گدلي دنيا گدلا ماڻھو
ليکڪ: بانو محبوب جوکيو | پڙهڻ جو وقت: 24 منٽ
تنھن صبح سوڙ ۾ منھن وجهيو پئي هئي، مئن جيان، توڙي پروين جو ڀرسان، ساڳئي بيڊ تي ليٽيو پيو هجڻ کيس ان ڳالھہ جو احساس ڏيارڻ لاءِ ڪافي هئو تہ هوءَ پنھنجي گهر بجاءِ پنھنجي چاچي جي گهر ۾ هئي، پوءِ بہ هر لمحي کيس ائين لڳي رهيو هو تہ ڄڻ گهر جي ڪنھن ڪنڊ مان ماڻھس جو ڪڙڪيلو آواز نہ ڄڻ ڪيترا لقب بنا ڪنھن ڏوھہ ثواب جي هن جي شان ۾ کڻي پھتو ئي پھتو. ماءُ جو تصور ايندي ئي هن جو ساھہ ٻوساٽجڻ لڳو ۽ هن پنھنجي منھن تان اڃا سوڙ لاهي ڊگهو ساھہ ئي کنيو هئو تہ اهو ڏسي هو تيئن ساھہ ٻوساٽي سوڙ اندر هلي وئي، سندن ڊبل بيڊ ڀرسان رکيل ڊريسنگ ٽيبل آڏو حسنين جو ڦڻي ڏئي رهيو هو.
”ايڏي سيءَ ۾ وهنتو آ.......!رات آيو هوندو.... ۽ مون کي ننڊ ۾ خبر ئي نہ پئجي سگهي، هو ايندو بہ تہ اڪثر رات جو آهي، هاڻي تہ ڪراچي مان بدلي ٿي اٿس، پر اهو رات جو سفر تبديل ٿي نہ سگهيو آهي، هن جو ... هن دل ئي دل ۾ سوچيو ۽ پوءِ پريشان ٿي وئي ”هاڻ ڇا ٿيندو؟!... هن کي هٿ ڪيئن ڏيندس، مھيني ڏيڍ کانپوءِ ملندو سو کيڪارڻ بہ ضروري آهي، هن دل ئي دل ۾ فيصلو ڪيو: ”بس: پري کان سلام ڪنديمانس ....... پر سکڻي سلام ڪرڻ تي هي سڀ گهر وارا چڙهندا آهن چوندا بہ تہ ائين آهن تہ ملو تہ سچائي سان ڀاڪر پائي يا هٿ ڏئي نہ تہ اهڙي ملڻ کان بھتر آهي تہ کيڪارجي ئي نہ.......، چاچا تہ سلام جو جواب بہ ان ويل نہ ڏيندو آهي، جي هو ٻاهران اچي ۽ ڪو کيس پنھنجو (خاص ڪري پنھنجون ڀائيٽيون) ملڻ بجاءِ سلام ڪنس، ان پل ظاهر ائين ڪندو آ ڄڻ ٻڌ و ئي نہ اٿئين تہ ڪنھن کيس سلام بہ ڪيو آهي .....
اهڙي ئي شش وپنج ۾ هن فيصلو ڪري ورتو: ”بس..... ملندي ئي ڪا نہ مناس، هيڏانھن هوڏانھن ٿيندو تہ سڌو گهر منھن ڪري اڏار ڪندس، اهو سوچي هو سوڙ ۾ ئي پئي رهي، جڏهن چاچھنس حسنين لاءِ چانھہ ٺاهي کڻي آئي تڏهن حسنين پاڻ کي آئيني ۾ جاچيندي ماءُ کي چيو: امان ..... ڏس تہ!..... ڪارو ٿي ويو آهيان ني .....!؟
ٺيڪ ان پل پروين سوڙ مان منڍي ڪڍي مذاق مان حسنين جي ڳالھہ جي موٽ ڏيندي ماءُ کي چيو”امان! اها بابي واري بندوق تہ کڻي ڏي ان ڪاري کي تہ ماريان، پر ڪاري ڪيڏانھن وئي؟ ڪاٿي آهي؟.
چاچھنس کي پروين جي اهڙي مذاق ڏاڍي خراب لکي، هن پروين کي ڪجهہ چوڻ چاهيو (ڪاوڙ منجهان ) پر ان کان اڳ حسنين جوابي حلو ڪيو: ”اها تنھنجي سس آ“.
”حسنين تون!..... ۽ منھنجي سس مون کي پھريان ڇو نہ ٻڌايئي تہ مان ڏي وٺ ۾ وٺرائي ڏيائين ها!؟
پروين ڀاءُ کي ٺھہ پھہ وراڻيو.
