رات، اڌ چنڊ جي قاتل آ!
ليکڪ: فياض چنڊ ڪليري | پڙهڻ جو وقت: 9 منٽ
”زال مڙس جي هڪڙي ئي ڪمري ۾ هڪڙي ئي بيڊ تي سمھڻ جي باوجود جڏهن گهر ۾ چاهتن جو گواھہ ڪو گلاب نہ ٽڙندو آهي تہ پوءِ الائي بہ ڇو بيوھہ پڻي جو احساس اندر سلوپوائزن جيان ڦھلجڻ لڳندو آهي، سوچيان ٿي، انھيءَ احساس جو عذاب رڳو عورت جي دل جي کاتي ۾ ئي ڇو ويندو آهي ....“
بيڊ روم ۾ ليمپ جي شفاف روشني ۾ ڊائري تي پنھنجن محرومين جا ڪومايل گلاب ٽاڪيندي هُن جون آڱريون ڏڪڻ لڳن ٿيون، اوجاڳيل اکيون کڻي، هوءَپنھنجي اکين ۾ آيل اداسي ڪمري ۾ موجود شين سان شيئر ڪرڻ چاهي ٿي، پر ڪمري ۾ موجود هر شيءِ رات جي ڀاڪر ۾ گم، سندس سامھون ٽي وي ڪيبن مٿان پيل خاموش ٽي وي، ڪيبن جي هيٺين خانن ۾ وي سي آر ۽ ڊيڪ بہ چپ، ديوارن تي لڳل سينريون ۽ پورٽريٽ بہ پنڪين ۾ ... بوڪ شيلف ۾ رکيل ڪتاب بہ پنھنجن حرفن جي ٻانھن ۾ ڀڪوڙيل رڳو هوءَ ۽ سندس ڊائري جاڳيل......
بيڊ تان اُٿي سليپنگ گائون کي ٺاهيندي هوءَ ڊريسنگ ٽيبل سان ڀرسان اچي بيھي ٿي، ڀرسان ئي بورڊ تي هٿ رکي ٽيوب لائيٽ آن ڪري پاڻ کي سئٽي تي ڦٽو ٿي ڪري.
ڊريسنگ ٽيبل جو آئينو بہ پاڻ جيان کيس رٺل لڳي ٿو، آئيني تي پنھنجا هٿڦيريندي هوءَ ٽٽندڙ لھجي ۾ آئيني سان مخاطب ٿئي ٿي، ڄڻ آئينو سندس هر ڳالھہ ٻڌندڙ ۽ سمجهندڙ هجي.....
”منھنجي اندر جي اڪلائي منھنجي محروُميءَ جي ڪھڙي ڪھڙي شاهراھہ کي ماپي.... ڪنھن بہ راھہ تي تڪميل جو ڪو بہ سائين بورڊ نہ ٿو اچي، هر چوڪ تي ماڻھن جي ميلي ۾ پاڻ کي اجنبي محسوس ڪندي پنھنجي پاڇولي سان گڏ کسڪي اچان ٿي ۽ منھنجي ڳالھہ جي بي چين ڌڙڪن نانگ جي ڦڻ جيان منھنجي روح کي ڏنگيندي رهي ٿي..... سوشل لائيف جون سموريون رنگينيون ۽ آسائشون مون کان گهٻرائي لڪي وڃن ٿيون ۽ هاڻ تون بہ اکيون چورائڻ لڳو آهين..... تون ئي ڏس ! مان ڪاڏي وڃان... ڪنھن جي ڪُلھي تي ڪنڌ لاڙي روئان ۽ ڪوئي مون کي ڳراٽڙي پائي منھنجا ڳوڙها اگهي، مون کي پيار سان سمجهائي چوي زيبو! ڇو ٿي پنھنجو پاڻ کي اڪيلو سمجهين ... مان جو آهيان تنھنجو ۽ صرف تنھنجو “.
