ڏوريان ڏوريان مَ لھان
ليکڪ: پرڌان | پڙهڻ جو وقت: 18 منٽ
اڄ مان اڳي کان وڌيڪ مصروف هوس، ايندي شرط پنھنجي ڪم ۾ ايئن لڳي ويس، جو مونکي، اخبار جي سرخي پڙهڻ جو بہ موقعو نہ مليو، پر هڪ ڳالھہ نئين، نيڪ شگون جي علامت طور ظاهر ٿي جو آفيس جي ٻاهرين در تي ماکيءَ جي مکين پنھنجي ماناري جو افتتاح سندن راڻي کان ڪرائي ڇڏيو هو، ڄڻ تہ راڻي پنھنجي سڀ ڪمي ڪڙمي هاري ناري، ڪارندا انھي ڪم لاءِ تيار ڪري ڇڏيا هئا، ۽ ڪم جي رفتار تيزي سان وڌڻ لڳي، جو اک ڇنب ۾ مانارو ڪافي ٺھي راس ٿي ويو. ماکي جي مکين تہ ويچارين ميڙين ۽ جوڙين بہ ماکي جھڙي مٺي شيءِ اُهي ڪيئن زهر ڀريل ڏنگ سان ڪنھن کي ڏنگينديون. ڪٿي ماڻھو جو اولاد تہ نہ آهن، جو ٻاهر ماکي کان مٺاٻول ۽ اندر ۾ زهر ڀريل نفرت وارن جذبن جو درياءِ ٻاهر ٻولي هنجهہ جي تہ اندر ڪارو ڪانگ، جن جو وهنوار ۽ ڪرت ئي اهڙي مٺي ۽ لذيذ شيءِ سان آهي، اُهي ويھي زهر جون سُيون هڻن. اها ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي. هڪ بزرگ چيو تہ اڄ توکي ڪا خوشخبري ملندي ۽ هي مٺائي انھيءَ جي آمد جي آهي. مون انھيءَ ڳالھہ کي هڪ ڪھاوت ۽ ڏند ڪٿا سمجهي ٽاري ڇڏيو ۽ سوچيم تہ ڪٿي ٿي اسان جي راڻي، اسان جي در جو ڪڙو کڙڪائي، اهڙا ڀاڳ ڪٿان آيا اسانجا. اسان تہ پنھنجو خواهشون ۽ اميدون بہ محدود ۽ مخصوص ڪري ڇڏيون آهن. جنھن ۾ ڪنھن راڻي کي ڪڏهن هٿن سان صدق دل ۽ خوشيءَ سان سھي مجبوري ۽ ڪمزوري جي دٻيل احساسن جي جذبي مان پنھنجي سچائي ۽وفاداريءَ جا جوهر ڏيکاري، ست سمنڊ پار ديس پرائي سھي سلامت، اعتماد ۽سچي محبت جي اظھار ۽ احترام ۾ ڪئين سال اڳ اُماڻي ڇڏيو. پر ايتري قدر جو اهو بہ اختيار کين هو تہ خط بہ چاهين تہ لکن نہ تہ انتظار منع آهي. ۽ ايئن ڪڏهن ڪنھن جو بہ خط پٽ ايندو آهي تہ مون ڀلجي بہ ائين نہ سوچيو آهي تہ متان منھنجي راڻي جو هُجي، اڄ شايد اهو شگون ۽ ٻڍڙن جو ٻول ثابت ٿيڻو هو تہ اُهي قول ۽ ٻول جيڪي صدين گذرڻ کان پوءِ وجود ۾ آيا هئا، انھن ۾ حقيقت، تجربي ۽ انسان جي عقل ۽ فھم جو پورو پورو نچوڙ ۽ ميٺاس سمايل آهي. جيئن ماکي ۾ محنت سان ڪٺي ڪيل مختلف گلن مان چوسيل ۽ سميٽيل رس، جيڪو هڪ اڪسير ۽ بھترين خوراڪ، ۽ مرڪب آهي. اڄوڪي ٽپال ۾ هڪ لفافو هو جنھن تي By Air Mail لکيل هو. مون تہ ڌيان نہ ڏنو ليڪن ساڳئي بزرگ ورجايو تہ ادا خوشخبريءَ انھيءَ خط ۾ سمايل آهي، جي اعتبار نٿو اچيئي تہ کڻي کول. پر مون لھرائيندي خاني ۾ رکڻ جي ڪوشش ڪئي، پر تنھن هوندي بہ اهڙين ڳالھين ۽ موقعن تي سائنس ۽ ايجاد وسريو وڃن ۽ ماڻھو اتفاق ۽ وهم جون بندشون لتاڙي، ٻڍڙن جي ڳالھين تي ڀروسو ڪريو ڇڏي. مون خط تہ في الحال خاني ۾ رکي ڇڏيو ۽ اهو ٻڍڙو بہ ويو هليو، ۽ جڏهن واندڪائي ۾ اهو کولڻ جي تياري ڪيم، تڏهن ڪجهہ ڏٺل وائٺل ڄاتل سڃاتل پر تبديلي جي مراحل مان گذريل، اکر سڃاڻڻ لاءِ ذهن تي زور ڏنم. ڪجهہ يقيني ۽ غيريقيني جي مليل جليل ڪيفيت هُئي ۽ وائڙو ٿي ويس، جڏهن ٻئي پاسي لفافي جي ڏٺم تہ خط تہ واقعي راڻي جو آهي. مان انھيءَ ٻڍڙي جو وات مٺو ڪرڻ لاءِ ماکي ميڙڻ جي ڪوشش ۾ هوس، ليڪن ٻڍڙو بہ وڃي چڪو هو ۽ همراهن ماکي جي مکين کي بہ پنھنجي گهر ۾ پنھنجو آکيرو ٺاهڻ نہ ڏنو. شايد هن گهر ۾ نہ اڳي ڪڏهن ڪو آکيرو ٺھيو آهي ۽ نہ ٺھندو. مون وري خط کي خاني ۾ رکي ڇڏيو پر خيالن جي طوفان ۾ ماضي جي پردي تي، پنھنجي دلڪش ۽ وڻندڙ يادن جا ڪجهہ ڌنڌلا نقش ۽ چٽ ظاهر ٿي رهيا هئا، جيڪي اکين مان وهندڙ لڙڪن جي برسات ۾ وڌيڪ حسين، دلڪش هئڻ جي خوبي سان گڏ اڻ مٽ ۽ امر هئا.
اٽڪل ڏھہ سال اڳ، مون راڻي کي حيدرآباد اسٽيشن تي پنڌرنھن منٽ جي مختصر ملاقات ۾ ڪراچي کان ايندڙ عوامي ايڪسپريس مان روئي موڪلايو هو. پنھنجي هٿن ۾ ٻئي ڪوڪ جون بوتلون جيئن جو تيئن ڀريل ٺريل واپس ڪيم ۽ پنھنجا پورا پيسا ڏنم، تڏهن ڪارنر واري پڇيو تہ ”صاحب مھمان نھين آئي“ ۽ چيم ”آئي اور چلي بھي گئي“. پيسا نہ پيو وٺي پر مون زوري ڏنامانس. اسان جي ٻنھي طرفن جي ڳالھين ۾ هڪ گاڏي جي اندر ٻيو ٻاهر، هڪ ويٺل ٻيو بيٺل، هڪ عورت ٻيو مرد جو فرق صاف ظاهر هو، باقي اسانجي دل، شايد هڪٻئي کي ڏسڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهہ بہ ڏيئي وٺي ۽ چئي ٻڌي نہ سگهياسين. پليٽ فارم تي گاڏي ۾ ڇا چئبو ڇا نہ چئبو آهي. بس بنا چوڻ ۽ ٻڌڻ جي اسان انيڪ ڳالھيون هڪ ٻئي سان ڪيون ۽ ٻڌيون. اسان کي هڪٻئي کان وڇڙڻ جو وڏو ڏک ۽ صدمو هو، پر اسان پاڻ کي ذهني طور تي انھيءَ لاءِ تيار ڪري ڇڏيو هو. انسان ڪڏهن ڪجهہ سوچيندو آهي چوڻ لاءِ پر ڪجهہ بہ چئي نہ سگهندو آهي. چوڻ جو موقعو ۽ ماحول نہ هوندو آهي ۽ حالات کيس هڪ لفظ بہ ڪڇڻ يا هٿ جو هٿ کي ڇُهڻ بہ نصيب ٿيڻ نہ ڏيندا آهن. هي دنيا، ڪيڏي بہ سچائي ۽ پاڪائي واري محبت جي دعويٰ ڇو نہ پر هڪ سُئي برابر بيک بہ ڪنھن کي ڏيڻ لاءِ يا بخشڻ لاءِ تيار ڪونھي. ڳالھہ مان ڳالھوڙو ٺاهڻ تہ ڏائي هٿ جو کيل آهي. انھيءَ آخري ملاقات وقت جو پليٽ فارم بہ اڃا تائين منھنجي قيمتي شين جي لسٽ ۾ شامل ۽ محفوظ آهي، پر مان ڪنھن سان ڳالھہ نٿو سلي سگهان تہ هي پليٽ فارم مون ڪڏهن ڪٿي ۽ ڪھڙي موقعي تي ورتو هو.