چاچھنس رڙ ڪئي”پروين! شرم ڪر!..... ڀاءُ سان ائين ڳالھائبو آهي....“ پروين جي اهڙي ڳالھہ تي الائي ڇو اندر سوڙ ۾ ئي صدا کان ٽھڪ نڪري ويو، حسنين جو پھرين ان طرف خيال نہ هو، پر دٻيل ٽھڪ مان هو سمجهي بہ نہ سگهيو تہ اها صدا آهي، هن سمجهيو تہ شايد صدا جي ڪا ڀيڻ هوندي، سو بناوٽي ڪاوڙ منجهان هن جڏهن صدا جي منھن تان سوڙ هٽائي تہ صدا سان گڏ حسنين جو بہ ڇرڪ نڪري ويو ۽ صدا هڪدم هٽي ويل سوڙ ڇڪي منھن لڪائي ڇڏيو، حسنين پنھنجي غلط اندازي مٿان ککووکو ٿي ويو ۽ شڪائپ لڪائڻ خاطر ماءُ کي چوڻ لڳو:”امان! هنن کي تہ سمجهاءِ..... يڪو سُتيون پيون آهن، ڪو ڪم نہ اٿن ڪار......“
بلڪل ان وقت ڪمري جي در تي ٿڦڪي هڻي ويٺلن کي پنھنجي اچڻ جو احساس ڏياريندي حسنين جو پيءُ اندر آيو ۽ زال کي چيائين ”حسنين ماءُ ٻاهروڃ ڪا پاڙيواري آئي اٿئي، ماکي وٺڻ، سندن ڪنھن ٻار کي ٿڌ وٺي وئي آهي، جي هجئي تہ ڏيئس اڄ موسم بہ ڏاڍي خراب آهي.“حسنين جي ماءُ ٻاهر ويندي هلڪن سُرٻاٽن ۾ حسنين جي پيءُکي چيو”پٽھين کي سمجهائي ڇڏ رات واري ڳالھہ، تو وانگر ڪجهہ گهڻو لاپرواھہ ٿي پيو آهي.“
حسنين جي پيءُ ٿوري بلند آواز ۾ چيو:”مان بہ چوان تہ پٽ مائرن سان ايڏو پيار ڇو ڪندا آهن “ جو مائرون دڙڪو ڏيڻ ۽ مارڻ وقت پيئن کي اڳ ۾ ڪنديون آهن ۽پيار ڪرڻ ويل وري پاڻ اڳ ۾ ٿينديون آهن، تڏهن تہ پٽ سمجهندا آهن تہ اسان کي پيءُ نہ پر ماءُ پيار ڪندي آ، مائرون بہ سٺيون سياستدان آهن، حسنين جي پيءُ پنھنجي مخصوص انداز ۾ ڳالھايو تہ حسنين پيار ڀرين نگاهن سان پيءُ کي ڏسي مرڪي چيو ”اڇا تہ اها ڳالھہ آهي يعني هن مھل بہ خير نہ سمجهان ني !؟“
”گهڻو گهرو نہ ٿيءُ ۽ منھنجي هڪ ڳالھہ ٻڍ،(حسنين جي پيءُ دوستاڻي لھجي ۾ ڳالھائيندي چيو) ”ماڻھين ٿي چئي تہ وقت ڏاڍو خراب آهي ۽ منھنجو بہ اهو ئي خيال آهي تہ سو آئندہ قرب ڪر اسان تي اول تہ رات جو سفر نہ ڪندو ڪر!... ۽ ائين بنا اطلاع جي ڪٿي بہ رهي نہ پوندو ڪر، اسان اڳئي اڌ ماڻھو ڪڏهن تنھنجي اها لاپرواهي اسان جو خير ۾ ئي ڪم دم ڪڍي ويندي”آخري لفظ ڳالھائيندي هن جو لھجو دکدائڪ ٿي پيو ۽ هو وڌيڪ ڪجهہ ڳالھائڻ يا ٻڌجڻ بجاءِ ڪمري مان ٻاهر هليو ويو تہ حسنين بہ سندس پويان نڪري ويو، شايد معافي وٺڻ جي خيال کان .سوڙ اندر ستي ستي صدا سوچيو: ”ڇا وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي ؟ يا وقت جون دانھون ڪرڻ ماڻھن جي عادت ٿي وئي آهي؟ هن کي ڪڏهن بہ ان ڳالھہ سان اتفاق نہ رهيو هو بلڪہ وقت هن کي ايڏو خراب نہ لڳو هو، جيڏو هن وقت لاءِ ٻڌو هو.
ننڍي هوندي صدا پھريون دفعو پنھنجي هيڊ ماستر جي واتان اهي لفظ ٻڌا هئا ”زمانو ڏاڍو خراب آ“ تڏهن تہ کيس زماني جي خبر بہ نہ هئي تہ اها ڪھڙي آفت آ يا اهو ڪيئن خراب هوندو آهي.
جڏهن هوءَ پھرين کان ٻئين درجي ۾ آئي هئي تڏهن کيس ڪافي شاگردن جيان ڪلاس ۾ رکيل ٻن بئنچن مان هڪ بئنچ تي ويھڻ جو شرف حاصل ٿيو هو ۽ انھن ٻن بئنچن تي ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون گڏ ويھندا هئا.
جڏهن هو ٽئين درجي ۾ پھتي تہ ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون بئنچن تي گهوڙي لانگ ويھي صورتخطي لکندا هئا تہ ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين جا سينا پٺاڙا سوڙھہ سبب بي اختيار پيا هڪ ٻيئي سان گسندا هئا، جن جي نہ ڇوڪرين کي پرواھہ هئي ۽ نہ ڇوڪرن کي يادگيري، تڏهن هن هڪ دفعو هيڊ ماستر جي ڳالھہ ٻڌي ورتي هئائين، جيڪو سندن استاد کي هدايت ڏيندي چئي رهيو هو، ”زمانو ڏاڍو خراب آهي ۽ اڃا
تہ خراب ٿيئڻو آهي ان ڪري احتياط ضروري آ، اڃا تہ هي ٻار ننڍڙا آهن، سڀاڻي وڏڙا بہ ٿي پوندا، تہ گڏ ويھڻ تي ۽ ويجهو ٿيڻ تي هري ويندا، تنھن ڪري هنن کي ڌار ڌار ويھاريو، هنن کي احساس ڏياريو تہ ڇوڪرين کي ڇوڪرن کان ۽ ڇورن کي ڇوڪرين کان الڳ ويھڻ کپي، وقت تون پاڻ ڏسين ٿو پيو، اڄڪلھہ جا ٻار سڄا نہ تہ اڌ استاد آهن ئي آهن، ان ڪري احتياط ضروري آ“
اهڙن ئي ڏينھن ۾ هڪ ڀيرو ماءُ کان پڇيو هئائين”امان !تون برقعوڇا پائيندي آن!“
”ماڻھوڏسندا آهن ني ان ڪري !.... ماڻھس جو جواب ٻڌي هن ٻاراڻي معصوميت مان چيو هئو ”ماڻھو تہ برقعي پاتل ماين کي بہ پيرن کان وٺي مٿي تائين ڏسندا آهن “.
