنجو رخ بدلايو. هڪ رات اوچتو شيخ ڪريم جي ڪپڙي جي وڏي دڪان ۾ باهہ لڳي وئي. صبح ٿيڻ تائين سالن جي محنت سان ڪمايل سندن سمورو سرمايو رک جو ڍير بڻجي چڪو هو.
ڳوٺ جا ماڻهو گڏ ٿي ويا. شيخ ڪريم رک جي ڍير تي ويھي، پنهنجي سيني تي هٿ هڻندي روئي رھيوھئو.
استاد رحيم بہ اتي پھتو. هن شيخ ڪريم جي ڪلهي تي هٿ رکي نرميءَ سان پڇيو:
”شيخ صاحب! هي ڇا ٿي ويو؟“
شيخ ڪريم ڳوڙها اُگهيا، آسمان ڏانهن نھاريو ۽ ايمان ڀرئي لھجي ۾ چوڻ لڳو:
”رحيم ڀائو! الله پنھنجي پياري ٻانهن کي ئي آزمائيندو آهي. هي تہ منھنجي رب جي آزمائش آهي. حضرت ايوبؑ تي بہ تہ مصيبتون آيون هيون. الله ڏسندو تہ مان هن آزمائش ۾ ڪيترو ثابت قدم رھان ٿو. سون باهہ ۾ تپي ئي ڪُندن بڻجندو آهي!“
ڳوٺ جي چوراهي تي ويٺل هڪ ڏاهو پوڙهو، جيڪو اهو سمورو منظر ڏسي رھيو هو، هلڪو مرڪيو ۽ چيائين:
”انساني فطرت بہ ڪيڏي نہ عجيب آهي! اسان وٽ ٻہ ترازو آهن؛ هڪ، جنهن ۾ پاڻ کي توريندا آهيون، ۽ ٻيو، جنهن سان دنيا کي ماپيندا آهيون.
جڏهن پاڻ تي ڪا مصيبت ايندي آهي، تہ فوراً نبين جي سنت ۽ ’آزمائش‘ جا باب کولي ويھندا آهيون. پر جڏهن ساڳي مصيبت ڪنهن ٻئي تي ايندي آهي، تہ پاڻ کي خدا جو قاضي بڻائي، سندس ’گناهن جو حساب‘ ڪرڻ ويهي رهندا آهيون.“
ڪهاڻيءَ جو سبق
پنھنجي تڪليف: صبر، آزمائش ۽ درجن جي بلندي.
ٻئي جي تڪليف: عملن جو بدلو، گناهن جي سزا ۽ عذاب!
جيڪڏهن انسان ٻين لاءِ بہ ساڳيا معيار رکي، جيڪي پنهنجي لاءِ رکندو آهي، تہ دنيا تنقيد بدران همدرديءَ سان ڀرجي وڃي.
ياد رکو: ٻين جي تڪليف کي سندن گناهن جي سزا قرار ڏيڻ بدران، سندن ڏک ۾ ساٿ ڏيڻ سکو. اسان کي نہ ڪنهن جي مصيبت کي سزا سمجهڻ جو اختيار آهي، نہ ڪنهن جي آزمائش جو فيصلو ڪرڻ جو. ❤️