مون جيڪي ڪجهہ چوڻ ٿي چاهيو. سو پني ٽڪر تي لکي لفافي ۾ وجهي گاڏي ڇٽڻ وقت کيس سپرد ڪيم ۽ موٽ ۾ هڪ سوغات وصول ڪيم، الاجي ڇا آهي مون سوچڻ جي زحمت بہ نہ ڪئي، سڀڪجهہ سون سمجهي، سيني سان سانڍي، وري وري نھاريندي، چُمندي، سُنگهندي اچي گهر کوليم، تڏهن خبر پيم تہ هي بائيبل جو نئون ڇاپو هو، جنھن جي وچ ۾ ڳاڙهي ربن لڳل هئي، تنھن صفحي تي هي آيت لکيل هئي، جنھن جو مطلب ڪجهہ هن ريت هو. ”خداوند پنھنجي ٻچن سان ايترو پيار ڪري ٿو، جنھن جو مثال هن ڪائنات ۾ ڪٿي بہ ڪونھي، بلڪہ ايئن جيئن مصور پنھنجي حسين تخليق سان ڪري ٿو، هُو انھي4 کي ڪڏهن بہ ڏک ڏيڻ، تڪليف ڏيڻ دل رنجائڻ نٿو چاهي، بلڪہ نھايت ذميواري سان هن جون لاتعداد خواهشون پوريون ڪري ٿو، پر انساني عقل جُز جو مالڪ ٿي، اهو هرگز تسليم نٿو ڪري تہ منھنجون سڀ خواهشون پوريون ڪيون ويون آهن- اهو تہ عقل ڪُل جي مالڪ جو ڪم آهي تہ پيءُ وانگر ٻچي جي هر جائز ۽ پاڪ خواهش پوري ڪري ۽ پوءِ توهان جيڪڏهن يقين ڪريو ٿا تہ خداوند هرهڪ التجا ۽ دعا ضروري پوري ڪري ٿو ته، اعتماد رکو ۽ گهرو جيڪڏهن هن مھل تائين توهان ڪجهہ وسوسي ۾ نہ گهري سگهيا آهيو.“ جو ڪجهہ اڳين صفحي تي لکيل هو، جنھن جو مطلب تہ مان بچپن کان پڙهندو آيس، پر انھن جو اثر منھنجي دل تي نہ ٿيو. پر اڄ جڏهن پڪي عمر جي ڏاڪڻ تي چڙهي رهيو اهيان، تڏهن انھي مفھوم کي سمجهڻ ۾ ڪجهہ نيون ڳالھيون ۽ حڪمتون نئين معنيٰ ۽ سمجهاڻي سان نظر اچن پيون. ”محبت خدا آهي ۽ خدا محبت آهي.“ بظاهر ڇھن لفظن جو هڪ جملو مڪمل جملو بہ آهي پر انھيءَ جي هڪ هڪ لفظ ۾ پوري ڪائنات، انھيءَ جو مقصد، ۽ هر مسئلي جو حل ۽ رستو ڏيکاريل آهي. ٽي لفظ ڦيرائي رکڻ ۾ جملي ۾ ايترو فرق پوي ٿو، جو خدا جي ڏسيل واٽ ۽ انھيءَ جي ابتڙ اسانجي ورتل واٽ ۾ آهي. مرڪز مفھوم، مقصد، ابتدا، انتھا، سڀ هڪ نڪتي جي چؤگرد ڦري پيئي ۽ اهو ”پيار“ جو اتم ۽ اعليٰ نڪتو آهي. خدا توهان کي پيار جو ڀنڊار ڏسڻ چاهي ٿو ۽ پاڻ بہ پيار جو ساگر آهي. هر ڪم کي هڪ منصب کي، هر عدل کي، محبت ۽ محنت سان ڪرڻ ۽ انھيءَ جي تڪميل لاءِ ٻئي جذبا لازم ۽ ملزوم آهن. اگر ڪڏهن توهان مايوسي ۽ شڪ جو اظھار ڪريو ٿا تہ توهان جي محبت ۽ محنت اڻپوري ۽ اڌوري آهي.