”ٻس ني ..... عقل جي اڪابر ..... پير ڏسندا آهن منھن تہ ناهن ڏسندا ني!.... ماڻھس ٽوڪ واري لھجي ۾ جواب ڏنو هئس.
امان !.... ڪالھہ مان تنھنجي لاءِ ميٽ وٺڻ پئي ويس ني تہ ٻن ڇوڪرن هڪ ڇوڪريءَ جي بقعي جي مٿين پڙي ڇڪ ڏئي لاهي، هن جو منھن ڏٺو هو، هوءَ اڪيلي هئي ني روئي بہ پئي ۽ ڇوڪرا هن تي کلن پيا ۽ کلندا هليا ويا هئا “ هن ٻاراڻي لھجي ۾ ماءَ کي ٻڌايو هو.
ها .......... اڄڪلھہ زمانو ڏاڍو خراب آهي، هونئن بہ ڌيءَ ڌڻ جو ٻاهر نڪرڻ چڱوناهي، اچي پڻھين تہ توکي بہ برقعو پارائي اندر ٿي ويھاريائن، هيڏو کڻي اوڌ ڪافر جيڏو قد ڪڍيو اٿئي، مون جيڏي تہ اچي بيٺي آن، اڳتي بس ٻاهر نہ نڪرندي ڪر، ڪم ڪارلاءِ ٻاهر هاڻي قمر کي موڪليندم،وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي “.
صدا جي اکين ۾ لڙڪ چمڪي پيا هئا، پنھنجي ننڍي ڀيڻ قمر جو خيال ايندي ئي، ڪيتري ننڍي هئي گهر جي ننڍي وڏي ڪم تي بہ حساب ڪتاب ڪندي هئي، جي ضد تي ايندي هئي تہ ڪندي ئي ڪو نہ هئي ۽ اهو سڄو وقت ريڊيو ڪن تي رکي ٻڌندي رهندي هئي، پڙهڻ ۾ بہ ايتري هوشيار نہ هي، مئٽرڪ جي امتحان ۾ ڇا فيل ٿي ماڻھس پڻھس جا ڪن ڀريا هئا: ڇوري پڙهي بہ ڪا نہ ٿي ڏئي، منھنجو تہ چوڻ ٿئي پرڻائينس اڃا رنون رت پئنديون ڇا ؟.
پر!..... صدا ماءُ!... هوءَ آهي ڪيتري، هن جي عمر........ ۽ ماڻھس پڻھس جي ڳالھہ اڌ ۾ ڪٽي چيو هو:”ڌيئن کي جيترو جلد اٿارجي اوترو بھتر آهي، اڄڪلھہ اهو وقت ناهي رهيو و ڌيئرون ويھي وڃن مائٽن جي چوڻ تي، اسان وارو وقت ويو جو مائٽ ڌيئرن جو قرآن سان حق بخشرائيندا هئا تہ مرڻ گهڙي تائين ستيون ئي رهنديون هيون، هاڻ تہ حق بخشايل ڇوڪريون بہ شادي ڪري ٿيون ويھي رهن، اڄڪلھہ ٿوري دير تہ ويھارين ڇوڪرين کي منھن لاهي ٿيون شادي لاءِ چون، نہ تہ ٿيون ڪورٽ جو منھن ڪن، ميان!... وقت ڏاڍو خراب ٿي ويو آهي.
۽ جڏهن ڌپ ڪندڙ وجود جيان هنن قمر مان جند ڇڏائي هئي، تڏهن پنھنجي خواهشن کي پورو ٿيندي نہ ڏسي ڪيئن قمر جي مڙس سڀني آڏو چيو هيو::”تنھن کان تہ ڪنھن ٻار سان شادي ڪيان ها “ اڄڪلھہ جي ٻارن کي بہ گهڻو عقل آهي، هن کي تہ ايترو بہ ناهي !الائي ڇاجي تڪڙ هئي توهان کي بہ هن کي ذهني طور تہ وڏو ٿيڻ ڏيو ها.انھن ئي ڏينھن قمر ماءُ ۽ صدا سان ڀاڪر پائي روئي پئي هئي ۽ مڙس سان وڃڻ کان نابري واري بيٺي هئي ،تڏهن کيس ڀيڻ تي ڏاڍو قياس آيو هو،جڏهن نصيحتن جي ڀري کڻي نہ چاهيندي بہ قمر پنھنجي مڙس سان هلي وئي هئي روئيندي ،شادي جي پھرين رات ويندي بہ ايترو نہ رني هئي ، جيڏو ان ڏينھن روئيندي وئي هئي .
ان ڏينھن کان پوءِ سدا کي پنھنجي ماءُ صفا نہ وڻي هئي پر هوءَ ان جو اظھار ڪري نہ سگهي هئي، بس اهو ئي هن جو ردعمل هو جو هوءَ ماءُ کي جواب ڏئي وٺندي هئي، موٽ ۾ ٺاهوڪي بي عزتي ڪرئي وجهندي هئي.
ايم اي کان پوءِ جڏهن نوڪري لاءِ پئسن جي ڳالھہ ڪئي هئي تہ ماڻھس کي هن جو وجود پھاڙ جيان ڳرو لڳو هو، اٿندي ويھندي سونڊ منھن تي وجهي کيس ڏسڻ يا نڙي ڦاڙي ڪڏيون پڪيون تہ ڪڏهن اڌ ڪچيون گاريون ڏيڻ کانپوءِ بہ ماءَ کي نہ مڙندو ڏسي صدا جي دل چوندي هئي تہ جيڪر جهنگ منھن ڪري هلي وڃي، هر وقت جو ٽوڪ کان:”لاٽ صاحب جي ڌيءَ تہ ناهين جو ويھي کائينديءَ، نوڪري ڪر!.... ٽيوشن مان ڇا ٿو ملي، اٿي هٿ پير هڻ!... ائين بس ٿڌي ٿانئري ٿي ويھي رهي آن!، درخواستون موڪل، هن هنڌ نہ تہ ٻئي هنڌ تہ ملي ويندءِ، واندي نہ ويھہ ”....
