App Icon

ڪهاڻي گهر

بهترين تجربي لاءِ اپليڪيشن انسٽال ڪريو

وصول ٿي ويا

ليکڪ: رشيد سمون (مترجم) | پڙهڻ جو وقت: 5 منٽ

جڏھن مون کي 23 سالن جي عمر ۾ پھرين پگهار ملي، تہ منھنجي والد مون کي چيو:
”ھر مھيني مون کي 100 موڪليندو ڪر.“
مون پڇيو: ”ابا، ڇو؟“
ھن جواب ڏنو: ”تنھنجي پالڻ جي بدلي ۾.“
مان کلي پيس، پر ھو نہ کليا.
ان ڏينھن کان پوءِ ھر مھيني جي 27 تاريخ تي، جڏھن منھنجي پگهار ايندي ھئي، مان کين 100 موڪلي ڇڏيندو ھئس. رقم موڪلڻ وقت ٽرانزيڪشن جي ريفرنس ۾ لکندو ھئس:
”اوھان جي پالڻ جي بدلي ۾.“
۽ ھر ڀيري سندن جواب ايندو ھو:
”وصول ٿي ويا. الله توکي رزق عطا فرمائي.“
ھو ان کان سواءِ ڪڏھن ھڪ لفظ بہ اضافي نہ چوندا ھئا.
غير شادي شدہ ھئڻ واري زماني ۾ بہ مون پئسا موڪلڻ جاري رکيا.
شاديءَ واري مھيني ۾ بہ پئسا موڪليم، جيتوڻيڪ منھنجي مٿي تي قرضن جو بار ھو.
منھنجي پٽ جي پيدائش واري مھيني ۾ بہ پئسا موڪليم، جڏھن منھنجي اڪائونٽ ۾ رڳو 140 رپيا بچيا ھئا.
منھنجي زال پڇندي ھئي:
”اوھان جا والد صاحب رٽائر ٿي چڪا آھن ۽ سندن پنھنجو گهر بہ آھي، پوءِ کين انهن 100 رپين جي ڪھڙي ضرورت آھي؟“
منھنجا دوست مذاق ڪندي چوندا ھئا:
”ڇا تنھنجي والد توتي ڪو ٽيڪس لڳائي ڇڏيو آھي؟“
مان رڳو ايترو چوندو ھئس:
”منھنجا والد اھڙا ئي آھن، سندن پنھنجا ئي ڪي طريقا آھن.“
ھڪ ڀيري مون کان پئسا موڪلڻ ۾ ھڪ ڏينھن جي دير ٿي وئي.
صبح جو ستين وڳي والد جو فون آيو. ھنن پڇيو:
”سڀ خير تہ آھي؟“
مون پئسا موڪلي ڇڏيا ۽ دل ئي دل ۾ کلي سوچيم:
”واقعي، پئسن جي معاملي ۾ تہ ڏاڍا پابند آھن.“
اھو سلسلو پورا 12 سال جاري رھيو.
ٽي مھينا اڳ ڪمپنيءَ مون کي نوڪريءَ مان ڪڍي ڇڏيو.
مون ڪنھن کي بہ ڪجهہ نہ ٻڌايو، ايستائين جو پنھنجي زال کي بہ نہ.
ھر روز صبح جو ستين وڳي مان روٽين مطابق گهران نڪرندو ھئس ۽ ھڪ ڪافي شاپ جي ويھي رھندو ھئس. منجهند تائين اتي ئي وقت گذاريندو ھئس، پوءِ گهر موٽي ايندو ھئس، ڄڻ آفيس مان واپس اچي رھيو ھجان.
پوءِ 27 تاريخ اچي وئي، پر ھن ڀيري پگهار نہ آئي.
12 سالن ۾ پھريون ڀيرو ائين ٿيو جو مون والد کي پئسا نہ موڪليا.
رات جي مانيءَ کان پوءِ منھنجو فون وڳو.
والد جو فون ھو.
ھنن چيو:
”پئسا نہ آيا آھن.“
مون جواب ڏنو:
”ابا، وسري ويو ھو. ان شاءَ الله، سڀاڻي موڪلي ڇڏيندس.“
ھو ڪجهہ لمحن لاءِ خاموش رھيا، پوءِ چيائون:
”ھاڻي ئي مون وٽ اچ پر اڪيلو.“
مان سندن ويھڪ واري ڪمري ۾ داخل ٿيس تہ ڏٺم، ھو ويٺا ھئا ۽ سندن سامھون ھڪ پراڻي نوٽ بڪ ۽ لفافو رکيل ھو.
ھنن نوٽ بڪ مون ڏانھن وڌائيندي چيو:
”ھي کول.“