راڻي سان منھنجو گذريل ستن سالن کان تعلق هو، ۽ مون گاڏي ڇُٽڻ تي وڌي اُنھن پٽڙين کي وڃي پيار ڪيو، جن تي گاڏي بيٺل هئي ۽ اڄ تائين جڏهن اُتان مٽندو آهيان، تڏهن لڪل جذبن ۽ احترام سان ڪنڌ جهڪائي گويا سجدو ڪندو آهيان، انھيءَ محبت جي آخري عظيم مينار ۽ يادگار تي. مونکي ايڏي عزت، پيار ڏيندي هئي، جو مونکي پھريون دفعو محبت ۽ اخلاص جو احساس جاڳيو. جڏهن مان پنھنجي غمن ۾ غلطان ٿي، بيوس ۽ لاچار ٿي پوندو آهيان. تڏهن خوابن ۾ پنھنجو حسين مسڪرائيندڙ چھرو پسائي مونکي جيئڻ جي واھہ ڏيکاريندي آهي ۽ جڏهن چؤطرف سورن ۾ وچڙي پوندو آهيان ۽ جيئڻ جو رستو ۽ گهاٽ نہ ملندو آهي، تڏهن مونکي ڄامشوري جي پل ڏانھن ويندڙ رستي تان گاڏي کي روڪي واپس موڪليندي آهي. جڏهن مان هن دنيا جي ڪوڙي ۽ نقلي پيار کان دل شڪستہ ٿي ڀڄي، پرزا پرزا ٿي پوندو آهيان، تڏهن اچي منھنجي مُنھن تان هٿڙا گهمائي، منھنجا لڙڪ اگهي مونکي وري تازو توانو بنائي، منھنجي حالت سڌاري دلجوئي ڪري وري زندہ رهڻ جو نئون روح، نئون، جذبو ۽ نئون پيغام ٻڌائي ويندي آهي ۽ مان ڪجهہ مطمئن ٿي اياز جو هي بيت ورجائيندو آهيان تہ ”جي هانوَ نہ هارين ڪوهيارل- هي ڏينھن بہ گذاري وينداسين.“ پيار جو هڪ پنھنجو هو مقام ۽ ڪسوٽي هر هڪ انسان جي دل ۽ نظر ۾ هوندو آهي. ڪي پيار جو انجام ۽ منزل شاديءَ ٿا سمجهن ۽ ڪي انھيءَ کي مٿي پر بلڪل مٿي، هميشہ متبرڪ رکي جنسيات کان پاڪ ۽ صاف رکي، پنھنجو هر وڌندڙ قدم رڳو ڏسڻ ۽ پسڻ تائين محدود رکي پائڻ ۽ محسوس ڪرڻ ۾ پاڻ کي محو ٿي پنھنجا سڀ چائنٺ چمڻ جي آرزوئن تائين محدود رکن ٿا. سندن خيال ۾ جنھن سان شادي ڪجي، ۽ پيار جي منزل يا فتح سمجهجي، اهو صحيح نہ آهي. جنھن سان پيار ڪبو آهي، ان سان شادي نہ ڪجي- ۽ اگر شادي کان پوءِ توهان جي اعتماد ۽ سچائي ۾ ڪجهہ فرق اچي وڃي ٿو تہ توهان جي محبت جو مينار هڪدم پٽ تي اچيو ڪريو پوي ٿو، پر توهان حسب معمول اکيون آسمان ۾ اٽڪائي پراڻي جستجو ۾ پراعتماد هوندا آهيو، ۽ در- دروازه هر وقت کولي ڇڏيندا آهيو. جنھن مان توهان کي لکين حسين ۽ جميل چھرا نظر ايندا آهن ۽ توهان جو مرڪز هٽي ۽ دل هرکجي هرجائي ٿي پوندي آهي. ان سان اُنسيت، اُڃ، ميٺاس محبت تونس مالي ٿي پوندي آهي، شڪوہ شڪايتون جنم وٺنديون آهن. منھنجي نظر ۾ محبت ڪرڻ، نڀائڻ ۽ شادي نہ ڪرڻ محبت جي معراج آهي- انسان جي خواهش جي تڪميل کان پوءِ انھن جي اهميت- تقدس- لذت، جاذبيت باقي هرگز نٿي رهي. خط ملڻ سان خاطري ٿي ويئي تہ ڪنھنجو آهي، پر مان منجهي پيس تہ هاڻي ڇا ڪريان؟ ڇاڪاڻ تہ مان پنھنجا سالن جا سانڍيل، سيني ۾ سمايل، مغز ۾ محفوظ خواب ايئن هڪدم ڪيئن پاش پاش ڪريان؟ مان ايئن ڪرڻ هرگز نٿو چاهيان. مون تہ وچ واري ڏھہ سالن جي سفر ۾ بلڪل اڪيلو، تن تنھا، بکيو ۽ اُڃيو سفر ڪيو آهي، جنھن ۾ مونکي سواءِ هن جي تصور ۽ تصويرن جي ڪوبہ دم دلاسو، ڏيڻ وارو، دل تي ڇنڊو وجهڻ وارو ڪونہ هو. مان پنھنجي منزل اها ئي سڀ ڪجهہ سمجهي قناعت ۽ صبر ڪري ويھي رهيس. مون پنھنجو سفر بظاهر اڪيلو بباطن هڪ اهڙي تصوراتي ساٿي جي سنگت ۾ گذاريو، جنھن جو وجود مونکان ڏھہ سال اڳ ڇڪي ڇنيو نہ ويو، پر مون مصلحتن ۽ مفروضن جي ڪاڻ، هڪ اعليٰ آدرش جي آس ۾، ايئن بظاهر خوشيءَ سان پر اندر ماتمي دل ۽ دماغ سان رخصت ڪيو. اصل محبت جي نباهڻ ڪاڻ ڪا قرباني بہ ڏبي آهي ۽ منھنجي سوچ ۽ سمجهہ مطابق محبت نالو ئي آهي قرباني جو. بنا محبت جي هڪ وقتي لڳاءُ ۽ جهڪاءُ تہ ٿي سگهي ٿو، چندگهڙين جو ساٿ تہ ٿي سگهي ٿو پر امر ساٿ نٿو نڀائي سگهجي. اسان جو مغز جسماني ڪشش ۽ جواني جي جاه جلال کي ڏسي هرکجي ۽ موهجي تہ سگهي ٿو پر کن پل کانپوءِ، ميدان صاف ۽ گناھہ معاف ٿيو وڃن. اصل تہ مقصد جٽاءَ، نباھہ ۽ لڳاءَ آهي. جنھنجو نقش زندگي جي آخري گهڙي تائين انسان جي محبت جي ڪينواس تي، هڪ اُڪريل اُڀريل تصوير مثل اٽل حقيقت ۽ جُز هوندو آهي، جنھن جو ڪوئي تصور نہ بلڪہ زندہ وجود هوندو آهي، جيڪو امر- اڻ مٽ ۽ اٽوٽ هوندو آهي.
مان اهو سوچي خط کولي نہ پئي سگهيس تہ الاجي اندر ڇا هوندو؟ ڇا سندس پراڻي محبت کان انڪار ۽ پڇتاءُ جو پاڇو يا پڙلاءُ هوندو! ڇاڪاڻ تہ هوءَ هاڻي ٽيھن جي ڏهاڪي تي ٻہ چار قدم کڻي چُڪي آهي، ڇا هن جا ٻار ۽ شريڪ حيات هن جي دل ۽ دماغ ۾ منھنجي پراڻي عڪس تي، ڪو نئون رنگ نقشو، ڪا تصوير ڪا سوچ تہ ڪونہ اُڀاري سگهيا آهن، مونکي اچي پنھنجو ڊپ لڳو، ڇاڪاڻ تہ مون هرگز پاڻ کي پنھنجي وجود ۽ اهميت کي هڪ وار برابر بہ گهٽ نٿي ڪرڻ گهُريو. پر منھنجي اندر جي انسان ضمير جي ضميري ظرف جي ذوق، مونکي تسلي پئي ڏني، تہ محبت جنھن لاءِ قرباني ڏجي، پرورش ۽ پوڄا ڪجي سا ڪڏهن بہ ختم ٿي نٿي سگهي. هن جا نقش ۽ چٽ پئي پراڻا نٿا ٿين بلڪہ هن جي بئڪ گرائونڊ ۽ بنيادي ساخت کي نوان موڙ تہ ڏيئي سگهن ٿا، وقت جي ضرورتن مطابق، ڪڏهن ڪارو ڪڏهن ڳاڙهو برش تہ ڦيرائي سگهجي ٿو. پر انھيءَ سان اُها پراڻي تصوير مِٽجي اصل نٿي، بلڪہ ان ۾ نگار ۽ نکار، انوکي نواڻ اچي ٿي. سچائي تي اڏيل عمارت، هڪدم واري جي ڪوٽ وانگر ڪري ڍير ٿي نٿي سگهي. پر اهڙا ٻيا انيڪ انومان ۽ انديشا مونکي وڪوڙي ويا، مون پاڻ کي ڪڏهن مظلوم ڪري پيش ٿي ڪيو تہ شايد منھنجي گذريل ڏهن سالن کان، خاموش، خط ڪتاب کان عاري زندگي تي حملو تہ ڪونہ هوندو! بيوفائي ۽ بزدلي جو ٺپو تہ ڪونہ هوندو. حالانڪہ مون ٻہ ٽي شروع ۾ خط لکيا ليڪن جواب نہ ملڻ تي، مونکي سندس اُهي لفظ ياد آيا تہ ”جيڪڏهن مان توکي خط نہ لکي سگهان، ڪنھن مصلحت ڪاڻ، تہ منھنجو ڏس پتو، حال احوال منھنجي مائٽن کان پڇجان“ ۽ ايئن مان اعتماد ۽ انتظار جي ڏاڪڻ تي روز هڪ قدم مٿي چڙهندو ويس ۽ اڄ جڏهن مان انھيءَ عمارت جي آخري چوٽي تي پير ٽڪائي، منزل ڄمائي ۽ پائي ويٺو آهيان. تڏهن بلڪل سُڪون، اطمينان سان ساھہ کڻي رهيو آهيان. پر هاڻي مان پٺتي نڪو ٿو هڪ هڪ ڏاڪو ڪري وڃڻ چاهيان، نڪو ٿو مٿان ماڙيءَ تان هڪدم ٽپو ڏيڻ چاهيان. مان تہ پنھنجي انھيءَ ماڙيءَ تي اڏيل شيڊ، ۽ ڪاريڊور ۾ بيھي، پٺتي طئي ڪيل سفر تي، وڻندڙ، لڀائيندڙ، تراوت ڏيندڙ ۽ راحت بخشيندڙ نظر ٿو وجهڻ چاهيان ۽ ايئن دل وندرائڻ ٿو چاهيان، ڇاڪاڻ تہ منھنجو سفر تہ عنقريب پورو ٿيڻ وارو آهي ۽ صرف نتيجي جي اعلان جو انتظار آهي. مان ڏاڍو خوش آهيان پنھنجي محبت جي ڪارڪردگي تي، جنھن جي هر ڏاڪي تي مون پاڻ کي موت جي چنبي مان بہ بلڪل محفوظ سرِ ٻاهر ڪڍي، کليو ۽ ٽھڪ ڏيئي پنھنجي وفائن جي نشي جو ڍُڪ ڀريو. پنھنجي وچن مطابق نينھن نڀايو، تہ مان صرف محبت جي معاملي ۾ سُرخرو ٿيان، ڳاٽ اوچو رهي، ڪنڌ هرگز نہ جهُڪي، ندامت نہ جهلڪي پر مان هڪ ڳالھہ کان ڊڄڻ لڳس تہ متان منھنجي آزمائش جو وقت اچي ويو آهي ۽ مونکي پنھنجو ساٿ هن سان ڏکئي وقت ۾ يا سُکئي وقت ۾ بنفس نفيس نباهڻو پوي، ڇاڪاڻ تہ ايتري وقت کان پوءِ يادگيري جو مقصد ڪو هلڪو ۽ تصوراتي تہ نہ هوندو، شايد مان زندگي جي نئين موڙ ۾ بخوشي يا مجبوري، طور شامل ٿيڻ لاءِ پنھنجو ذهن تيار ڪريان. زندہ رهڻ لاءِ ۽ زندگي جي عملي ساٿ نباهڻ لاءِ ڇاڪاڻ تہ محبت جو ڀرم رکڻ لاءِ وچن نباهڻ لاءِ ڪڏهن زهر کي بہ زم زم ڪري پيڻو پوي ٿو.