۽ درخاستون لکي لکي هن جي پيرن ۾ نہ تہ هٿن ۾ لڦون ضرورو پيون هيون.تنھن ڏينھن هوءَ ڪيڏي خوش هئي، جڏهن پروين ڳالھين ئي ڳالھين ۾ کائنس پڇو هئو:”ڀائو وڻندو اٿئي؟ ”!....
”تنھنجو ڀاءُ بہ ڪا وڻڻ جھڙي شيءِ آهي!!!؟“ صدا پنھنجي سڄي خوشي سڄو شرم الائي ڪيئن لڪائي چئي ڏنو هو “
”بس ....!پوءِ ادا کي اهو جواب ڏيان ني!... چيائين پئي تہ معلوم ڪري ڏي صدا کي ڪيئن لڳندو آهيان، ڪجهہ وڻندو آهيانس يا ائين بس ...... دٻي ۾ ٺڪريون آهن“
هن کان بي اختيار ٽھڪ نڪري ويا هئا، خوشي سان ڀريو ٽھڪ ”دٻي ۾ ٺڪريون “ چئي هن پنھنجي خوشي کي کل ۾ لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش پئي ڪئي، تڏهن پروين ڳل تي چھنڊڙي پائيندي چيو هئس:”خوشي ان ڳاڙهي تہ ٿي وئي آن! لڳي ٿو ڪا ڳڙ بڙ آهي ضرور، حالات ڪجهہ خراب خراب ٿا لڳن ۽ ماڻھو بہ اسان جي گهر اچڻ جو اهو مقصد تہ ناهي تہ قبضو ڪري ويھين مھاجرن وانگر“.
هل !.....هل !..... مٿو نہ هڻ، الائي ڇا پئي بڪين، نہ ٿي چوائين تہ ان جو غلط فائدو نہ وُٺ، صدا کيس ڌڪو ڏئي هڪ پاسي ڪندي بناوٽي ڪاوڙ مان چيو هو:”امان کي ٻڌايائين تہ ٽڪو مان ڪرئي جيڪر .... پر دوست سان گڏ سئوٽ ٿي پئي آن! ان ڪري ڇڏيائين ٿي“. هنن کي ائين ڳالھائيندي ڏسي صدا جي ماءُ اچي وئي هئي، ٻنھي کي خوشي ڏسي سبب پڇيو هئائين تہ پروين مھڻوڏئي تنگ ڪرڻ جي خيال کان صدا کان اشاري ئي اشاري ۾ پڇيو هو:”ٻڌايان “؟ ۽ موٽ ۾ صدا منھن تي ڪاوڙظاهر ڪندي انڪار ڪيو هئس تہ من سندس ڪاوڙ جو ڀرم ئي رکندي پروين ماڻھس کي ڪجهہ نہ ٻڌائي، پر رناڻو پيٽ هئو سو صدا جي ماءُ کي پروين اڻ سڌي طرح ٻڌائي ورتو هو تہ حسنين جي شاديءَ لاءِ هنن کي اتي ئي اچڻو آ پوءِ تہ ماڻھس صدا کي گهٽ وڌ ڳالھائڻ ويل حسينين جي گهر وارن کي بہ شامل ڪري ڇڏيو هو، چي قسمت تہ حسنين جي باري ٿيندي جو تو جھڙي زال ملندس.
تنھن ڏينھن تہ ماڻھس حد ڪري ڇڏي، جڏهن هميشہ جيان صدا جي ماءُ صدا تي مڇري ويٺي هئي مٿان وري پروين آئي هئي، جنھن ڏاڍي پاٻوھہ مان صدا کي پنھنجي گهر هلڻ لاءِ ايلاز ڪندي چيو هو:” ڇو اسان جي گهر اچڻ کان قسم کنيو اٿئي ڇا ؟...... اڄ توکي مون سان هلڻو آ ضرور نہ تہ مان ناراض ٿي وينديمائين، اڳتي لاءِ مان بہ نہ ايندي مائين.
ائي!... هونئن تہ ڏاڍي چم چٽ ٿي ڪرينس، ڀاڻين کي سمجهائين ڇو نہ ٿي تہ هن هچا مان تہ اسان جي جند ڇٽي، اگر ڀاڻين جي ڪٿي ٻئي هنڌ مرضي آهي تہ بہ ظاهر تہ ڪري باقي ائين مُنگهڻي من ئي من ۾ ڳالھہ لڪايو ويٺو آ، ٻاهر بہ ڪٿي اگر مرضي اٿس تہ ٻڌائي جي نہ تہ بہ ٻڌائي، اسان هن هچا مان جند ڇڏائڻ ٿا چاهيون “.