هُن کي محسوس ٿيو ڄڻ آئينو ساڻس گڏ روئڻ لڳو آهي، هُن کي آئيني جو لسو تھہ گهميل محسوس ٿيو، پل لاءِ کيس لڳو ڄڻ آئينو پنھنجون ٻانھون ڦھلائي کيس ڳراٽڙي ڀريندو .... پر آئينو پنھنجي جاءِ تي قائم... ،ڪمري جي هر شيءِ پنھنجي جاءِ تي ساڪن .... ڇڙوهوءَ هُن جون اکيون ۽ دل متحرڪ.... پنھنجين اکين جي اُٻاڻڪائي کي آئيني تان ميڙي هو اٿي ٿي، ڪمري ۾ ڪجهہ لمحا بي مقصد پسار ڪرڻ کانپوءِ ڪمري جي کاٻي پاسي کان ٺھيل بالڪوني ۾ اچي بيھي ٿي آسمان ۾ لٽڪيل پھرين تاريخن جو چنڊ کيس پنھنجي من جيان اُٻاڻڪو اٻاڻڪو ڀاسي ٿو، بالڪوني جي سامھون هيٺ ڪجهہ فرلانگن تي موجود پارڪ ۾ ٺھيل جهولا ۽ ٻاراڻي گسڪڻ کيس ڪنھن زيادتي ٿيل عورت جيان گهوريندي محسوس ٿين ٿا، باغ جي وچ ۾ لڳل See Saw کي هوا تي خالي لڏندي ڏسي کيس پنھنجي محرومي جو شديد احساس ٿئي ٿو.
هوءَ اکيون ٻوٽي تصور ئي تصور ۾ پنھنجو پاڻ کي See Saw جي هڪڙي ڇيڙي تي ويٺل ڏسي ٿي ۽ ٻي ڇيڙي تي معصوم ٻارڙيِ کي ويٺل محسوس ڪري ٿي پر ٻئي پل هوا جو تيز جهوٽو سندس تصور جي نفيس پردي کي چيري گذري ٿو وڃي، هو باغيچي مان نظرون هٽائي بنگلي جي مين گيٽ مٿان ٻرندڙ بلبن کي گهوري ڏسي ٿي ... گيٽ ڀرسان اندرين پاسي ڊيوٽِي تي موجود سپاهي ڪرسي تي ننڊ جي جهوٽن ۾ ... هوءَ پنھنجي نھار جا کوليل ٿان ويڙهي، بالڪوني مان ٻيھر ڪمري ۾ موٽِ اچي ٿي، بالڪوني ڏانھن کلندڙ در ۽ دريون ٺيڪ طرح سان بند ڪري اي سي آن ڪري ٻيھر بيڊ تي سمھي ليمپ جي شفاف روشني ۾ لکڻ جي ڪوشش ڪري ٿي .... ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي خالي جاءِ سندس مڙس جي غير موجودگي جي احساس کي کُرچڻ لڳي ٿي، جيڪو معمول مطابق پنھنجي رات پنھنجي ڪلاس ۽ ۽ ڪليبر جي ماڻھن سان شيئر ڪندو هوندو، هوءَ ٻيھر ڊائري جي ڪاغذن تي احساس جا ڪمائيل گلاب چنبڙائڻ لڳي ٿي، مون تہ سمجهيو هيو هن جي سفر جون سڀ ڏسائون منھنجي وجود جي شھر جي گهاٽ تائين ڇيھہ ڪنديون .... منھنجو انگ انگ هن جي ڇھاءُ جي روشني سان سدائين روشن رهندو... پر هُو بہ وقت جي دلفريب چادر ۾ اچي ويو آهي .... منھنجن چپن مان نڪرندڙ پيار ڀرين لفظن بدران ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ ڪمشنر جا ٽيليفون تي مليل احڪام هن لاءِ ياد رکڻ جھڙا ٿي ويا آهن... هو بيورو ڪريسيءَ جي ڌُٻڻ ۾ ڦاسي پيو آهي ... ۽ مان اڃا بہ پاڻ کي سندس دل جي درياھہ ۾ ٻوڙڻ جي طلبگار آهيان ... هوءَ ڊائري تان نظرون هٽائي ڊبل بيڊ جي کاٻي پاسي جي خال ڏانھن ڏسي ٿي،
بيڊ جي خالي پيل جاءِ کيس پھاڄ جيان ڏند ڪرٽيندي محسوس ٿي ٿئي، پنھنجي بيورو ڪريٽ مڙس افتخار حسين بلوچ کي ساريندي کيس يونيورسٽيءَ ۾ انگلش لٽريچر جي فائنل ايئر ۾ پڙهندڙ رورل ڪلچرڊ، آدرشي ۽ جذباتي نوجوان ياد ٿو اچي، اڄ ڪيڏو بدلجي ويو آهي اهو افتخار حسين ....! موئن جي دڙي جي مٽيءَ جي خوشبو، مڪليءَ جي مينارن جي افاديت، ڪينجهر جي سونھن، شڪارپور جي تاريخي دردن جي اهميت، ٿر جي وارياسي پنڌن جي ٿڪ ۽ڪراچي جي بي پرواھہ سمنڊ جي ڇڙواڳ ڇولين جي ڇڪ تي ڪلاڪن جا ڪلاڪ ڳالھائيندڙ اهو لٽرري اورينٽيڊ شخص تہ ڄامشوري ۾ ئي ڪٿي وڃائجي ويو هو !