جيئن ڌرتي ۽ آڪاش جون سرحدون اچيو پاڻ ۾ ملن ٿيون تيئن محبت ۽ قربانيءَ جون بہ سرحدون اچيو پاڻ ۾ ملن ٿيون. جيئن ڌرتي ۽ آڪاش تي انڊلٺ جي ڪمان ٿي ڪراس ڪري ۽ اُڀري، دل لڀائي، تيئن محبت جو سفر بہ انڊلٺ مثل آهي. جيئن انڊلٺ ۾ ست رنگ سمائجي رنگ برنگي نقش ٿا اڀارين پر کين پڪڙي ۽ جڪڙي نٿو سگهجي بلڪل تيئن محبت جي انڊلٺ جا ٻئي ڇيڙا ڌرتي ۽ آڪاش کي ساڳئي وقت ڇُهن ٿا، پر پنھنجو تقدس ۽ ڀرم برقرار رکن ٿا. محبت جي انڊلٺ جا ٻئي ڇيڙا ڌرتي ۽ آڪاش کي ساڳئي وقت ڇُهن ٿا، پر پنھنجو تقدس ۽ ڀرم برقرار رکن ٿا. محبت ۽ قرباني بہ لازم و ملزم جذبا آهن، جيڪي ٻئي آڪاش ۽ ڌرتي کي ڇُهن ٿا. ڪو جوڙو ڌرتي تي خوش رهي ٿو تہ ڪو قرباني جي جنگ لڙي آڪاش تي امر ٿيو وڃي ۽ جنھن ۾ جيتري وصعت، جيتري سچائي، جيتري وفا، جيتري قوت آهي، انھيءَ آهر هو هر ميدان ۾ جنگ لڙي ٿو، ٻئي محاذ ڏاڍا ڏکيا آهن، محبت ۽ ميلاپ بہ هڪ شيءِ جا ٻہ رخ آهن. هڪ شيءِ جا ٻہ نالا آهن. هڪ ۾ ابتدا سمايل آهي تہ ٻئي ۾ انتھا، هڪ ۾ پھريون قدم تہ ٻئي ۾ آخري قدم، هڪ ۾ ازلي ٻنڌڻ جا ٻول تہ ٻئي ۾ منزل جي آرزو. جتي انسان نفس جو غلام ٿو بنجي اتي پنھنجي آڪاش تي اڏيل گهر تان ايئن اچي ڌرتي تي ڦھڪو ٿو ڪري، جيئن ڪا شيءِ بلڪل هلڪي ۽ بي وزن هجي ۽ ڌو اچي زمين تي ڪري، ۽ ايئن سندس محبت جو ڀرم ۽ تقدس ٽٽي چڪناچور ٿي پوي ٿو، محبت جي انڊلٺ جي جاذبيت ۽ نقش نگاري بہ ميٽجي ۽ ميسارجي وڃي ٿي. منٽن کان پوءِ بلڪل انڊلٺ جي گم ٿيڻ وانگر سڄو آسمان بلڪل صاف نظر اچي ٿو، ڄڻ پولار ۾، رڳو ڌرتي وڃي رهي آهي، ۽ آڪاش بہ خالي خالي لڳي ٿو. منجهس رنگ برنگي جهرمٽ نظر نٿي اچي، رڳو وجود آهي. نفس انسان کي ايورسٽ جي چوٽيءَ تان ڪيرائي محبت جي بت کي عربي سمنڊ ۾ ٻوڙيو ڇڏي ۽ پٺيان پڇتاءَ کانسواءِ ڪجهہ بہ هڙ حاصل نٿو ٿئي.
مان خط گهڙي گهڙي فرص ت ۾ کولڻ لاءِ سانباھہ ڪرڻ لڳس، پر منھنجي همٿ نہ پيئي ٿئي جو مان اُنھيءَ کي کڻي کوليان ۽ پڙهان ۽ ايئن مان ڪوششون ڪندو رهيس پر هر ڀيري ڪنھن نئين وسوسي ۽ ابھام ٿي اچي مونکي وڪوڙيو. آخر اتفاقي ۽ حادثاتي قضائون بہ انسان کي ڇورو ڇنو، اڪيلو ۽ نئين ساٿي جي تلاش لاءِ مجبور ڪريو ڇڏين ۽ ائين ڪڏهن خوشي ڪڏهن غم انسان جو ساٿ واري واري سان ٿا اچي نڀائين.