صدا کي ائين لڳو ڄڻ ڪنھن ڀري بازار ۾ هن جي بي عزتي ڪري وڌي هجي، جيڪا هن کان برداشت بہ ڪا نہ ٿي هئي ۽ هوءَ مان سان وڙهي پئي هئي، کيس ماءُ کان اهڙي امير نہ هئي تہ هوءَ پروين کي حسنين جي حوالي سان ڪجهہ چوندي، صدا پروين آڏو پنھنجي بي عزتي برداشت ڪئي هئي پر حسنين جي حوالي سان بي عزتي کائنس برداشت نہ ٿي هئي، هوءَ بہ ماءُ سان وڙهي پئي هئي ۽ کيس بہ جيڪي ڳالھيون ماءُ جي حوالي سان اندر ۾ سانڍيل هيون ڪڍي ٻاهر ڪيون هيائين، پوءِ تہ ماڻھس کي سنڀالڻ ڏاڍو مشڪل ٿي پيو هئو، صدا جيڏي هئي تيڏي ماءُ جا چپ چاپ اونڌا سونڌا چنبا کائي ويھي رهي هئي، پر ماڻھس جو پارو جيئن پوءِ تيئن گهٽجڻ بجاءِ ويو ٿي وڌندو، هن باقائدا صدا کي ڌڪا ڏيندي گهر مان ڪڍندي چيو هئو ”نڪر!.... رن منھنجي گهر مان اهڙي اولاد کان تہ اوندھہ چڱي آهي، تو جھڙي تہ شل ڪُتي کي بہ نہ ڄمي، خبر هجي ها اهڙي ٿينديئنءَ تہ ڄمندي ويل وھہ جي سُتي وجهي ڇڏيائين هان!... منھنجي تہ قسمت ئي خراب نڪتي آ پر جنھن جي گهر وينديءَ ان کي بہ دوزخ ڪري وجهندين، ماءُ کي اهو ٿي مانُ ڏين تہ سسڻھين کي تہ واهولا وهائينديءَ“.
پروين وچ ۾ پئي هئي تہ هن سان ڪجهہ جهڪو ٿي ڳالھائيندي چيو هئائين:”تون وٺي وڃينس گهر ! باقي مان هن کي هاڻ هن گهر ۾ رهڻ نہ ڏيندس، ڪھڙو دور اچي ويو آ ڌيءَ ويھي ماءُ سان ائين ڳالھائي، اهڙي کي گولي ڀري بندوق مان نہ ڪڍجي “.
پروين ائين ئي ڪيو هو، صدا کي سمجهائي گهر وٺي آئي هئي، رات جو صدا جو پيءُ ۽ ماءُ کيس پرچائڻ آيا هئا پر هوءَ ڄاڻي واڻي سوڙ ۾ منھن وجهي ليٽي ئي رهي ۽ پروين کي چيو هئائين ”چئين تہ مان ننڊ پئي هان !“. ۽ پوءِ ليٽي ليٽي سوچيندي سوچيندي کيس ننڊ اچي وئي هئي، ان رات هن فيصلو ڪري ورتو هو تہ جي حسنين هن سان شادي ڪئي تہ ٺيڪ آهي نہ تہ هوءَ پنھنجو پاڻ کي ماري ڇڏيندي، پر ماءُ سان نہ رهندي، ان کان اڳ هن ڪڏهن بہ نہ سوچيو هو تہ هوءَ ڪا ڪڏهن شادي بہ ڪندي، يا اگر حسنين کيس سٺوٿو لڳي تہ ان سان هوءَ سڄي زندگي گذاريندي پر ان رات کيس اهي سڀ ڳالھيون سٺيون لڳيون هيون ۽ ان کانپوءِ حسنين کيس تھائين وڌيڪ سٺو لڳو هو.
چاچھنس تہ ڄڻ گهڻو اڳ کيس پنھنجي پھرين ۽ آخري ننھن جو درجو ڏئي چڪو هو، ڌيءَ کان بہ وڌيڪ صدا سان پيار ڪندو هو، هو ڪا بہ ڳالھہ ڪو بہ مسئلو هن کي ئي اچي ٻڌائيندو هو پوءِ گهر جو هجي يا ٻاهر جو هوءَ تہ چوندو ئي ائين هو:”صدا سان منھنجي دوستي آهي “ جيئن پروين جي پنھنجي ڀاءُ سان آهي ۽ هوءَ ان سان ويھندي ڳالھيون ڪندي آهي ۽ حد کان وڌيڪ پيار ڪندي آهي ............. جيئن منھنجي زال پنھنجي گهر سان گهر جي ڪم ۽ گهر جي سامان سان محبت ڪندي آ، ائين مون کي صدا سان محبت آهي ۽ هوءَ مون کي وڻندي آ“.
چاچھنس جنھن جي ڪيمسٽري ۾ ڪنھن دور ۾ M S C ٿيل هئي، سو ”اوزون “ جي باري ۾ غُور سان ٻڌندو هو ۽ پوءِ ان موضوع تي سٺي نموني ڳالھائي بہ سگهندو هو، ان ئي جذبي تحت هن ڪافي ٻوٽا بہ هنيا هئا ۽ ماحول جي گدلاڻ بابت ڪڏهن مذاق ۾ تہ ڪڏهن سنجيدہ ٿي ايترو ڳالھائيندو هو جو اهو ڄڻ سندس تڪيہ ڪلام ٿي ويو هو، اگر ماني کائيندي ڀاڄي نہ وڻيس تہ چوندو ئي ائين هو:”حسنين ماءُ! هاڻي ٻيلي پوڙهي ٿي وئي آن، اڄ تہ ڀاڄي جو ماحول ڏاڍو خراب ٿي ويو آ“.
يا اخبار پڙهندي چوندو هو:”اخبارون بہ اسان جي معاشري جي عڪاسي ٿيون ڪن، اخبارن جو بہ ماحول هاڻي خراب ٿي ويو آ“پڙهڻ جهڙيون ئي ناهن رهيون.تنھن ڏينھن صدا جون اکيون ڀرجي آيون هيون، جڏهن چاچھنس جي آپريشن جي تاريخ ظاهر ٿي هئي، ان ڏينھن چاچھنس مذاق مذاق ۾ چيو هو ”ابا !..... چون ٿا تہ منھنجي جسم جو ماحول خراب ٿي ويو آ، ان ڪري آپريشن ضروري آ، چوان ٿو تہ اهو نيڪي جو ڪم بہ اگر اتي ڪنھن ڀر واري شھر ۾ ٿي پئي تہ سٺو پر حسنين جو ضد آهي تہ ڪراچي جي ڪنھن سٺي اسپتال ۾ ٿئي، هاڻي حالات بہ ڪراچي جا صحيح آهن، چوندو آهيانس تہ دنيا جي سڀني غريبن جا حالات صحيح ٿي سگهن ٿا پر ڪراچي جا حاات هاڻ صحيح نہ ٿي سگهندا، انھن تي اعتبار ڪرڻ کان بھتر آهي تہ ماڻھو پوليس وارن تي اعتبار ڪري وجهي، اک ڇنڀ ۾ الائجي ڇا مان ڇا ٿي ويندو آ، ان ڪراچي ۾ .....“
اڄ صبح کان صرف ان خبر ٻڌڻ لاءِ تہ هو سڀ واپس خيرت سان اسپتال مان واپس اچي رهيا آهن صدا ۽ پروين فون کي تڪينديون رهيون هيون تہ ڪڏهن ٿي گهنٽي وڄي ۽ ڪڏهن ٿو ڪوئي اچڻ جو اطلاع ڏئي، ان انتظار ۾ڪافي وقت گذري ويو هو، پروين ڪنھن ڪم سان ڪمري مان ٻاهر نڪري وئي ئي، چاچھنس اڳواٽ ئي حسنين وارن جي کاڌي تيار ڪرڻ ۾ مصروف ٿي وئي هئي، جيئن پھچن تہ ماني اچي کائن، جيتوڻيڪ صدا ۽پروين وارن کي خبر هئي تہ ان ڏينھن هو فارغ ٿي ايندا، پر هنن ان جي بہ پوري پڪ پئي چاهي، جو سندن سڄو ساھہ اوڏانھن ٽنگيو پيو هو.
.... ۽ جڏهن فون جي گهنٽي وڳي هئي تہ پروين ٻاهران ڊوڙندي اندر آئي هئي پر ان کان اڳ فون صداکنئي هئي، تڏهن پروين ڏٺو تہ صدا بنا ڳالھائڻ جي رڳو فون ٻڌي رهي هئي ۽ هن جي چھري جو رنگ بہ ساڳيو نہ رهيو هو پروين سمجهيو شايد ٻئي پاسي حسنين پيو ڳالھائي، جو صدا هميشہ جيان هڪ تہ کيس جواب نہ پئي ڏنو ٻيو حسنين جو اواز ٻڌندي ئي صدا جي چھري جو رنگ مٽجي ويندو هو پر هن وقت پروين صدا جي بدلجندڙ رنگ جو اندازو لڳائي نہ ٿي سگهي، تنھن ڪري پروين صدا جي هٿ مان رسوير کسي يڪدم پڇيو ادا !.... بابا هاڻي ڪيئن آهي، اسان ساجهر کان ويٺاهون، ...... توهان هاڻي .... هوءَ اڃان ڳالھائي ئي رهي هئي هن پنھنجو جملو اڃا پورو ئي ڪو نہ ڪيو جو صدا هنيانءُ ڦاڙ رڙيون ڪندي ڪمري مان ٻاهر نڪري آئي هئي ۽ ورانڊي جي ٺل سان چنبڙي روئي پئي هئي.
اها فون صدا جي پيءُ ڪئي هئي، جنھن کيس ٻڌايو هو تہ واپسي تي شھر جي ميڊيڪل اسٽور تان پيءُ لاءِ دوائون وٺندي حسنين دہشتگردن جي گولين جو کاڄ ٿي ويو آهي، صدا جي پيءُ فون جتي صداکي سمجهائنيدي چيو هو تہ هوءَ ان موقعي تي تسلي ڏئي ۽ کين ان بابت ڪھڙي بہ ريت ٻڌائي ڇڏي ائين نہ جو اوچتو لاش کي ڏسي خود هنن جو درد کان هنيانءُ ڦاٽي پئي.پر ان حالت ۾ هوءَ کين ڇا تسلي ڏئي ها، ايڏي وڏي ڳالھہ جو هوءَ قبول نہ ڪري سگهي ، سا هنن کي ڪيئن ٻڌائي ها، هن جي ائين روئڻ مان ۽ فون جي اوچتو بند ٿي وڃڻ مان پروين کي اگر شڪ بہ ٿيو هو تہ پيءُ تي ٿيو هو، هن جو تازو آپريشن ٿيو هو، حسنين ڏي تہ ڪنھن جو خيال بہ نہ هو، هو بہ ساڻس گڏ روئي پيون، ان ويل صدا کي کين پرچائڻ ۽ حسنين بابت ٻڌائڻ ڏاڍو مشڪل لڳو هو.
پر جڏهن روئڻ جو آواز ٻڌي صدا جي ماءُ آئي هئي، تنھن کي هو الائي ڪيئن ٻڌائي سگهي هئي پوءِ تہ چاچھنس ڀت سان ٽڪر هڻي رت ڪڍي ڇڏيو هو، پروين زمين تي ويھي کٽ جي پائي سان پنھنجو ٿوپئي ڦاڙيو ۽ هن کي سمجهہ ۾ نہ پئي آيو تہ هوءَ کين پرچائي يا پاڻ حسنين لاءِ روئي، کيس پنھنجا حواس پنھنجي قابو ۾ نہ پئي لڳا، صدا اتان اٿي اچي گهر جي هڪ ڪنڊ ۾ کٽ جي پائي سان مٿو هڻي هڻي دل کولي روئي پئي هئي، اتي ئي هن نہ ڄاڻ ڪيڏا بيگناھہ لڙڪ لاڙيا هئا، اتيئي ويٺي هن ڄڻ صديون سورن جون ڪاٽيون هيون.