مئي ۽ جون جي تتل ڏينھن ۾ سينٽر ل لائبرري کان مارئي هاسٽل تائين ،اگهاڙي مٿي تي ڳرا ڪتاب رکي ، ساڻس گڏ هلندي سماجي تبديلي ۽ طبقاتي نظام جي خاتمي جا خواب ڏسندڙ ، زيبوءُ جي تعريف ۾ زمين آسمان جون خوبصورتيو ن ڳوليندڙ ، سندس وجود جي تخليق تي تخليقار جي گمنام هٿن کي چمڻ جو تمنائي زندگي جون سموريو ن خوشيون ۽ مرڪون زيبوءَ جي جهولي ۾ وجهي ڇڏڻ جا وچن ڪندڙ ، افتخار حسين ايترو جلدي وقت جي واچوڙي ۾ گم ٿي ويندو . تڏهن ڪنھن بہ اهو انڪشاف نہ ڪيو هئائين ، يا شايد زيبوءَ ڪڏهن سوچيو ئي نہ هو تہ ڪڏهن ڪڏهن ڏينھن ٿيڻ کان پھرئين سج نيزي پاند تي اچي بيھندو آهي ۽ روح رجڻ لڳندو آهي ، پوءِ ڪابہ چانڊوڪي رات پنھنجائپ جو احساس آڻي نہ سگهندي آهي
.......پر پنھنجائپ جون سڀ آرسيون اسان وقت کان اڳ ڀور ڀور ڪري ڇڏيون ، پر انھي عمل ۾ مان اڪيلي تہ نہ هيس ...هن جون هر پل منھنجي وجود ۾ وچڙندڙ اکيون هن جا هر پل منھنجي وجود تي ترڪندڙ هٿ ۽ هن جا هر پل منھنجي چپن سان چھٽندڙ چپ تہ برابر جا ڏوهاري هئا ......هونءَ اسان جھڙي ميل ڊامنيٽ سوسائٽي ۾ عورت جيستائين عزت جو حوالو هوندي آهي تہ پنھنجي چاهيندڙ لاءِ امر آيتن جيان هوندي آهي ....پر سندس وجود جي هر حرف حرف اچارجڻ کان پوءِ هو ردي جي ڪنھن بي مھلي ڪتاب جيان ٿي ويندي آهي ،....۽ پوءِ گهر جي چوٰديواري کان وٺي ، فوٽ پاٿ جي سوڙهي رستي تائين ، سندس پاڇولو بہ متشڪي بڻجي ويندو آهي . اسان جي سوشل سائڪولوجي بہ ڪيڏي ون سائيڊيڊ هوندي آهي ....گناھہ جي هر راند ۾ عورت ۽ مرد جي محرومين جا کڙڪندڙ سڪا تہ هڪ جيترا هوندا آهن ...پوءِ بہ آخر ۾ عورت ئي ازالي جي ٽياس تي ٽنگجي ٿي ...۽ مرد ڪيڏي بي نڪائي ۽ اک جي پڪائي سان پائنچا ڇنڊي ، منھن تي معصوميت جا ليبل لڳائي گهمن ٿا .....خيالن جا بي قابو گهوڙا سندس ذهن جي صحر ا ۾ ڊوڙندا رهن ٿا .ڪمري ۾ لڳل وال ڪلاڪ جي سرگوشين کان بي نياز سوچيندي سوچيندي هوءَ ننڊ جي نازڪ ٻانھن ۾ هلي ٿي وڃي.