پر مون سوچيو مان جيئن آهيان، بس تيئن مطئمن آهيان. هاڻي مان ڪنھن خوشي جو خواب يا تصور نٿو ڏسي ۽ پسي سگهان. مون ۾ باقي هاڻي خوشي سھڻ جي ڪا بہ سگهہ يا خواهش نہ رهي آهي. مون پنھنجي اکين جي آبشارن مان روئي روئي، باقي هڪ ڦڙو بہ بچائي نہ رکيو آهي، جيڪو مونکي ڪڏهن اوچتي خوشيءَ ۾ بہ بوقت ضرورت وهائڻو پوي. منھنجي توانائي جا تلاءُ سُڪي ٺوٺ ٿي ويا آهن. منھنجي سرسبز زمين ۾ جواني، توانائي جي باقي ڪا بہ خوشبوءِ نہ رهي آهي. پر پوءِ بہ مان الاجي ڪيترو خوش آهيان، اُهو صرف آئون ڄاڻان ٿو. ڪڏهن سچ چئي ويندو آهيان. ڪڏهن ڪوڙ چئي، پنھنجي ڪيفيت لڪائي، جزوي خوشيءَ جو سماءَ ۽ ٽِڪاءِ پيدا ڪندو آهيان ۽ حقيقت ۾ ڏک ۽ سُکَ جي تفريق مون وٽ هاڻي نہ رهي آهي. مان ٻنھيءَ کي پنھنجو پاڻ ۾ سموئي ۽ سمائي جذب ڪري چڪو آهيان ۽ نہ مونکي ڪنھن هڪ جو سرو ڇيڙو ڇڪي آخر تائين پھچي ڪنھن ٻئي ڇيڙي جو پتو ڪڍڻو آهي. ٻئي ڇيڙا مون وٽ محفوظ آهن. جڏهن اهو سُٽ مان سلجهائڻ چاهيندس، اهو هڪ ڊگهو زندگي جو سفر هوندو، جيڪو بي داغ، بي رنگ، ڪنھن نائلون جي ڌاڳي جيان هوندو، مضبوط، ڀرجهلو ۽ اهڙو هرگز ڪچو ڌاڳو نہ جيڪو کن پل ۾ ٽٽي پوي.
آخر مون پنھنجي فرضي سوچ جي دنيا ختم ڪري، واندو وقت تاڙي، هڪ چانڊوڪي رات جو، بلڪل تنھائي ۾ ڪھڪشان جو سفر شروع ڪيو. ڏاڍو انتظار هو مونکي خط جي مواد جو، جيڪو هڪ پل ۾ منھنجي اڳيان ظاهر ٿيڻ وارو هو. منھنجو سڄو جسم ڏڪي رهيو هو، دل ڌڙڪي رهي هُئي. هڪ اڻ ڄاتل مستقبل جي منظر ڏسڻ لاءِ. مون آخري وقت سوچيو ڀلا ڇا هوندو اندر؟ ٿي سگهي ٿو راڻي سالن کانپوءِ مائٽن کي ملڻ لاءِ ملڪ اچي ۽ پوءِ مونکي بہ نہ ملي ايئن کيس نٿو جڳائي. پر مان سندس حاضر حيثيت تسليم ڪندس؟ ڇا هو اڃا منھنجي آهي؟ صرف منهجي! هن جي ملڻ جي آس مون ڪڏهوڪو نراس ۾ بدلائي، اهڙي تمنا ۽ خواهش جو خيال ئي دل مان ڪڍي ڇڏيو. مون تہ سدائين پاڻ کي اُڃيو ۽ بکيو رکي دل کي پڪو ڪري ڇڏيو آهي. مان سدائين ايئن رهڻ چاهيان ٿو، انھيءَ ڪيفيت ۾ هڪ ڊگهي انتظار ۽ اعتماد جي ڪيفيت ۾ مونکي ڪجهہ بہ نہ ٿو کپي. مان خط کولي پڙهڻ لڳس. هر ڳالھہ جي احوال ۽ اختصار سان گڏ، پيار ۽ پويترتا سان گڏ، معذرت ۽ اقرار سان گڏ، اعتماد ۽ انتظار سان گڏ ايندڙ ڪرسمس تي قرب جي ڪوٺ ۽ ساڳي محبت جي موٽ جو وعدو ورتل هو.