اڃان ڪلھہ ئي تہ سونارو در کڙڪائي مڱڻي جي تيار ٿيل منڊي ڏئي ويو هئن ۽ پروين مڱڻي واري منڊي صدا کي ڏيکاريئندي چيو هو مڱڻي جي منڊي ٺھي وئي آهي.پوءِ صدا بنا ڏسڻ جي ڪوڙي لاپرواهي منجهان چيو هو، تڏهن پروين چيو هئس هل پوءِ هاڻي ايڏي غريب نہ ٿي! ايڏي شريف نہ ٿي! مون کي خبر آهي ڪيڏي استاد آهين“.
ڇو مان ڇا ڪيو آ....“
”اهو سڀ ڪجهہ تنھن جو ئي تہ ڪيل آهي جو ڀائو شروع کان ائين چوندو آيوآهي تہ مان ڌارين مان شادي ڪندس، پنھنجن مان نہ ۽ تنھن ڏينھن جڏهن امان چيس:” شادي تہ تنھنجي ڪرائڻي آهي پنھنجن ۾ تون نہ ڪندين، ڌارين ۾ ڪو گهر هجئي نظر ۾ تہ ڳالھہ ڪري تہ بنا شرم ۽ هٻڪ جي چيائين : چاچي وارن جو گهر جو آهي “ ۽ جڏهن امان ياد ڏياريس تہ تون تہ چوندو آن تہ مان ڌارين ۾ ڪندس “ تہ انڪار ڪندي چيائين ”توهان ڀليا آهيو مان تہ ائين ڪڏهن ناهي چيو ” تڏهن مزاق ۾ چيو مانس :” چاچي جي ڌيءَ شبانہ تہ توکان ڪافي ننڍي آهي ۽ چاچي وري توکان ڪافي وڏي آ، اصل ماءُ جي برابر تہ هيڏو وات ڦاڙي چيائين ”هل !.... هل!.... شبانہ ٿورئي صدا ۽ ها .... مان مڱڻي ٻڱڻي جي چڪر ۾ ڪو نہ ڦاسندو مانوءَ بس .... سڌي سنئين شادي ... اسان ڪجهہ مصروف ماڻھو آهيون، ني ..... ! ان ڪري وقت کان واندن ماڻھن وانگر ناهيون وڃائيندا ڇا ٻڌئي ٿورو چيو گهڻو سمجهندا “.
صدا جي اکين مان مسلسل لڙڪ لارون ڪري وهي رهيا هئا، ننڍپڻ ۾ جڏهن بہ ڪنھن کان چڙندي هئي يا ڪنھن شيءِ لاءِ ضد ڪندي هئي تہ ساڳي کٽ جي پائي ۾ ٻانھون وجهي ويھي روئندي هئي ۽ ڪيئي پھر، بک اڃ تي پي اکين جو پاڻي هاريندي هئي، جيسين داد فرياد نہ ٿئيس، ضد بہ ايڏو ڪندي هئي جو ماڻھس ڪڏهن جي پرچائي پرچائي ٿڪبي هئس تہ بہ نہ پرچندي هئي، ان دوران ڪوئي ماڻس کان پڇندو هئس تہ هي ڇو ٿي روئي؟ تہ چوندي هئي ”ونواھہ ۾ ويٺي آهي “ گهر ڇڏي وڃڻ جو ڏک اٿس، جيسين ڄڃ نہ ايندس اها اتي ويٺي هوندي ، اهو سڀ ماءُ واتان ٻڌي هوءَ ٽپ ڏيئي اتان اٿندي هئي پر ڪڏهن تہ ڌرڻو ماري ويٺي بہ رهندي هئي جيئن اڄ ويٺي هئي. ننڍي ڀيڻ جيڪا خوف حراس کان گهر موٽي آئي هئي، سندس ٻانھن کي چنبڙي روئي پئي هئي، ”ادي! سڀ ٿا چون تہ ادا حسنين جي دماغ مان گوليون آرپار ٿي ويون آهن ....خبر ٿئي!هن جون ني! اکيون ٻاهر نڪري آيون آهن ۽ رتُ!.... ان کان اڳ جو هوءَ ڪجهہ ڳالھائي صدا ڪروڌ مان کيس پري ڌڪي تيزي سان روئڻ لڳي: هن جي دل چاهيون هو ڌڪ هڻي پوري دنيا کي ئي ڊاهي ڇڏي، اگر سڀ سٺا ماڻھون وڃن ٿا معصوم ماڻھو مرن ٿا تہ پوءِ گندا ماڻھو گند ڦھلائڻ لاءِ ڇو بچن،؟ ۽ اسان جھڙا سوڳوار ڇو رهن، سڀ تباھہ ٿين سڀ مرن “.”صدا ....
اٿ حسنين جو منھن ڏس!.... وري نہ ملندءِ اٿ هن جو منھن ڏسڻ لاءِ، هن کي کڻن ٿا هاڻي !....“ ماڻھس روئيندي اچي کيس ڌونڌاڙيو، ساڻس گڏ ڪجهہ پاڙيواريون بہ آيون هيون.
صدا جي سڏڪڻ ۾ تيزي اچي وئي، ڳوڙهن جو وهڪرو تيز ٿي ويو، بلڪل ائين جيئن ڪنوار تي مائٽن سان موڪلائڻ جو وقت ايندو آ.
اٿ منھنجي ڌيءَ.....!
هوءَ نہ اٿي پئي سگهي ۽ نہ ئي هن ۾ همت هئي جو وڃي حسنين کي ان حالت ۾ ڏسي اچي، بس ٻارن جيان کٽ جي پائي سان چنبڙي پئي هئي تہ متان هو سڀ کيس زوري وٺي نہ وڃن، هت هن جو حسنين ان حالت ۾ هو، جنھن حالت ۾ ڏسڻ لاءِ بہ کيس ايڏي وڏي دل جي ضرورت هئي، جيڏي دل سان هن حسنين کي چاهيو هو.