اڃا بنگلي ۾ ڪم ڪندڙ ملازم بہ نہ پھتا هيا، هوءَ بيڊ تي گوڏن ڀر ويھي روم جي ڇت ڏانھن ٻانھون ڊگهيري آرس ڀڃي ٿي، سندس ڀر ۾ بيڊ جي خالي جاءِ اڃا تائين ”خال ڀريو “ جي سوال جيان خالي ئي هئي، نارمل ٿيڻ جي احساس کانپوءِ بنگلي ۾ لڪي ويٺل ساڳيائپ ۽ وڳاڻپ ٻيھر سندس حواسين تي حملو ڪن ٿيون ۽ هوءَ اٿي اي سي آف ڪري، ڪمري جي درين تان پردا هٽائي دريون ۽ بالڪونيءَ ڏانھن کلندڙ دروازو کولي ٿي ڇڏي، دروازو ۽ دريون کلندي ئي تازن ٽڙيل گلن جي ماڪ وهنتل خوشبو ڪمري ۾ محبوب جيان بغير اجازت ڌوڪي ٿي اچي، هوءَ بالڪوني جو در اورانگهي باغيچي ڏانھن اڇاتري نظر اڇلي ٿي، باغ ۾ موجود هر شيءِ رات واري حالت ۾ ساڪن! وڻن ۾ پلين جون خوبصورت ٻوليون صبح جي آمد جو اعلان ڪري رهيون هيون، هوءِ منظر تان اکين جو فوڪس هٽائي باٿ روم ڏانھن وڃي ٿي، شاور هيٺان بيھي پنھنجي اُلا اُلا وجود تي ٿڌي پاڻي جا ڇنڊا پوندي کيس گذريل ڪيترين راتين جي اڪيلائي ۽ مڙس جي نظراندازي جي ور چڙهيل سندس جسم جي پور پور مان ٻرندڙ آڳ وڌيڪ شدت سان ٻرندي محسوس ٿئي ٿي، واش بيسن جي مٿان لڳل آئيني ۾ پنھنجو چھرو ڏسندي کيس ڪاليج ۾ ميٿميٽڪس جي نئين آيل ليڪچرار جون معنيٰ خيز اکيون ٿيون ڏسڻ ۾ اچن، صدين جون اڃيون ۽ بکيون اکيون... اکيون جيڪي پھرين ئي نظر ۾ سندس وجود تي اوڍيل لباس کي پار ڪري ڳجهن هنڌن تائين پھچڻ جي سگهہ رکندڙ هيون .... هوءَ انھن اکين جي خاموش اشارن ۽ علامتن کي پرکي وئي هيئي... ان ڏينھن تہ بنھہ گهٻرائجي وئي هئي، جڏهن فري پيرڊ ۾ ڪاريڊور مان لنگهندي مسٽر امتياز سندس بنھہ آڏو اچي ويو هو ۽ هو ٽڪرائيندي بچي ويا هيا، کيس ڪنفيوز ٿيندي ڏسي، مسٽر امتياز مڻن جيڏي ڳري ڳالھہ ڪاغذ جيان سندس حواسن آڏو ڦٽي ڪئي هئي:”ميڊم! صاحب کي سمجهايو تہ اوهان جي بي ترتيبي کان ايترو بي خبر نہ رهي ڪٿي ... “ جواب ۾ هوءَ رڳو اکيون ڪرڙيون ڪري کيس گهوري سگهي هئي امتياز هڪ ڳڀرو ۽ خوبصورت جوان هيو، ڪاليج جي ميٿس جي پروفيسر جي رٽائرمينٽ کانپوءِ استاد جي کوٽ سبب پرنسپال جي درخواست تي بوائز ڪاليج مان امتياز کي ڊيپوٽيشن تي گهرايو ويو هو، هو نھارڻ کان ڳالھائڻ تائين ۽ ڳالھائڻ کان چپ رهڻ تائين هر ادا ۾ وڏي مھارت رکندڙ هو، ان ڪري ئي ٿوري ٿوري عرصي ۾ ڪاليج جي مورين چنچل ڇوڪرين ۽ ليڊي ليڪچررز جي زبانن تي سندس نالو پيو ورجائبو هو.
هوءَ باٿ روم مان نڪري ڊريسنگ ٽيبل آڏو اچي بيٺي هئي، آئيني ۾ ساڳي خاموشي نظر اچيس ٿي، آلا وار ڇنڊيندي هوءَ ڪمري مان نڪري ٽي وي هال ۽ ڊرائينگ روم ڪراس ڪندي ڪچن ۾ پھتي، ڪڏهن ڪڏهن سوير سجاڳ ٿيڻ کانپوءِ هوءَ پاڻ ئي ناشتو تيار ڪري وٺندي آهي، هوءَ اڪثر بورچي خاني ۾ ناشتو تيار ڪندي، هوءَ ڪجهہ نہ ڪجهہ جهونگاريندي رهندي آهي. پر گذريل ڪجهہ ڏينھن کان بنھہ چپ چپ ۽ خالي خالي رهڻ لڳي آهي.
چانھہ ٺاهڻ لاءِ ڪيٽلي ءَ ۾ پاڻي اٻرندي ڏسي کيس لڳي ٿو، سندس اندر بہ ڪو احساس، ڪا محرومي اٻرندڙ پاڻيءَ جيان اٻرندي رهي آهي، خيال ٻيھر ٻاٻري ڪنڊن جيان سندس ذهن ۾ چڀڻ لڳن ٿا.