نوٽ بڪ جي ھر صفحي تي ھڪ تاريخ، رقم ”100“ ۽ منھنجو نالو لکيل ھو.
ھر داخلا سان گڏ اھو بہ لکيل ھو تہ اھا رقم ڪٿي خرچ ڪئي وئي ھئي:
”پاڻيءَ جو ڪولر.“
”ھڪ يتيم ٻار جي ڪفالت.“
”رمضان جو راشن پيڪيج.“
”مزدورن لاءِ پيئڻ جي پاڻيءَ جو انتظام.“
ڪل 144 داخلا لکيل ھيون.
ھنن چيو:
”تنھنجي موڪليل رقم مان ھڪ رپيو بہ ڪڏھن منھنجي پنھنجي کيسي ۾ نہ ويو.“
پوءِ ھنن پنھنجو فون مون کي ڏنو. ان ۾ مسجد جي ٻاھران لڳل پاڻيءَ جي ڪولر جي تصوير ھئي. ڪولر تي لڳل ھڪ ننڍڙي تختيءَ تي لکيل ھو:
”منھنجي پٽ طرفان صدقو، الله کيس سلامت رکي.“
مون ان کي فوراً سڃاڻي ورتو.
اھو ساڳيو پاڻيءَ جو ڪولر ھو، جيڪو منھنجي ڪم واري ھنڌ جي ويجهو مسجد جي ٻاھران لڳل ھو. اھو ئي ڪولر، جنھن مان مان ھر روز منجهند جو پاڻي پيئندو ھئس.
سالن کان مان پنھنجي والد جي ڏنل صدقي جو پاڻي پي رھيو ھئس، ۽ مون کي ان ڳالھہ جي ذري بہ خبر نہ ھئي.
پوءِ ھنن لفافو منھنجي طرف وڌائيندي چيو:
”۽ ھي منھنجي طرفان آھي.“
مون لفافو کوليو تہ ان ۾ 72,000 رپيا ھئا.
ھنن ٻڌايو:
”جڏھن کان توکي پھرين پگهار ملي ھئي، تڏھن کان مان ھر مھيني 500 رپيا الڳ رکندو رھيو آھيان.“
”مون کي خبر ھئي تہ ھڪ ڏينھن ضرور اھڙو ايندو، جڏھن تون پئسا موڪلي نہ سگهندين، ۽ ان ڏينھن توکي منھنجي ضرورت پوندي.“
مون پڇيو:
”ابا، اوھان کي اھا خبر ڪيئن معلوم ٿي؟“
ھنن جواب ڏنو:
”12 سالن تائين تو ڪڏھن بہ پئسا موڪلڻ ۾ ناغو نہ ڪيو، سواءِ اڄ جي. مون کي ڪنھن کان پڇڻ جي ضرورت ئي نہ ھئي.“
مون وٽ چوڻ لاءِ ڪو لفظ نہ ھو.
ھنن وڌيڪ چيو:
”مون کي انھن 100 رپين جي ڪڏھن ضرورت ئي نہ ھئي.“
”مان تہ ھر مھيني رڳو اھو ڄاڻڻ چاھيندو ھئس تہ تون خيريت سان آھين. مان توکان پڇڻ کان سواءِ اھو معلوم ڪرڻ چاھيندو ھئس تہ تون ٺيڪ آھين يا نہ. بس تون پاڻ مون کي ايترو ٻڌائيندو ڪر تہ ’مان ٺيڪ آھيان‘، ڀلي حقيقت ۾ تون ٺيڪ نہ بہ ھجين.“
ٻن مھينن کان پوءِ مون کي نئين نوڪري ملي وئي.
27 تاريخ تي، جڏھن مون کي پھرين پگهار ملي، تہ مون والد کي 100 رپيا موڪليا ۽ گڏ لکيم:
”اوھان جي پالڻ جي بدلي ۾.“
سندن جواب آيو:
”وصول ٿي ويا. الله توکي بي حساب رزق عطا فرمائي.“
ھڪ منٽ کان پوءِ، سندن طرفان پھريون ڀيرو ٻيو پيغام بہ آيو:
”۽ ھاڻي مون کان ڪابہ ڳالھہ نہ لڪائجانءِ.“
ھيءَ ڪھاڻي پنھنجي اندر ھڪ وڏو سبق رکي ٿي، پر تمام ٿورا ماڻھو ان جي گهرائيءَ کي سمجهي سگهندا!

اي الله! منھنجي، منھنجي والدين ۽ سڀني مؤمن مردن ۽ عورتن جي مغفرت فرماءِ، چاھي اھي حيات ھجن يا وفات ڪري چڪا ھجن. آمين يا رب العالمين! 🤲