ماڻھس کيس سڏڻ لاءِ آئي هئي پر صدا جي سڏڪن ۾ کائنس وسري ويو هو تہ هوءَ ڇو آئي آهي هو بہ کيس ڳراٽڙي پائي روئي پئي هئي.
مٿان بيٺل مايون مسلسل پاڻ ڳالھائينديون رهيون ، جيڪي اينديون تہ ڏک ۾ شريڪ ٿيڻ ۽ پرچائڻ لاءِ آهن پر ڳالھيون ٻولھيون ڪري دکايلن جو دک ٻيڻا ڪري ڇڏينديون آهن ) جواني جو موت تہ شل دشمن تي بہ نہ اچي، سو بہ پوري خاندان ۾ اڪيلو سڀني جو نڪ هو ..... توبہن !.... منھنجا تہ کيس ڏسي آنڊا ٿا ڪپجن، مائٽن ويچارن سان تہ ويل هوندو توبہن!.... انسان جي ڪھڙي قيمت رهي آ هن ملڪ ۾ هڪ عورت شد مد سان چيو ائي!... ڏٺئہ!.. دماغ ۾ ڪيڏا نشان آهن، گولين جا؟ اکيون ئي ٻاهر نڪري آيون اٿس، ڏسندي ئي ڊپ ٿوٿئي !... صدا اهو سڀ برداشت نہ ڪري سگهي هوءَ چرين جيان ماين کي نڪري وڃڻ لاءِ دڙڪا ڏيندي رهي مايون ڀڻڪنديون ڪڻڪنديون هليون ويون ۽ سندن پٺيان صدا جي ماءُ بہ ٿڪل وکن سان ويندي رهي هئي.
حسنين وارن جو گهر سدا جي گهر ويجهو ئي هو، ان ڪري ايندڙ سڏڪن ۽ پارن جا تيز ٿيندڙ آواز ان خطري جي گهنٽي هئا تہ حسنين جوبي جان وجود هميشہ لاءِ گهر جي ڇانوءَ مان نڪري مڻ مٽيءَ جي هيٺان دٻجڻ لاءِ اسري رهيو آهي، ٻئي طرف هن جا تنھا سڏڪا ائين پئي لڳا ڄڻ ولر کان پري وڇڙيل گهايل ڪونج جي ڪُڻڪ رڻ ۾ گونجندي هجي.
آخري لمحي جڏهن منھن ڏيکاريو پيئي ويو، تڏهن وري پيءُ صدا کي وٺڻ آيو هو.
”صدا !... حسنين کي کڻن ٿا.... چون ٿا مُنھن ڏسي وڃ... هو کيس گهڻو وقت نہ ٿا رکي سگهن“.
” بابا ...“ چئي هوءَ پيءُ جي سيني ۾ منھن وجهي روئي پئي.
”ڏاهي ٿي پٽ ... (پڻھس سمجهائيندي چيس ) مايون اجايون ڳالھيون ٿيون ٺاهن، سو سٺو نہ ٿو لڳي، هنن کي ڀلا ڪھڙي خبر تہ ثواب خاطر مردي جو منھن ڏسڻ ۽ پنھنجن پيارن عزيزن جو منھن ڏسڻ ۾ ڪيڏوفرق آ .... بس !... اها بہ رسم ٿي وئي آ...سو منھن ڏيئڻو آ.... مان ڏس مرد آهيان ني !مون کي ئي همت نہ ٿي ٿئي تہ هن جو منھن ڏسان،جيڪو هن جو نہ آهي يا پنھنجن هنن جهور ڪلھن سان اهڙي جوان کي ڪلھوڏئي پورائي اچان، پر ائين تہ ڪرڻو ٿو پوي، ماڻھو سچ تہ ڪنھن مجبوريون ڪنھن جون دلي ڪيفيتون سمجهي نہ سگهندا،
اهڙي ماڻھو کي هو عمر ڀر مياريون ڏئي معاف ناهن ڪندا، پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙن موقعن تي خود ماڻھو جي اندر ۾ پڇتاءُ رهجي ويندو آ ۽ هو خود پاڻ کي معاف ناهي ڪري سگهندو، وڌيڪ تنھنجي مرضي آهي“ پڻھس کيس سالڪن جيان سمجهائيندي سمجهائيندي اوچتو چرين جيان ڳالھائڻ لڳو ” هل ني!.... حسنين سان ملڻ .... هو تنھنجي انتظار ۾ اڃا ترسيل آهي، هن کي دير ٿي ٿئي متان هو وکي ميار نہ ڏئي تہ تو هن جو مُنھن ڇو نہ ڏٺو “
گهر جي در وٽ ڪنھن مائٽ پڻھس کي سڏ ڪندي چيو ”جمن هليا دير ٿي وئي آ ڪافي، وڌيڪ دير لاش نہ ٿا ترسائين تہ متان خراب نہ ٿي وڃي، ۽ رت بہ بيھي ئي نہ ٿو“.
هو پنھنجن نيڻن ۾ ڀرجي آيل لڙڪ بنا اگهڻ جي صدا کي اتي ئي ڇڏي پاڻ هليو ويو ۽ صدا جي ذهن ۾ پنھنجي مائٽ جا لفظ رهجي ويا ”خراب نہ ٿي وڃي ۽ رت بہ بيھي ئي نہ ٿو “ کيس اڄ دنيا جي هر شيءِ خراب لڳي رهي هئي، هر لمحو خراب لڳي رهيو هو، کيس ائين لڳي رهيو هو ڄڻ حسنين جي لاش مان نہ ڪائنات جي هر ذري ذري مان رت ڳڙي رهيو هو، آسمان، زمين، آرپار رت ئي رت هو، جنھن ۾ هن جو ساھہ هن جي دل هن جو پورو وجود، ٻڏي رهيو هو ۽ رت جي ٻوڏ۾ هوءَ تارون تار ٻڏي وئي هئي پنھنجي سک ڏک سوڌو“.